شخصيتون ۽ خاڪا

سيوهڻ جون تاريخي درگاهون

مير حاجن مير ھڪ وڏي عرصي کان سيوھڻ جي تاريخ ۽ شخصيتن کي ڪتابي صورت ۾ سھيڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ھي ڪتاب پڻ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي. ھي ھڪ تحقيقي ڪتاب آھي جنھن ۾ سيوھڻ شھر جي تاريخ سان گڏ سيوھڻ جي تاريخي درگاھن ۽ شخصيتن بابت لکيل مضمونن تي ٻڌل آھي. ڪتاب ۾ لعل شھباز قلندر، مخدوم بودلي، سيد جمن شاھ جتي ستي سميت 44 درگاھن جو ذڪر آھي.

Title Cover of book سيوهڻ جون تاريخي درگاهون

مخدوم ڇٽو آمراڻيرح

مخدوم ڇٽو آمراڻيرح

مخدوم ڇٽي آمراڻي جي پيءَ جو نالو عمران هو، ان ڪري کيس آمراني سڏيو ويندو هو. عمران ٿهيم قوم مان برهمڻ آباد جو حاڪم هو(1). دلوراءِ اروڙ شهر جي ويراني کان پوءِ انهيءَ شهر (برهمڻ آباد) ”ڀانڀرا“ ۾ رهڻ لڳو هو. کيس ڇٽي نالي هڪ ڀاءُ هو، جنهن جو لقب آمراڻي هو، (2) ڇٽو ولد ”آمر“، دلوراءِ جو ننڍو ڀاءَ هو، راھ هدايت جي طلب ۾ مجاز مقدس روانو ٿيو ۽ اتي هڪ قاريه خاتون جيڪا صاحبه جمال هئي ان سان نڪاح ڪيائين پوءِ سنڌ ۾ موٽي آيو. سندس ڀاءُ، جيڪو نهايت ظالم هو، تنهن پنهنجي، هن ڀاءُ جي زال تي طمع جي نظر وڌي، ڇٽي کي ڏاڍو ڏک ٿيو صدمو پهتو، نيٺ پاڻ ۽ پنهنجي پاڪ دامن گهر واريءَ سميت ، سندس شهر کي ڇڏي سيوهڻ وڃي رهائش اختيار ڪيائين (3) ڇٽو آمراڻي اصل ۾ سنڌ جي راءِ گهراڻي جو امير هو (4) ڇٽو فطرتن نيڪ طبع شخص هو. ان زماني ۾ سنڌ ۾ عباسي خاندان جي گورنرن جي حڪومت هئي، جنهن سبب ڪري هن اسلامي عقائد سکي ورتا، ۽ پوءِ هو مخفي طور مسلمان ٿي ويو (5) سندس والده جو نالو ”آمره“ هو جنهن پٺيان آمراڻي سڏ جي ٿو (6)
معلوم ٿئي ٿو ته ڇٽو آمراڻي پهرين غير مسلم شخص هو. ننڍي عمر ۾ ئي اسلام ڏي راغب ٿيو ۽ اسلام قبول ڪيائين، قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪيائين، سعودي عرب به ويو، اُتي وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين، شادي به اتي ڪيائين پوءِ واپس سنڌ آيو.
جڏهن ته عالمن فاضلن، ’تحفته الڪرام‘ ۾، امراني،’معيار طريقت سالڪان’ ۾ امراني، تاريخ طاهري ۾ ، امراڻي، ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾ امراني، ’تذڪره مشايخ سيوستان‘ ۾ عمراڻي، ’سيوهڻ صدين کان‘ آمراڻي لکيو ويو آهي. ڇٽي جي والد صاحب جو نالو ”آمر“ هو ان ڪري ٿي سگهي، آمراڻي سڏيو ويو. مخدوم ڇٽي جي والد صاحب اسلام قبول ڪيو هوندو، ان کانپوءِ ان کي عمران سڏيو ويو هوندو، لفظ آمراڻي صحيح آهي وقت جي حالتن، جي ڦير گير ڪري هاڻي عمراڻي ٿي ويو آهي. هاڻ سڀڪو ان کي عمراڻي ئي سمجهي ٿو. پر اصل لفظ آمراڻي ئي آهي.
هتي ڪڏهن (دلو راءِ ڇٽي جو ڀاءُ) جي حڪومت هوندي هئي. جيڪو ايڏو ته ظالم ۽ زاني هو، جو هر رات سهڻي ڇوڪري پاڻ وٽ ٿي رهايائين. هندستان جا سوداگر (واپاري) جڏهن ٻيڙي ۾ هتان اڪرندي ديبل بندر ڏانهن وڃڻ جي ڪندا هئا ته دلوراءِ جي حڪم مطابق راهداري جي بهاني زوري انهن کان مال جو اڌ حصو وصول ڪيو ويندو هو. انهيءَ زيادتي جي ڪري سوداگر ڏاڍي آزار ۾ هوندا هئا. (7)
دلوراءِ کي بڇڙن افعالن ڪري، سندس زندگي ۾ ننگ ۽ عار جو چٽو سندس پيشاني تي لڳو، اروڙ جي ويراني ۽ ڀانڀرا جي بربادي سندس ظلم جي هٿان ۽ سندس ذات بد نهاد جي نحوست کان ٿي جنهن جي صورت ۾ ٻئي احوال عبرت جا نشان آهن. (8)
”عباسي دور 132ھ 749ع ڌاري شروع ٿيو، هنن جو مرڪز بغداد هو ۽ پاڻ کي عباسي خليفا چورائيندا هئا. شروع کان وٺي ساداتن ۽ هنن جو جنگيون ٿينديون هيون ۽ رعيت ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي عباسين اروڙ مان گادي جو هنڌ مٽائي منصوره ۾ قائم ڪيو ۽ سيوهڻ ان جي ماتحت رهيو سيوهڻ جا رکوالا منصوره کان مقرر ٿيڻ لڳا. (9)
دلوراءِ پنهنجي دور جو ظالم حڪمران هيو، هر عام ماڻهو کي انصاف ملڻ مشڪل هيو. ”ظلمن کان تنگ ٿي ڇٽي آمراڻي عباسي خليفي کي دانهن ڏني جنهن سندس درخواست قبول ڪندي سامراه (عراق) ۾ رهندڙ بزرگ سيد علي مڪي کي هڪ سئو عالمن ۽ حافظن سميت سنڌ ڏانهن ڏياري موڪليو، بزرگ تبليغ ڪندو ، جبل جو لڪ پار ڪري اچي سيوهڻ جي قريب لٿو، جنهن جاءِ تي ويٺو اتي ڪجهه ٻيا ماڻهو سندس تبليغ مان نصيحت پرائي گهر ٺاهي ويهي رهيا. اها لڪ جي نسبت سان لڪعلوي ۽ بعد ۾ لڪي شاھ صدر جي نالي سان مشهور ٿي. (10)
راجا دلو راءِ ان ڏينهن ۾ سيوهڻ ۾ آيل هو. ان کي سيد علي مڪيءَ تبليغ ڪري نصيحت ۽ هدايت ڪئي ته ظلم ڪرڻ چڱو ناهي بادشاھ کي عدل ۽ انصاف سان هلڻ گهرجي. دلوراءِ ته اهڙو اثر ٿيو، جو هن توبهه ڪري ظلم ترڪ ڪيا. پنهنجي ڌيءَ مسلمان ڪري سيد علي مڪيءَ کي پرڻائي ڏنائين. سيد علي مڪيءَ کي ان بيبي مان ڪافي اولاد پيدا ٿيو، جن مان پڻ بزرگ ٿيا جيڪي لڪياري سادات جي نالي سان مشهور آهن. (11)
سيد جي اولاد مان چار قبيلا ٿي ويا هڪ قبيلو ڳوٺ آمر ۾ رهڻ لڳو جو دلوراءِ جي پيءُ آمر جي نالي سان منسوب هو (12). اهو ڳوٺ اڃا تائين آمري سڏجي ٿو. آمريءَ جو دڙو تمام قديم آهي. جنهن مان لڌل شيون موهن جي ڌڙي جيتريون قديم چيون وڃن ٿيون.
مخدوم ڇٽي آمراڻي پنهنجي ڀاءُ جي ظلمن کان تنگ هو، ان ڪري علي مڪيءَ ولد عباس موسوي کي سنڌ وٺي آيو، ۽ سيد علي مڪيءَ دلوراءِ کي هدايت ڪئي ته ظلم نه ڪر، انصاف ۾ ڪنهن سان نا انصافي نه ڪر، دلوراءِ اها ڳالهه مڃي ۽ ظلم ڪرڻ ڇڏي ڏنو.
اروڙ جي بربادي جو سبب ڪو ٻيو هوندو، اهو سراسر غلط آهي ته، دلوراءِ جي ظلمن ڪري شهر ويران ٿيو. ٿي سگهي ٿو دريائي ٻوڏ سبب، بارش، زلزلي يا ٻي ڪنهن سبب ويران ٿيو هوندو.
عباسين اروڙ جي گاديءَ جو هنڌ ختم ڪري. منصوره مقرر ڪيو هو. ٿي سگهي ٿو ان ئي دور ۾ دلوراءِ اروڙ ڇڏي برهمڻ آباد وسايو هجي. ان کان پوءِ ئي سيوهڻ آيو هوندو. سيوهڻ يا لڪي ۾ سيد علي مڪيءَ سان ملاقات ٿي هوندي. پنهنجي نياڻي جو سڱ علي مڪيءَ کي ڏنو، جيڪو اولاد سڄي سنڌ ۾ ٽڙيو پکڙيو وڌيو ويجهيو. ڇٽي آمراڻي سان روايتي قصا ڳنڍيا ويا آهن. جن تي حيرت ٿئي ٿي. عقلي دليلي، نه آهن، عقيدي جي بنياد تي قصا ڳنڍيا ويا آهن. مخدوم ڇٽو آمراڻي هڪ نيڪ بزرگ هڪ معزز گهراڻي جو شخص هو. جنهن نياز نوڙت پيار محبت جو سبق ڏنو، نيڪي چڱائي، جي راھ تي هلندڙ هو. پنهنجي ڀاءَ دلوراءِ کان مختلف هو.

مخدوم ڇٽي آمراڻي جي تذڪرن جا ماخذ
مخدوم ڇٽي آمراڻي ۽ سندس ڀاءُ دلوراءِ جو احوال ڪتابن ۾ گڏ لکيل آهي، ٻنهي جو گڏ تذڪرو ٿيندو رهيو آهي. مخدوم ڇٽي آمراڻي جو تذڪرو تاريخ طاهري ۾ ملي ٿو.
تاريخ طاهري سيد محمد طاهر نسياني ٺٽوي 1030ھ مطابق 1621ع تي لکي. هيءَ تاريخ سنڌ جي قديم شهر ٺٽي تي لکي وئي آهي. مصنف پنهنجي ڪتاب جي مقدمي ۾ مخدوم ڇٽي آمراڻي جو ذڪر ڪيو آهي. تاريخ طاهري 1030ھ 1621ع تي فارسي ۾ لکي وئي. 1988ع تي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري ترجمو ڪرائي سنڌيءَ ۾ ڇپائي.
’تذڪره مشايخ سيوستان‘ غفور بن حيدر سيوستاني 1039ھ ۾ فارسي زبان ۾ هي اهم ڪتاب لکيو. هي ڪتاب سيوهڻ جي 14 بزرگ شخصيتن تي لکيو ويو. انهن چوڏهن بزرگن ۾ مخدوم ڇٽو آمراڻي به شامل آهي. تذڪره مشايخ سيوستان جو سنڌي ۾ ترجمو نياز همايوني ڪيو ان کي ايڊٽ پير حسام الدين راشدي ڪيو. پهرين ترجمو سنڌي ۾ 1979 ۾ شايع ٿيو.
سنڌ جي تاريخ جو اهم ڪتاب ”تحفته الڪرام“ مير علي شير قانع ٺٽوي 1181ھ ۾ فارسي زبان ۾ لکيو. جنهن جو سنڌيءَ ۾ پهريون ترجمو 1975ع ۾ ڇپيو. مير علي شير قانع ٺٽوي ڇٽي آمراڻي ۽ دلوراءِ جو چڱو خاصو ذڪر ڪيو آهي. تحفته الڪرام ۾ سيوهڻ جي ٻين بزرگن جو به احوال شامل آهي.
مير علي شير قانع ٺٽويءَ هڪ ٻئي ڪتاب ”معيار سالڪان طريقت“ ۾ علي مڪي بن عباس موسوي جي احوال ۾ ڇٽي آمراڻي جو ذڪر ڪيو آهي. هي ڪتاب فارسي ۾ مير علي شير قانع 1202ھ ۾ لکيو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو پهريون ڇاپو 2010ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ڇپايو.
’لب تاريخ سنڌ‘سنڌ جي ناليوار محقق خدا داد خان لب تاريخ سنڌ ۾ حضرت قلندر لعل شهباز جو احوال بهترين نموني قلمبند ڪيو آهي. لب تاريخ سنڌ جي ضميمي ۾ مخدوم ڇٽي آمراڻي جو احوال ڏنو ويو آهي. اهو احوال تذڪره مشايخ سيوستان، تان نقل ڪيو ويو آهي. لب تاريخ سنڌ 1900ع ۾ فارسي ۾ لکيو ويو. سنڌي ۾ ان جو پهريون ترجمو 1989ع ۾ ڇپيو.
جنت السنڌ، رحيم داد خان مولائي شيدائي ، جو ڪتاب 1958ع تي ڇپيو. هي سنڌ جي تاريخ جو اهم ڪتاب آهي. مخدوم ڇٽي آمراڻي جي ڀاءُ دلوراءِ جو احوال هن ريت ڏنو آهي.
”برهمڻ آباد جو شهر شهدادپور تعلقي ديھه ٻانڀڻا ۾ ’دلوراءِ‘ جو دڙو سڏجي ٿو. ان جا کنڊر نون ڪوهن ۾ آهن جن ۾ جايون پڪين سرن وارين جاين مان اهو انومان مان ڪڍي سگهجي ٿو ته آڳاٽي وقت ۾ مينهن گهڻو پوندو هو. ڪن مؤرخن جو بيان آهي ته هي شهر بهن ايرانيءَ گستاشپ جي زماني ۾ جوڙايو هو.“ (3)
تذڪره مشاهير سنڌ: مولانا دين محمد وفائي لکيو آهي. 1974ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي ٻين بزرگن سان گڏ مخدوم ڇٽي آمراڻي جو احوال به لکيو ويو آهي.
سنڌي ادب ۾ ثقافت تي اسلامي اثرات هي ڪتاب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ مخدوم ڇٽي آمراڻي جي مهر جو ذڪر ڪيو ويو آهي. وفات 305ھ ڏيکاري وئي آهي.
’سيوهڻ صدين کان‘ هي ڪتاب خيرمحمد ٻرڙي سيوهاڻي 2009ع ۾ لکي ڇپايو، هي ڪتاب سيوهڻ جي تاريخ تي لکيو ويو. سيوهڻ جي تاريخ تي هي پهريون ڪتاب چئي سگهجي ٿو. سيوهڻ جي بزرگن، عالمن، حڪمرانن، سياحن، سياستدانن ۽ شهر جي قدامت تي بهترين لکيو ويو آهي. مخدوم ڇٽي آمراڻي جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.
’منڇر، گورک گاج دنيا‘ هي ڪتاب بدر ابڙي 2011ع ۾ لکيو آهي. بدر ابڙي ’کيرٿر جو سفر سلسلو‘ ۾ ٻيا به ڪتاب لکيا آهن. منڇر گورک گاج دنيا ۾ سيوهڻ جي بزرگن جو ذڪر ڪيو آهي، ان ۾ مخدوم ڇٽو آمراڻي به شامل آهي. بدر ابڙي ڇٽي آمراڻي جي حوالي سان روايتن کان ڪم ورتو آهي. ليڪن روايتون، هاڻ ختم ٿي چڪيون آهين. هڪ ليکڪ کي سائنسي تحقيق مطابق لکڻ گهرجي، هٿ ٺوڪين ڳالهين کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
’شان قلندر‘ عنايت الله ڀٽو سيوهاڻي جو هي ڪتاب لکيل آهي. 2013ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ به مخدوم ڇٽي آمراڻي جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
”سيوستان کان سيوهڻ تائين“ هي ڪتاب قاضي آفتاب رضا مغل مصنف ڪيو آهي. هن ۾ به مخدوم ڇٽي آمراڻي جو احوال تحفته الڪرام تان نقل ڪري جئين جو تيئن لکيو ويو آهي. هي ڪتاب ڪو خاص ناهي. 2015ع ۾ هي ڪتاب ڇپيو.
سومرن جي هڪڙي حاڪم دلوراءِ کي تاريخ ۾ وڏو ظالم ۽ بدڪردار حاڪم ليکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ سومرن حاڪمن جي شجري ۾ ڪٿي به هن جڳ مشهور راجا جو نالو موجود ناهي. ڪيترن جو خيال آهي ته هيءَ 1212ع ۾ ٿي گذريو آهي اروڙ ۾ سندس حڪومت هئي. ڪي چون ٿا ته دلوراءِ نالي ٻه حاڪم ٿي گذريا آهن. جن مان پهريون 729ع ۾ سنڌ جي ڪنهن حصي تي حڪمران هو. ٻي روايت موجب انهيءَ دلوراءِ جي حڪومت جي حد ۾ اتر ۾ موجود ٻڌائي وڃي ٿي. سندس گادي جو هنڌ اروڙ هو. (14)
سنڌ جي اوائلي شاعري مضمون پروفيسر محرم خان، سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي مخزن پورب 68-1969ع ص 106 تي لکيو آهي ته :
” ظاهر ٿئي ٿو ته، يا ته دلوراءِ جو وجود ئي ڪونه هو، يا وري هئو، ته ان حالتن ۾ سندس ظلم ۽ بدڪردار هئڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي“. (15)
تاريخ طاهري جو مترجم ناميارو محقق نياز همايوني ناميارو محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مخدوم ڇٽي آمراڻي تي تحقيق ڪرڻ لاءِ سيوهڻ شريف آيا هئا. نياز همايوني تعليقات ۾ تاريخ طاهري ۾ لکيو آهي ته اسان کي سيوهڻ شريف مخدوم ڇٽي آمراڻي جي مجاور هڪ مُهر ڏيکاري هئي. جنهن تي هيءَ عبارت لکيل هئي؛
حضرت قطب رباني غوث صمداني
شيخ شاھ چهوته نسبا عمراني
مرقد، يوسفاني قدس سره الاقدس
سن 305 ھ (16)

مخدوم ڇٽي آمراڻي جو دؤر
مخدوم ڇٽي امراڻيرحه لعل شهباز قلندر جي سيوهڻ اچڻ کان گهڻو عرصو اول سيوهڻ ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. (17) هي بزرگ سن چار سؤ هجريءَ ۾ ٿي گذريو آهي. (18) ڇٽو آمراڻي حاجي حافظ، ۽ عارف هو. سيوهڻ ۾ چوٿين صدي هجري جي آخر، پنجين صدي جي اوائل ۾ وفات ٿي هوندي. (19) دلو راءِ سومرن جي زماني جو سردار هو. (20) مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي هڪ ٻئي ڪتاب معيار طريقت سالڪ ۾ پنجين صدي هجري جو ڄاڻايو آهي. جڏهن ته قلندر لعل شهباز جو جنم پنجين صدي هجري کانپوءِ ٿيل آهي، قلندر لعل شهباز جو جنم 538ھ ڄاڻايو ويو آهي. مخدوم ڇٽي آمراڻي کي ڪن محققن چوٿين صدي ۽ پنجين صدي جي اوائل جو ڄاڻايو آهي. اها حقيقت صحيح به ٿي سگهي ٿي. جيڪا مهر مخدوم ڇٽي آمراڻي جي مجاور کان ملي آهي. ان تي 305ھ لکيل آهي. عباسين جو دؤر 132ھ ملي ٿو. ان ائي دؤر ۾ اروڙ جي تباهي جو قصو ملي ٿو، ٿي سگهي ٿو. عباسين جي پڇاڙي جي حڪومت وارن سالن ۾ حڪمران رهيو هجي.

اڏاوت، صحن، مقبرو
”پهريان هن مزار تي ننڍو قبو هو، پوءِ ڪنهن شخص ان جي مٿان وڏو قبو ۽ ويڪرو اڱڻ اڏايو. ليڪن هتي مسجد خانگاھ، دروازي احاطي جي عمارت تيار ڪرايائين. جنهن ۾ ڪاشيءَ جون رنگين سرون، ڪتب آنديون ويون، مسجد ۽ خانگاھ تي چٽسالي ٿي ۽ ٻنهي جي وچ تي فرش لڳايو ويو. ان جي تياري جي تاريخ هيءَ آهي“. (21)
به دور شهنشاھ شاھ جهان
خديو خرد مند صاحب قران
چو خلد برين روضه شاھ چهته
بنا ڪرد نواب ديندار خان
زسال بنايش طلب داشتند
بهشتي به روي زمين گفت عيان
1042ھ
معنيٰ: شهنشاھ شاهجهان جي زماني ۾ نواب ديندار خان ڇٽي درويش جو بهشت جهڙو مقبرو تيار ڪرايو آهي. ان جي تاريخ بابت گهر ڪيائون: زمين جي سطح تي هڪ بهشت پڌرو ٿيو آهي. پهرين مصرع مان ابجد جي حساب سان انهيءَ مقبري جي ٺهڻ جو سال 1042ھ ثابت ٿئي ٿو. (22)
ڪامپليڪس ٻن گنبذي ڪمرن هڪ ورانڊي پڌر ۽ قبرن جي چوديواري تي ٻڌل آهي. فرش ۾ ٿلهن تي فيروضي ٽائلون پنهنجو اصل روپ ۽ چمڪ وڃائي چڪيون آهن. ٻن مان هڪ گنبذ هيٺ ڇٽي آمراڻي جي مزار (اڪيلي) آهي. جيڪو روايتن موجب سنڌ جي بدنام راجا دلوراءِ جو ڀاءُ هو. ٻئي ننڍي ۽ فيروضي گنبذ هيٺ بيبين جون قبرون آهن. ان ۾ ڪنهن نامحرم کي وڃڻ جي اجازت نه آهي. فقط هڪ مقرر خادم اندر وڃي ٻهاري، صفائي ۽ سنڀال جو ڪم ڪندو آهي. (23) اندرين دروازي جي ڀر ۾ مخدوم ڇٽي امراڻي جي گهر واري بي بي فاطمه جي مزار آهي.
مخدوم ڇٽي آمراڻي جي چوڌاري قبرستان هو، هاڻي ماڻهو قبرستان تي قبضا ڪري گهر ٺاهي ڇڏيا اٿن هن قبرستان ۾ مغل ۽ ترخان دور جون يڪ پٿري تعويذ واريون ڪافي قبرون هيون. جيڪي وقت جي لهرن ۾ دز ٿي ويون آهن. هن وقت مخدوم ڇٽي آمراڻي جي احاطي ۾ ڪجهه مزارون بچيل آهن، جنهن مان هڪ مزار تي
(نام مرحوم بختاور وصال سن 135) لکيل آهي. ٻي مزار تي (نام پکه سلطانم وسال 135) لکيل آهي. ان لکت کي پڙهجي ٿو ته 135ھجري ته پوءِ قبرون مخدوم ڇٽي آمراڻي کان به اڳ جون آهن. ان دؤر ۾ پٿر تي اُڪر وارو ڪم شاندار نموني مزارن تي ٿيندو هو. هي مزارون ڪن اهمه شخصيتن جي خاندان جون لڳن ٿيون .اسان جي عالمن انهن ڪتبن کي پڙهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. هنن مزارن تي قرآني آيتون لکي آهن، هنن کي تعويذي پٿر واريون مزارون چئجي ٿو. جيڪي خوبصورت ڪاريگرن جي هٿان ٺهرايون ويون آهن. مزارن تي گلن جي اُڪر، سال، مرحوم جو نالو، سال، چڱي طرح لکيل آهي. اُهي مزارون تاريخ جو حصو ٿي ويون آهن. اهڙيون تعويزي پٿر واريون سوين مزارون هيون جيڪي ماڻهن ڊاهي ان مٿان گهر ٺاهي ڇڏيا آهن. مخدوم ڇٽي آمراڻي جو روضو زبوني حالت ۾ آهي.
مخدوم ڇٽي آمراڻي، پنهنجي دؤر جو نيڪ عالم، درويش صوفي، اخلاقي عاجزي نوڙت وارو شخص هو. جيڪو پنهنجي ڀاءُ دلوراءِ کي به براين بڇڙاين کان روڪيندو هو، هي نيڪ ٻانهو، سچار، حق تي هلندڙ شخص نظر اچي ٿو.
دلوراءِ حڪمران هو، جيڪو پنهنجي ڏاڍ ظلم سان حڪومت هلائيندو هوندو. مخدوم ڇٽي امراڻي جو مقبرو موجود سيوهڻ باءِ پاس جي لڳ قديم دور کان موجود آهي.
سنڌي لوڪ داستان سسئي پنهون جو مصنف محمد صالح کهڙو لکي ٿو ته:
سسئي پنهون جو داستان انهيءَ دور جو آهي، جڏهن سنڌ جي مٿان راجا دلو راءِ حڪومت ڪندو هو. جنهن جي گاديءَ جو هنڌ برهمڻ آبدا هو. راجا دلوراءِ هڪ وڏو ظالم حاڪم هو. جنهن جا قصا تاريخ ۾ ڀريل آهن. هن کي ڪيترائي وزير هئا. مگر انهن منجهان خاص وزير (نائون) هوندو هو. جنهن کي ڌن دولت تمام گهڻي هئي. ليڪن اولاد جي دولت کان محروم هو. هن کي ان جو گهڻو ئي فڪر هوندو هو. هن ڪيترائي هيلا هلايا ليڪن قادر کي جو ڪرڻو هوندو هو، اهو ئي ڪندو. ڳالهه ٿا ڪن هن کي نجومي اڳ ڪٿي ڪري ٻڌايو هو ته توکي نياڻي جو اولاد ٿيندو. ليڪن ان جي شادي هڪ مسلمان سان ٿيندي. جيئن ته هي هڪ برهمڻ هو تنهنڪري مسلمان ته ڇا هندن کي به پاڻ جهڙو نه پيو سمجهي. (24)
دلو راءِ آخرڪار وزيرن سان صلاح مشورا ڪرڻ بعد ڇوڪري کي مارڻ بدران ڪاٺ جي صندوق ٺهرائي. درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو، جيڪا ڀنڀور جي هڪ ڌوٻيءَ کي اها صندوق هٿ آئي جنهن جو نالو سسئي رکيو ويو ۽ پنهل سان ان جو عشق ٿيو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته:
جنهن کي اسان ڀنڀور سڏيون ٿا، سا عام روايت موجب سسئي ۽ پنهون جي محبت جو ماڳ آهي. اهو مشهور آهي ته سسئي جنهن کي صندوق ۾ بند ڪري سيوهڻ وٽان درياءَ ۾ وڌو ويو هو. (25)
لوڪ قصي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ليک ۾ صاف نظر اچي ٿو ته محبت جو لازوال ڪردار سسئي سيوهڻ جي هئي.



حوالا۽ مددي ڪتاب
1. مشائخ سيوستان، غفور بن حيدر سيوستاني، ضلعي حڪومت ڄامشورو 2010ع 63.
2. ٺٽوي مير علي شير قانع، تحفته الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2004ع ص 132.
3. ٺٽوي مير علي شير قانع، معيار سالڪان طريقت، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2010ع ص 233.
4. دين محمد وفائي مولانا، تذڪره مشاهير سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع (اردو) ص 233.
5. دين محمد وفائي مولانا، تذڪره مشاهير سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع (اردو) ص 233.
6. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، مراد پبليڪيشن سيوهڻ 2009ع ص 62.
7. ٺٽوي محمد طاهر نسياني، تاريخ طاهري. سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1995ع ص 36.
8. ٺٽوي مير علي شير قانع، تحفته الڪرام، حوالو اڳ آيل آهي. ص 131.
9. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو،سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل آهي. ص 58.
10. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل آهي. ص 63
11. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل آهي. ص 63.
12. ٺٽوي مير علي شير قانع ، معيار سالڪان طريقت، حوالو اڳ آيل آهي. 318
13. شيدائي مولائي رحيم داد خان، جنت السنڌ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2015ع ص 41
14. ٺٽوي محمد طاهر نسيانوي، تاريخ طاهري، حوالو اڳ آيل آهي. ص 348
15. ٺٽوي محمد طاهر نسيانوي، تاريخ طاهري، حوالو اڳ آيل آهي. ص 49-348
16. ٺٽوي محمد طاهر نسيانوي، تاريخ طاهري، حوالو اڳ آيل آهي. ص 292
17. ڀٽو عنايت الله سيوهاڻي، شان قلندر، ڇپائيندڙ الشهباز اسٽيٽ سيوهڻ شريف 2013ع ص 121
18. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل آهي. ص 63.
19. دين محمد وفائي مولانا، تذڪره مشاهير سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع ص 234
20. ٺٽوي مير علي شير قانع، تحفته الڪرام، حوالو اڳ آيل آهي. ص 131
21. غفور بن حيدر سيوستاني، مشائخ سيوستان، حوالو اڳ آيل آهي. ص 64
22. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل آهي. ص 62
23. ابڙو بدر، ’منڇر گورک گاج دنيا‘، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ 2011ع ص 105.
24. سنڌي لوڪ داستان، سسئي پنهون، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2005ع صفحو 3.
25. عبدالقادر منگي، (سهيڙيندڙ) ڀنڀور ۽ ديبل، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2012ع صفحو 17.