مخدوم بصر الدين صديقيرح سيوهاڻي
حضرت ابوبڪر صديقرضه جي نسبي سلسلي مان رڪن الدين عرف مخدوم بصر الدين ولد مخدوم بصرالدين ولد مخدم احمد صديقيرحه 29 رمضان المبارڪ 1282ح مطابق 17 سيپٽمبر 1865ع تي سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏو مخدوم محمد وڏو عارف ۽ ڪامل بزرگ هو، جنهن جو سلسله عمل ۽ فيض دور دراز زماني تائين هشت پشت ۾ مسلسل قائم هو (1).
تعليم
حضرت بصر الدينرح ابتدائي تعليم ۽ عربي فارسي پنهنجي ڏاڏي ”محمد“ کان حاصل ڪئي. جڏهن ته ان علم جي تڪميل پنهنجي عزيز، مجدد ۽ محقق، مفتي اعظم، قاضي القضاه شيخ الوقت، فقهه الفقهاءِ في السند حضرت مخدوم حسن الله پاٽائي الصديقي (رحمت الله المتوفي 1920) کان ڪئي. پاڻ انگريزي تعليم بمبئي يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. سندس ذهانت ته پينگهي ۾ ئي پڌري ٿي چڪي هئي. سڀاءُ جو حليم هجڻ جي باوجود طبيعت ۾ تجسس گهڻو هوندو هئس. ذهين هئڻ ڪري هميشه ذهن کوجنا ۾ رڌل رهيس ٿي، منجهس اجتهادي قوت به اتم درجي جي موجود هئي. سرڪاري ملازم به رهيا. ڪجهه عرصو مختيار ڪار ٿي رهيا. کيس (Evidence act) گهڻي ڀاڱي ياد هوندو هو. (2)
سنڌ جو ناميارو اديب قومپرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته: ”ڪيترائي ماڻهو سندس علمي گفتگو ٻڌڻ ۽ دعا وٺڻ لاءِ وٽس ويندا هئا. آءُ به هڪڙو هوس. مون سان گهڻي محبت هوندي هيس. مون کيس ٻه ٽي دفعا عرض ڪيو ته دعا ڪريو ته سياسي مها ڄار مان نڪري حق جي راھ ڳولڻ طرف راغب ٿيان، هن دفعي اهو جواب ڏنائين ته تنهنجي سياسي زندگي به عبادت آهي. تنهن ڪري ان مان نڪرڻ نه گهرجئي“. (3)
معلوم ٿئي ٿو ته موصوف نه فقط ديني علوم جي فاضل شخصيت ۽ علم و عرفان ۾ يگانو هو. پر ان سان گڏو گڏ هو جديد علوم جو پڻ ڄاڻو هو. سندس انگريزي ٻوليءَ جي صلاحيت ايتري ته سرس هئي جو فرنگي ٻولي ۾ شاعري به ڪندو هو. انگريزي ۾ سندس چيل ڪيئي سوَ شعر موجود آهن. مخدوم صاحب جي هڪڙي ٻي اهم وصف جنهن ۾ هو پنهنجي همعصر شخصيتن کان نمايان هو. ان موضوع تي سندس لکيل البصائر ڪتاب فلسفي جي دنيا جو اهم ڪتاب شمار ٿئي ٿو. (4)
سنڌ جو ناميارو اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته: ” سنڌ ۾ مخدوم بصر الدين پهريون عالم هو جنهن کي اسلامي ۽ مغربي علوم ۾ دسترس هئي. کانئس پوءِ اها علمي فضيلت ۽ عظمت علامه آءِ آءِ قاضي کي عطا ٿي“. (5)
غلام رباني آگرو لکي ٿو ته : ”حاجي مولابخش سومرو (شهيد الله بخش سومرو جو ڀاءُ) مونکي ٻڌايو ته حڪيم بصر الدين عربي ۽ انگريزي جو وڏو عالم هو. اهو ٻڌي شوق ٿي پيم ته سندس ڪتاب پڙهان. سيوهڻ ۾ حڪيم بصرالدين جي اولاد مان حڪيم محمد مراد سان وڃي مليس پاڻ قرب ڪري، حڪيم بصر الدين جو هڪ عربي ڪتاب مون کي ڏنائين. عربي مون کي ڪانه اچي سو مون اهو ڪتاب حيدرآباد ۾ عربي ۽ سنڌي ڄاڻندڙ هڪ بوري بزرگ کي ترجمي لاءِ آڇيو، ته مهراڻ ۾ ڇپائيندس، بوري بزرگ جيڪا رقم گهري ان جي ادا ڪرڻ جي مون ۾ طاقت ڪانه هئي. حڪيم صاحب جي ڪتاب پڙهڻ جي حسرت دل ۾ رهجي وئي. اوچتو مونکي ياد آيو ته سنڌي ادبي بورڊ جي لائبرريءَ ۾ خدا جي وحدانيت تي انگريزي ۾ ٽائيپ ٿيل هڪ مقالو ڏٺو هئم. اهو مقالو مون لاءِ هميشه ڪشش ۽ مونجهاري جو باعث رهيو، ڇو ته مٿس مصنف جو نالو لکيل ڪونه هو، ”حاجي صاحب جي ڪاپي“ مونکي اچي شڪ جاڳيو ته اها پڪ ئي پڪ حڪيم بصر الدين جي تحرير هئي ۽ حاجي صاحب مان مراد حاجي مولابخش سومرو هو. اڃا جو جانچ لڌم ته منهنجي گمان جي سورنهن آنا تصديق ٿي، پر ان وچ ۾ مان سنڌي ادبي بورڊ ڇڏي آيو هئس. ائين ڀانيم ته حڪيم صاحب جي تحرير پڙهڻ جي سعادت منهنجي قسمت ۾ ڪانه هئي. (6)
حڪمت
مخدوم بصر الدين سيوهاڻي مخدوم صاحب پنهنجي ڏاڏي وانگر علاج در حق بعضي ڪڏهن اهڙا ڪرشما ڪري ڏيکاريندو هو، جو هر ڪو حيرت ۾ پئجي ويندو هو. تاريخ ۽ سياست جو به وسيع مطالعو ڪيو هئائين، ديني، روحاني ۽ طبي علوم کان علاوه علم جفر، نجوم ۽ ڪيميا سيميا جو به وڏو ماهر هو. اهڙي طرح تصنيف ۽ تاليف جي سلسلي ۾ سندس عربي ڪتاب شاندار حيثيت رکن ٿا. (7)
مخدوم صاحب کي طب سان فطري لڳاءُ هو. ڪن حالتن ۾ سندس علاج ڪرامتن جهڙا ڪرشما ڏيکاريا، ”زمرد اخضر“، ”طب اڪبري“ ۽ ”مفروات سودي“ جهڙا ناياب ۽ ڪامياب نسخا وٽس موجود هئا. جنهن جي وسيلي لاعلاج مريض به وٽانئس شفاياب ٿيندا رهيا. انهيءَ نيڪيءَ مخدوم صاحب جو نالو ڏيهان ڏيھه پڌرو ڪيو، ڪوڙھ، بگُ، گردي جي سور جو وٽس بي مثال علاج هو. (8)
حيڪم بصر الدين وٽ ڪيئي غريب امير، حڪمران دعا ۽ دوا لاءِ ايندا رهندا هئا. سستو علاج ڪندو هئو، سندس حڪمت سنڌ کان ويندي بلوچستان تائين به ڇانيل هئي. سردار بهادر خان گولو به بلوچستان مان اچي دعا ۽ دوا وٺندو هئو.
مخدوم بصر الدين صديقي وٽ سردار واحد بخش ڀٽو، سائين جي ايم سيد، حاجي مولابخش سومرو، ڪريم بخش چنا، مير علي نواز علوي لاڙڪاڻوي، سرشاهنواز ڀٽو (شهيد ذالفقار علي ڀٽو جو والد) ٻيا ڪيئي دعا لاءِ سيوهڻ ايندا هئا.
سندن همعصر ويجهڙا تعلقات رکڻ وارو به کوڙ هئا. تاج محمد امروٽي، مفتي عبدالغفور همايوني مفتونرح، مولوي غلام احمد ملڪاڻي، مرحوم غلام حيدر صديقي قريشي هالائي ٻين ڪيترن بزرگن، عالمن، علمائن سان واسطا هئا. جي ايم سيد لکي ٿو ته:
”پاڻ هڪ اهڙي دوا تيار ڪئي هئائين، جنهن جي کائڻ سان زندگي تمام وڏي ٿي ويندي ، پر کيس خيال آيو ته ايئن ڪرڻ سان ماڻهن کي موت جو خوف لهي ويندو ۽ وڏي عمر جي ڪري ڏک ۽ تڪليفون ڏسڻيون پونديون ۽ بيروزگاري وڌي ويندي. ان ڪري اها دوا، اڇلائي ڇڏيائين ۽ نسخو ڦاڙي ڇڏيائين. چيائين اها ڳالهه (مشيت ايزدي) جي خلاف آهي“. (9)
ڪتاب ۽ شاعري
البصائر
مصنف هن ڪتاب جو نالو ”البصائر“ پنهنجي نالي بصر الدين جي مناسبت سان رکيو. بصائر جمع آهي ”بصيرة“ جنهن جو بنيادي ”اشتقاقي“ مادو ”بصر“ ئي آهي. بصيرت جي معنيٰ حقيقت کي ڄاڻڻ، سڄاڻن جي نرت، نظر ۽ پروڙ آهي. (10)
سندس ڪتاب ”البصائر“ مان جيڪو فلسفيانه نظريات جي ڪليات جو تت ۽ مختصر خلاصو لکيو اٿن، سندن فلاسافي جو معيار جو اندازو ٿئي ٿو ۽ اها به ڄاڻ ٿي ته کين قديم فلسفانيه نظريات ۽ معقولات متعلق ڪيتري نه معلومات هئي. ان کان علاوه ابن سينا جي ڪتاب تي سندس حاشيا وڏا قيمتي آهن، جئين ”القانون“ الجزءُ الاول ۽ الثالث تي لکيل سندس حاشيا اڄ به موجود آهن. (11)
مخدوم بصرالدين سيوهاڻي انگريزي ٻولي جو به ڄاڻو هو. سندس کي شاھ عبدالطيف ڀٽائي ۽ شيڪسپيئر جي شاعري سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي. شيڪسپيئر جي شاعري جي طرز تي پاڻ انگريزي زبان ۾ به شاعري ڪيائون، ان کان علاوه انگريزي ۾ ڪيئي مضمون به لکيائين. عربي زبان تي به عبور هئس، پنهجو مشهور ڪتاب البصائر به عربي زبان ۾ لکيائين. سنڌي زبان ۾ به شاعري ڪيائون.
مٺو محمد مرسل، معراج ٿيس مان،
رب مليس روبرو، ٻيو نه ڪنهنجو شان،
کيڪاريو خوشيءَ مان، کيس مالڪ مهربان
ٿيون ڳجهه اندر ڳالهڙيون ڪل پئي ڪنهن ڪانه
دان گهران ٿو تو دان، ڏي تون ئي ڏي دان
ٿيو احمد تي احسان، ڪهڙو بصرالدين بيان ڪري (12)
”مخدوم بصر الدين هن پويئن زماني جو، جنيد بغدادي، امام غزالي، ابن رشد اندلسي ۽ شاھ ولي الله دهلويرح جهڙن جيد عالمن، بزرگن ۽ ڪماليت جي صاحبن جي فضيلت ۽ ڪماليت جو جامع هو، سندس حافظو ايترو ته تيز هو، جو پڇاڙيءَ تائين ڪتابن جا نالا ته ٺهيو، پر صفحا به برزبان ياد هوندا هيس. (13)
سنڌ جي ناليوار ليکڪ محمود مغل جو والد صاحب نورمحمد مغل مخدوم بصر الدين جي خدمت ڪندو هو، هر وقت ان وٽ ويٺل هوندو هئو. مخدوم بصر الدين صديقي، عربي، انگريزيءَ سنڌي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. البصائر مان لکت جو نمونو ڏجي ٿو:
”اما بعد! هي منهنجي مقالي جو ٽيون مسودو آهي، جيڪو مون هن نظريي جي سمجهائڻ لاءِ لکيو آهي ته علاج معالجي ۾ اصل شئي عارضي جي سبب جو خاتمو آهي، جيئن ته مقالو طويل هو. ان ڪري هينئر ان کي مختصر ڪري پيش ڪيو اٿم، جيڪو الله تعاليٰ جي مدد سان پنهنجي (پڙهندڙن) سان ڪتاب جو نالو ”البصائر“ رکيو اٿم. منهنجو رب ئي سئين واٽ توفيق ڏيندڙ آهي. آءٌ ان کان ئي مدد پنان ٿو.
بصيرت: توهان کي ڄاڻ آهي ته هر شئي جو وجود سندس ذات کان آهي، يا ان جو وجود سندس ذات کان نه آهي، پهرئين قسم جو وجود ظاهر به آهي ته باطن به آهي ۽ هر شئي کي ڄاڻندڙ به آهي ۽ جيڪا شئي ائين نه آهي، ان جي ذات يا ته عدم ۽ فنا جي تقاضا ٿي ڪري. ان صورت ۾ ان جو وجود يا ته ممڪن نه هوندو يا ان جو وجود ممڪن هوندو. يعني ان جي وجود ۽ ان جي عدم وار ٻئي پاسا هڪجهڙا هوندا.
بصيرت: مٿي جيڪو (اصول) ڄاڻايوسين، ان ۾ اوهان غور ڪندا ته هن حقيقت تائين پهچي ويندا ته جنهن ممڪن شئي جي ذات وجود ۽ عدم ۾ هڪجهڙائي آهي، اها ڪنهن نه ڪنهن ترجيح ڏيڻ واري سبب جي ضرور محتاج آهي. ڇاڪاڻ ته ٻنهي پاسن ۾ برابري يعني عدم کان بعد ۾ وجود يا وجود کان بعد ۾ عدم اهڙو معاملو آهي، جيڪو محال ۽ مشڪل آهي.
بصيرت: ڪنهن ممڪن شئي جي ٻن هڪجهڙن پاسن مان هڪ پاسي جو ٻئي پاسي جي ڀيٽ ۾ رائج هجڻ، بلڪل اهوئي ”سبب“ آهي ۽ ان کي ”سبب“ هن ڪري چئجي ٿو ته جو ان جو وجود ٻي شئي راءِ لام ملزوم جي حيثيت رکندو آهي ۽ وري ان شئي کي ”مسبب“ يا ”معلوم“ ٿو. (يعني اها شئي جيڪا ڪنهن ڪارڻ يا سبب ڪري وجود ۾ آئي هجي.“ (14)
هن مقالي جو لکندڙ حيران آهي ته هن کان اڳ ڪنهن مولوي صاحب جو اهڙو فلسفانه بيان ڪٿ نه پڙهيو آهي. ڪائنات يا مالڪ حقيقي جو ڪنهن سبب جي ڪري ظاهر ٿيڻ. وجود ۾ اچڻ فلسفيانه انداز ۾ سمجهايو ويو آهي.
وصال
سيد قطب الزمان، باعمل فاضل بزرگ، حڪيم، صالحين جو صالح جاءِ نشين، پرهيزگار، خليق، خوش مزاج، سخي، سچار، ايماندار، نيڪ نيت ۽ خدا ترس 73 سالن جي ڄمار ۾ اڱاري جي آڌيءَ رات 8 ذالقعد 1356ھ 11 جنوري 1938ع تي قاضي محلا سيوهڻ وفات ڪري ويو. سندس تربت اباڻي قبرستان (لڳ ڇٽو امراڻي) سيوهڻ ۾ آهي. (15) اباڻي قبرستان ۾ ٻيا خاندان جا بزرگ مدفون ٿيل آهن، مخدوم محمد، مخدوم عارف، قاضي محمد مراد، پروفيسر فتح الله صديقي جي وفات 2016ع پڻ هن قبر قبرستان ۾ مدفن آهي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي لکي ٿو ته :
”نهايت دلي درد ۽ قلبي قلف سان هي خبر معلوم ڪئي ويندي ته علوم اسلاميه جو آفتاب عالمتاب سنڌ مان غروب ٿي ويو، يعني حضرت بابرڪت قطب الزمان مخدوم دوران عالم باعمل فاضل بي بدل، مخدوم قاضي ميان بصرالدينرح گذريل هفتي سيوهڻ شريف ۾ وفات فرمائي. پنهنجي پسماندن ۽ متعلقين کي داغ مفارقت ڏيئي ويو. حضرت مخدوم صاحب جو وجود مسعود نادره روزگار هو. پاڻ فنون مشرقيه و مغربيه جا بي نظير فاضل ۽ علوم عقليه و نقليه جا بي مثل عالم هئا. سندن زندگي جو وڏو حصو خلوت ۽ ياد الاهي ۾ گذريو، پاڻ وڏا حڪيم ۽ زبردست فيلسوف هئا. پاڻ انگريزي جا زبردست ماهر هئا. پاڻ عربي جا صاحب تصانيف عالم هئا. سندن بزرگ هستي مجسم فيض و برڪت هئي، سندس صحبت زنگ باطل لاءِ هڪ صيقل هئي. پاڻ هن زماني ۾ سلف صالحين جو بهترين نمونو هئا. پاڻ اجتهادي قوت ۽ استنباطي ملڪ جا ماهر هئا. پاڻ صاحب الراءِ ۽ صاحب راءِ هوندا هئا. سنڌ ۾ ته سندين صفات جو ڪو بزرگ ڪونه هو پر هندستان ۾ ڪو شاذو نادر هوندو. (16)
مخدوم بصرالدين وٽ فلسفي جي وڏي ڄاڻ هئي. پاڻ علمن جو ماهر هو، حڪمت ۾ به سندس ڪو مٽ ڪونه هئو. سنڌ جو جيد عالم هو. قلندر لعل شهباز جي شهر جو رهواسي هو. هي به هڪ قلندر هو جنهن سرڪاري نوڪري ڏي، ملڪيت کي به ڌڪاريو، سادي طبيعت جو مالڪ هو، دعا به ڪندو هوته، دوا به ڪندو هو. هن ماڻهوءَ تي جيترو لکجي اهو گهٽ آهي.
حوالا ۽ مددي ڪتاب
(1) ميمڻ عبدالغفور سنڌي، عظيم سنڌي انسان، ماڊرن بڪ اسٽور لاڙڪاڻو، 1980ع صفحو 289
(2) مخدوم سليم الله صديقي، (مرتب) مخدوم بصرالدين صديقي جي سوانح ۽ رسالو، اداره پاٽ هائوس حيدرآباد 2003ع صفحو 25
(3) جي ايم سيد، ”جنب گذاريم جن سين“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2009ع صفحو 34
(4) مخدوم سيلم الله صديقي، مرتب مخدوم بصرالدين صديقي حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 19
(5) مخدوم سيلم الله صديقي، مرتب مخدوم بصر الدين صديقي حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 4
(6) آگرو غلام رباني، حصو ٻيو جهڙا گل گلاب جا سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2007ع صفحو 309
(7) مخدوم سليم الله صديقي، مرتب مخدوم بصرالدين سوانح ۽ رسالو حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 45
(8) مخدوم سليم الله صديقي، مرتب مخدوم بصرالدين سوانح ۽ رسالو حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 46
(9) جي ايم سيد، جنب گذاريم جن سين، حوالو اڳ آيل آهي صفحو 34
(10) مخدوم سيلم الله، (مرتب) مخدوم بصرالدين حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 5
(11) مخدوم سليم الله (مرتب) مخدوم بصرالدين رسالو حوالو اڳ آيل آهي. 30
(12) سيوهاڻي ٻرڙو خير محمد ”سيوهڻ صدين کان“ مراد پبليڪيشن سيوهڻ 2009ع سفحو 380
(13) ميمڻ عبدالغفو سنڌي، عظيم سنڌي انسان، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 291
(14) سيلم الله صديقي، مخدوم بصرالدين جي سوانح ۽ رسالو حوالو اڳ آيل آهي صفحو 2
(15) سيوهاڻي ٻرڙو، خيرمحمد سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 382
(16) سيلم الله صديقي مرتب مخدوم بصرالدين جو رسالو صفحو 49.