شخصيتون ۽ خاڪا

سيوهڻ جون تاريخي درگاهون

مير حاجن مير ھڪ وڏي عرصي کان سيوھڻ جي تاريخ ۽ شخصيتن کي ڪتابي صورت ۾ سھيڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ھي ڪتاب پڻ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي. ھي ھڪ تحقيقي ڪتاب آھي جنھن ۾ سيوھڻ شھر جي تاريخ سان گڏ سيوھڻ جي تاريخي درگاھن ۽ شخصيتن بابت لکيل مضمونن تي ٻڌل آھي. ڪتاب ۾ لعل شھباز قلندر، مخدوم بودلي، سيد جمن شاھ جتي ستي سميت 44 درگاھن جو ذڪر آھي.

Title Cover of book سيوهڻ جون تاريخي درگاهون

سيد ثابت علي شاھه ڪربلائي سيوهاڻي

سيد ثابت علي شاھه ڪربلائي سيوهاڻي

سنڌي ٻوليءَ ۾ سيد ثابت علي شاھ ڪربلائي سيوهاڻي سنڌي مرثيه جو وڏو شاعر مڃيو وڃي ٿو. ”سيد ثابت علي شاھ ملتان جي موسوي ساداتن سان تعلق رکندڙ هو. سندس ڏاڏو سيد نور محمد شاھ روحاني رنگ ۾ رنگجي سنڌ پهتو. جنهن کان پوءِ پنهنجي فرزند ۽ ثابت علي شاھ جي والد سيد مدار علي شاھ کي سنڌ ۾ گهرايائين. سيد ثابت علي شاھ جو جنم 1153ھ /1740ع ۾ سيوهڻ شريف ۾ ٿيو“. (1)
سيد ثابت علي شاھ جي ابتدائي مذهبي تعليم پنهنجي گهر ۾ ٿي. والد صاحب کيس توحيد، رسالت ۽ امامت جي تعليم ڏني. پڙهڻ جي عمر کي پهتو ته کيس آخوند عبدالرحمان جي مڪتب ۾ ويهاريو ويو. فارسي جي تعليم آخوند الياس محمد صوفيءَ وٽ ورتائين. مخدوم احسان وٽ عربي جا قاعدا پڙهيو ۽ محمد مراد وٽ عربيءَ جي تحصيل مڪمل ڪيائين ڪلام جي اصلاح غلام علي مداح کان ورتائين. (2)
سنڌ جو نامياروحڪمران ميان سرفراز ڪلهوڙو به ڪلاس ميٽ هيو. ميان سرفراز ڪلهوڙو به غلام علي مداح جو شاگرد هو.
مرثيو خاص ڪري ان نظم کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾حضرت امام حسين اسلام ۽ سندس ساٿين جي شهادت تي ڏک/غم جو اظهار ڪيو وڃي ٿو (3). مرثيو پنهنجي نوعيت جو هڪ منفرد صنف سخن آهي. عرب ايران ۽ هند سنڌ ۾ ڪيترائي بلند پايه شاعر هن صنف ۾ طبع آزمائي ڪري چڪا آهن. انهن ۾ عرب جي خاتون شاعره خنساءِ (وفات 24ھ)، جنگ قادسيه ۾ چئن ڀائرن جي شهيد ٿيڻ تي صدمي ۾ مرثيا چيا. خنساءِ جي مرثيي جو زور بيان ۽ شدت غم مثالي آهي. عربي ۾ اڪثر شاعرن محبوبائن جي وفات تي به مرثيا چيا آهن. مهتمم بن نويره پنهنجي ڀاءُ مالڪ جي قتل ٿيڻ تي مرثيو لکيو. حضرت عمر ان کي پنهنجي شهيد ٿيل ڀاءُ بابت مرثيو لکڻ لاءِ چيو پر اُهو مرثيو اهڙو نه لکي سگهيو. ائين امرءُ القيس ۽ ايام جاهليت جي ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ غم واندوه جو بيان گهڻو آهي. ائين شيخ سعدي بغداد جي تباهي تي مرثيو شهر آشوب لکيو. پر مرثيو جنهن حوالي سان ڄاتو وڃي ٿو سو آهي حضرت امام حسين عليه السلام ۽ قضيه ڪربلا جو ذڪر ڪرڻ ۽ شهادتن تي غم ڪرڻ، مري ويلن جي باري ۾ ذڪر ڪرڻ ۽ اُن جا ڳڻ ڳائڻ عربيءَ ۾ هن صنف کي رثا ٿو چئجي. يورپ جي شاعرن به مرثيا نما لکيا آهن. انهن کي (Elegy) سڏيو ويو آهي. اُهي هي آهن چهرو يا مکڙو ماجرا، سراپا، رخصت يا موڪلاڻي، آمد، رجز، جنگ، شهادت ۽ پار ڪڍڻ. ان کان پوءِ مرثئي جا اهم ڪردار ۽ حسيني جماعت ۽ يزيدي گروھ جو بيان به مرتبي مطابق ايندو آهي. (4)

سنڌي ٻولي جو پهريون وڏو مرثيه نگار شاعر
قديم دور ۾ سنڌي شاعري ڇند وديا تي ڪئي ويندي هئي. ڇند وديا هندستان جو هڪ قديم عروض آهي. عربستان ۾ وري علم عروض تحت لکيو ويندو آهي، ان جا ڪيئي بحر آهن. جيڪي شاعري جي وزن ۾ ڪتب ايندا آهن. سنڌي شاعري ۾ علم عروض جو بنياد 1700 عيسوي ڌاري پيو. جنهن ۾ سچل سرمست ۽ سيد ثابت علي شاھ علم عروض تي لکيو. جنهن ۾ سچل ڇند وديا تي به لکيو آهي ليڪن سيد ثابت علي شاھ علم عروض تي لکيو آهي. ”اهو صحيح آهي ته هن کان گذري ويل ڪيترن شاعرن جو ڪلام بيت وائي ڪافي سان گڏ علم عروض تي به موزون آهي، جن ۾ مناجات (جمن ۽ سرفراز) مولود (عبدالرؤف) ۽ ڪافيون به ڪيترن ئي شاعرن جون عروض موجب آهن. انهن جي خبر ناهي ته علم عروض جي ڄاڻ سبب شعوري طور پنهنجو ڪلام عروض تي موزون هو يا ٻين جو ڪلام پڙهي اُنهن جي تتبع ڪيائون. انهن جي ڪلام ۾ مرثيا، غزل، قصيدا، رباعيون، قطعا، مثنويون ۽ فرد وغيره اچي وڃن ٿا. هن باب ۾ گهڻا شاعر صاحب ديوان به آهن.
دور جي لحاظ کان انهن ۾، جو شاعر، پهرين آهي، اهو ثابت علي شاھ آهي ۽ مرثيه گو شاعر آهي(5). مرثيه جو خاص شاعر سيد ثابت علي شاھ آهي. هن شاعر ئي مرثيي جي صنف تي باقاعده طبع آزمائي ڪئي ۽ ان کي مقبول بنايو. انهيءَ ڪري کيس جديد مرثيه نگاري جو باني چيو وڃي ٿو. (6)
حالات زندگي
دهلي جي مغل شهنشاھ طرفان ڪو نواب1 سنڌ جو مقرر ٿيو هو. سو ٺٽي اچڻ لاءِ جڏهن ملتان مان اچي لنگهيو، تڏهن خوشقسمتيءَ سان سيد ثابت علي شاھ جو ان سان ملڻ ٿيو. نواب کيس پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکي ٺٽي وٺي آيو. نوڪري جي مشغوليءَ سبب هو سيوهڻ وڃي نه ٿي سگهيو، پر جڏهن اهو نواب موصوف ٿيو، تڏهن ثابت علي شاھ سيوهڻ ۾ آيو. سيد ثابت علي شاھ نواب جي نوڪريءَ مان پئسو به چڱي طرح ڪمايو هو ۽ سيوهڻ ۾ سکيو آسودو پيو گذاريندو هو. سيد ثابت علي شاھ جي مشهوري روزمره وڌندي وئي. ڪلهوڙن جي صاحبي وارن ڏينهن ۾ تمام سکيو ستابو گذاريائين. پر ٽالپرن جي حڪومت ۾ اڳئين کان به وڌيڪ مان ۽ عزت نصيب ٿيس. ٽالپرن ڪلهوڙن کان سنڌ فتح ڪئي ته سيد ثابت علي شاھ هڪدم ٽالپرن جي تعريف جا قصا ٺاهڻ شروع ڪيا. ”فتح نامه“ ۽ ”ظفر نامه“ واريون تعريفون مير صاحبن کي اهڙيون پسند آيون جو ميرمراد علي خان ٻين انعامن ڪرامن سان گڏ کيس ماهانه لوازما ۽ نذرانه گهر ويٺي موڪليندا هئا. (7)
شاعري
”سيد ثابت علي شاھ جي مرثين ۾ فصاحت ۽ بلاغت کان سواءِ، مرثيي گوئيءَ وارو حقيقي سوز گداز ۽ درد سمايل آهي. پاڻ سنڌ جي سدا حيات صوفي ۽ شاعر، حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي هن جهان ڇڏڻ کان ٻارهن سال پوءِ پيدا ٿيا. ان زماني ۾، عام شاعري ۾، سنڌي زبان اُهائي ڪم ايندي هئي. جيڪا لطيف سرڪار جي رسالي ۾ لکيل آهي. سيد ثابت علي شاھ اُهو باڪمال شاعر هو، جنهن پنهنجي شاعري جي صنفن مرثيه گوئي غزل گوئي ذريعي پنهنجن همعصرن شاعرن، اديبن عالمن جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻولي جي ڪايا ئي پلٽي ڇڏي. هن سڌي ٻولي ۾ ڪيترائي نوان لفظ، نوان اصطلاح، نيون ترڪيبون، نيون تشبيهون ۽ نوان استعارا ڪم آڻي، سنڌي زبان جي لغت کي ايتري قدرت وسعت ڏني ۽ اُن کي، اُن زماني ۾ ايتري قدر ته معياري بنائي ڇڏيو جو سيد ثابت علي شاھ جي مرثين جي ٻولي غير سنڌي به آساني سان پڙهي ۽ سمجهي سگهندا آهن. اهو سندس ئي ڪمال آهي. (8)
اي خدا جا لاڏلا سردار سرور يا حسين،
مصطفيٰ جا ساھ نيڻن ٺار دلبر يا حسين
مرتضيٰ سنهنجو نپايئي جيءَ برابر يا حسين
ظالمن ناحق رنجاڻيءَ واءُ ٻر ٻر يا حسين.

تنهنجو نالو مصطفيٰ سردار جمله مُرسلن
مرتضيٰ پيءُ تنهنجو شير حق امام انس و جن
قدر تنهنجو ڪربلا ۾ ڪين ڄاتو ڪافرن
وئي مڙي چؤڌاري قهري ڪار لشڪري يا حسين.

هڪڙي ڏينهن توکي نبي پنهنجي ڪُلهي تي چاڙهيو
منجهه مديني ٿي گهميو تو شاھ کئون دلشاد ٿيو
جابر انصاري ڏسي هن حال ۾ توکي چيو
وھ ڀلي گهوڙي چڙهئين اي نيڪ نينگر يا حسين.

تنهنجي وڇڙڻ کئون مديني ۾ قيامت ئي قيامت
روڄ پيو گهر گهر ۾ غمگين ٿيا مڙئي خاص و عام
جڏهن اچي روضي ۾ ناني جو ڏنوءِ روئنيدي سلام
مصطفيٰ چو آءُ دل جا دوست دلبر يا حسين.


اي جگر جاني خدا جا لاڏلا پيارا پسر
وير سئون ويرن جي ويچارا مسافر خون جگر
دشمنن جي دؤر ۾ تو سر لکايو هي سفر
مڙس تي محنت ۾ رهج صابر يا حسين.

نور نيڻن، ٺار ناني ٿي نپايئي ٿي ناز سين
رات ڏينهن تنهنجو رضائون ٿي رکئي سڀ رازيين
ظالمن جي ظلم کئون سنڀرين سفر ساز سين
الوداع هئي هئي نبي جا پٽ يا حسين. (9)
معلوم ٿئي ٿو ته سيد ثابت علي شاھ جو شعر تمام گهڻو چيل آهي، سندس ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
(1) رد الخوارج
(2) شهاب ثاقب
(3) رد المواث
(4) زيارت نامو ( منظوم سفرنامو)
(5) چڻنگ
(6) ڪليات سيد ثابت علي ڪربلائي
(7) جنگ ناما
(8) لڪڙو
(9) چندر بن و مهيار (منظوم داستان) فارسي ،سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندڙ علامه نبي بخش دانش شر
رد الخوارج، شهاب ثاقب، رد لمواث هي ٽئي ڪتاب چيا وڃن ٿا ته فارسي ۾ هيا. پر اهي ڪتاب ناياب آهن. چڻنگ ۽ لڪڙو ۾ ٽوڪ بازي وارو شعر آهي. محمد صديق ميمڻ خانبهادر لکي ٿو :”ته سيد امام علي شاھ صاحب (مرحوم ثابت علي شاھ جي اولاد مان) جنهن اسان کي سيد ثابت علي شاھ جو گنج ڏسڻ لاءِ مليو. تنهنجي به اها مرضي نه آهي ته چڻنگ مان ڪي شعر درج ڪجن. سنڌي هجويه ڪلام جنهن کي ”چڻنگ“ ڪري سڏيندا آهن. تنهن ۾ سيوهڻ جي پڙهيلن تي ٽوڪبازي وارو شعر آهي، جنهن جو هتي تفصيلوار ذڪر ڪرڻ ئي خود شاھ صاحب جي شان وٽان ناهي.“ (10).
”زيارت نامو“ سيد ثابت علي شاھ جو ايران جي زيارتن تي وڃڻ جو منظوم سفرنامو آهي. هي سنڌي ٻوليءَ جو پهريون منظوم سفرنامو چيو وڃي ٿو.
فضل سين ذوالفضل جو ڪلي جميعت ٿي درست
مون مصمم ڪيو به دل عزم طواف ڪربلا
همر ڪاب خسرو دوران به تقريب شڪار
شاھ بندر ڏي ڪشش ڪئي قسمت آب وهوا

منزل اول تي مون سرتي عجب احوال پيو
جن ڏٺو تن کي ٿي حيرت مونتي جهڙا جوش ٿيا
عشق جي آتش اٿي عاشق سمندر ٿيا سندس
برھ جو دونهو دکيو ۽ مچ محبت جا متا.
زيارت نامو (11)
سيد ثابت علي شاھ جو ڪليات هن وقت موجود آهي. جنهن ۾ سنڌي شاعري (مرثيو) فارسي شاعري زيارت نامون به گڏيل اٿس. ڪليات سيد ثابت علي شاھ ڪربلائي سيوهاڻي جي نالي سان مشهور آهي. شاھ صاحب جي شاعري الف اشباع ته اڪثر آهي. الف اشباع ان شاعري کي چئبو آهي جنهن جي سٽ جي آخر ۾ الف جو استعمال هجي.
امام پيارا
لنگهائي وارا
نعرا
خدارا
جيئن مٿي آخر ۾ الف (ا) جو استعمال آهي. ان کانسواءِ وڏن بندن تي شعر چيو اٿس، هڪ قصيدو 516 سٽن جو چيو اٿس جنهن جا 129 بند آهن. هر بند ۾ چار سٽون آهن. ”سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ سيد ثابت علي شاھ نه رڳو مرثيي جو حقيقي رواج وڌو پر مرثيي کي معراج ڏنو ان جا سڀ لوازمات، اوصاف، اخلاقيات، شجاعت، دليري، بيباڪي، برداشت، صبر و رضا، جنگ جو نظارو، مناظر، قدرت، جز خواني، گھوڙي سواري تلوار، زرھ، هجر، غزليات، مطلب ته رڪ وهندي راند ۾ سمورو نظام بهترين، مناسب ۽ موزون لفظن ۾ ڏنو ۽ سنڌي زبان کي لفظي مفعولي، موتين سان مالا مال ڪيو، سندس مرثيا نه رڳو سنڌي ادب ۾ هڪ نئين صنف جو اضافو ثابت ٿا، بلڪ واقع ڪربلا جي ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ سندس مرثيا اڃان تائين سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مجلس توڙي ماتمي جلوسن ۾ پڙهيا وڃن ٿا. (12)
ڪربلا ۾ هاءِ يارو هاءِ هاءِ
ٿي قيامت دوستدارو هاءِ هاءِ
چئي علي جو پيارو حيدر هاءِ هاءِ
هاءِ يارو هاءِ يارو هاءِ هاءِ

ڪربلا ۾ شاھ ماريو هاءِ هاءِ
ڪربلا ۾ شھه سڌاريو هاءِ هاءِ
روئي عابد جڳ رئاريو هاءِ هاءِ
هاءِ يارو هاءِ يارو هاءِ هاءِ

واھ ثابت ڪربلائي تنهنجا بخت
ڪربلا شهر جا ڏٺا تو تاج و تخت
مرثيا تنهنجا به سڀ دل سوز سخت
هاءِ يارو هاءِ يارو هاءِ هاءِ
(13)
سيد صاحب پنهنجو مٽ پاڻ آهي سندس مرثين ۾ واقع نگاري ۽ ڪردار نگاري جا تمام سٺا مثال ملن ٿا. جن ۾ وڏيون ادبي خوبيون سمايل آهي. مير خليل ٺٽوي کيس نازڪ بياني جو سمنڊ سڏيو آهي (14). سيد ثابت علي شاھ جي وفات 1225ھ 1810ع تي سيوهڻ شريف ٿي، سندءِ سيوهڻ جي ڪربلا واري ميدان ۾ دفنايو ويو، شاھ جي مٿان مقبرو ٺهيل آهي، سندس ڏاڏي نورمحمد شاھ جي مزار سندس مزار جي چند قدمن تي اولهه طرف آهي. سيد ثابت علي شاھ جي مقبري جي اندر مزار سيد پريل شاھ جي آهي. سيد پريل شاھ دودائي ضلع لاڙڪاڻي جو اصل رهاڪو هيو، شاھ صاحب جي شاعري جو معتقد هو.
جڏهن ڪنهن جي زبان تان سيد ثابت علي شاھ جو شعر ٻڌندو هو ته زارو زار روئيندو هو ۽ وصيعت ڪئي هئائين ته مان جڏهن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃان ته مونکي سيد ثابت علي شاھ جي ڀر ۾ رکيو وڃي. سندس وفات 63-1962ع ڌاري ٿي آهي. آخر ۾ وصيعت موجب شاھ صاحب کي ڀر ۾ مدفون ڪيو ويو. (15)
ڪربلا جي قتل جي ڪر ڪا خبر اي آسمان
ڪيئن ڏٺئي نيزن چڙهيا شاهن جا سر اي آسمان

هي خدا جا قطب تارا عرش ڪرسي جُڙاءُ
هي رسول الله جا شمس و قمر اي آسمان

مرتضيٰ مولا جا هي سر ساھ هي منهن نور عين
فاطمه زهرا جا هي جاني جگر اي آسمان

هي سرن کي نت نبي صلوات جا بخشا ثواب
هن جي پارت ڪيائين جا جن و بشر اي آسمان

هن منهن تي مرتضيٰ مصعف پڙهي دم ڪيو مدام
هي علي شير خدا جا شير نر اي آسمان

فاطمه فردوس ۾ اڄ تن جي ماتم ماتمي
منهن پٽيا ملڪن ۽ حورن ڪيا حشر اي آسمان

فاطمه فريادي ماريا اڄ يزيدن قهر ڪيا
فاطمه فريادي اڄ دوار جي در اي آسمان

جڏهن علي اصغر ڏٺئي ٿي تير سين تڙلين ترڇو
ڇو نه ان جي تير جي تون ٿين سير اي آسمان .(16)
شاھ صاحب جي شاعري هڪ مذهبي فرقي سان لاڳاپو رکي ٿي. ڪنهن به شاعري لاءِ اهو نه ٿو جڳائي ته ڪنهن کي گهٽ ڪري ڪنهن کي وڌ ڪري. شاعري کي دنيا جي سڀني انسانن جو خيال هئڻ گهرجي، سڀني کي هڪجهڙو سمجهڻ گهرجي.
شاھ صاحب جي شعر ۾ ٻولي جي لساني آهي. سنڌي ٻولي جو خدمتگار نظر اچي ٿو، ان دور ۾ فارسي جو رواج گهڻو هئو. ان کان ٿورو ئي اڳ لطيف سرڪار چيو هو ته :
”جي تو پارسي پڙهئين ته تون گولو ۽ غلام“
سيد ثابت علي شاھ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکي، فارسي سان گڏ سنڌي لکي، هن وقت فارسي وارو شعر اهميت وڃائي چڪو آهي ۽ سنڌي شاعري سيد ثابت علي شاھ کي اڄ به جيئرو رکيو ويٺي آهي. وقت جي حڪمرانن سان شاھ صاحب جا گهر تعلقات رهيا. انهن جي درٻار ۾ حاضريون ڏيندو رهيو، مرثيو جو سوز، ڏک، احساس، جذبات سان ڀريل آهي. اهو مومنن جون دليون ٺاريندو رهي ٿو.

مددي ڪتاب ۽ حوالا
(1) بخاري مخمور ڊاڪٽر،”قلندر ۽ قلندري فڪر“، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2014ع ص 50
(2) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي تاريخ“، جلد ٻيو سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد 2004ع ص 273
(3) چانڊيو ميان مير، سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي هڪ نظر، روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 2007ع ص 118
(4) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، سنڌي ادب جي تاريخ، جلد ٻيو سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد2004ع ص 274
(5) حوالو ساڳيو ص 272
(6) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2002ع ص 109
(7) ميمڻ محمد صديق خانبهادر، ”سنڌي جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2014ع ص 157/158/159
(8) مرزا انجم الحسن (مرتب)، رڻ گجيو راڙو ٿيو ڪليات سيد ثابت علي شاھ ڪربلائي، ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد 2000 صفحو3
(9) مرزا انجم الحسن حوالو اڳ آيل آهي. ص 71-72
(10) ميمڻ محمد صديق خانبهادر، سنڌ جي ادبي تاريخ، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2014ع ص 160
(11) مرزا انجم الحسن حوالو اڳ آيل آهي. ص 322
(12) سيوهاڻي ٻرڙو خير محمد، سيوهڻ صدين کان، مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف 2009ع ص 320
(13) مرزا انجم الحسن حوالو اڳ آيل آهي. ص 254
(14) وگهيو نياز، (مرتب) سيوهڻ تاريخ جي آئيني ۾، سرجڻهار پبليڪيشن 2011ع ص 186
(15) مير حاجن مير، ”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون“، سچائي اشاعت گهر حيدرآباد 2004ع ص 68
(16) مرزا انجم الحسن حوالو اڳ آيل آهي. ص 269