مزار شيخ ٽوپڻ
سيوهڻ جي بزرگن مان خدا جو پيارو ٻانهو ٿي گذريو آهي. واهيءَ واري چشمي تي جيڪو شهر کان ٽن ڪوهن تي جبل اندر آهي. ذڪر ۾ مشغول رهندو هئو. مخدوم راهو سندس پٽ قاضي ڏتو ۽ قاضي ادريس هن بزرگ جا همعصر هئا. شيخ ٽوپڻ 10هين صدي هجري جو بزرگ ٿي گذريو آهي. تذڪره مشايخ سيوستاني عبدالغفور حيدر سيوستاني 1039ھ ۾ لکيو. سيوهڻ جي بزرگن جي تاريخي ڪتاب ۾ شيخ ٽوپڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪافي ڪرامتن جو ذڪر پڻ ٿيل آهي. هن بزرگ جي مزار اسٽيشن روڊ واٽر سپلا جي گهٽي جي سامهون واري قبرستان ۾ موجود آهي. مقبرو ڊٺل آهي. چارائي پاسا ديوراون بيٺل آهن. شيخ ٽوپڻ، ميان جلال خاموش جي مزار جي ويجهو آهي.