حضرت سيد علي سرمست بخاري
قلندر لعل شهباز جي ساٿين ۽ مريدن مان هڪ بزرگ شخص هو. قلندر لعل شهباز جي سياحت واري زماني ۾ ان جو رفيق ۽ هم سفر جو ساٿي هو. آخر ۾ قلندر لعل شهباز جي سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ هي به هميشه لاءِ سيوهڻ ۾ رهي پيو (1). سيد علي سندس ”وزير“ سڏبو هو (2). قلندر لعل شهباز جي خليفن جو ذڪر ڪتابن ۾ اڻ چٽو آهي، جيڪي سندس گڏ هيا. سندس 3 دوست ته مشهور آهن، جن جو ذڪر ڪتابن ۾ اڪثر آهي. انهن دوستن ۾ بهاؤالدين زڪريه ملتاني، بابا فريد شڪرگنج پاڪ پتن وارو ۽ جلال الدين سرخ بخاري اُچ شريف وارو، سندس هي خليفو دوست جو پٽ هيو.
”سيد علي سرمست حضرت جلال الدين حيدر سرخ پوش جو فرزند ارجمند هو، ۽ قلندر شهباز جو وزير ليکجي ٿو. سيد جلال الدين حيدر قلندر شهباز جي چئن يارن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڻ پنهنجي وقت جو عارف ڪامل ۽ اهل الله هو. سندس ولادت 595ھ 1198ع ۾ بخارا ۾ سيد ابوالمويد بخارا جي گهر ٿي. سندن والد نقوي سادات هجڻ باوجود بخاري سڏرائيندو هو. سيد علي پنهنجي وقت جو اهل علم ۽ اهل فضيلت شخص هو“ (4). سندس شجرو هن ريت ملي ٿو.
سيد علي سرمست شاھ بخاري ولد سيد جلال الدين حيدر سرخ پوش ولد سيد علي ابوالمويد، ولد سيد جعفر ابوتراب، ولد ابو الفتح، ولد محمود ولد احمد ولد عبدالله (جِد سادات بخاري) ولد علي الاشقرياعلي، اصغر ولد جعفر الزڪي ولد امام علي نقي ولد امام محمد تقي، ولد امام علي رضا، ولد امام موسيٰ ڪاظم، ولد امام جعفر صادق ولد امام باقر، ولد امام زين العابدي ولد سيد الشهداءَ امام حسين عليه السلام ولد حضرت علي عليه السلام ولد ابو طالب. (5)
سيد علي سرمست بخاري 1612ھ 1218ع ڌاري ڄائو هوندو. قلندر لعل شهباز سان سير سياحت ۾ گڏ هوندو هو. جواني جي دور ۾ قلندر لعل شهباز جو ساٿي ٿيو. قلندر لعل شهبازرحه جي وفات کان پوءِ قلندر شهباز جو عرس سيد علي سرمست سندس وڏي خليفي (وزير) 18 شعبان 657ھ ۾ ملهايو“. (6) اهو سلسلو اڄ تائين هلندو رهي ٿو. سيد علي سرمست قلندر لعل شهباز جي مزار مبارڪ مٿان پهرين هڪ چبوترو ٺهرايو هو. جيڪو اڳتي هلي مقبري ۾ تبديل ٿيو. قلندر لعل شهباز جي فيض کي جاري رکيائين.
”ڏھين صدي هجري ۾ شاھ حسن ارغون جي حڪومت تائين شيخ علي سرمست جو اولاد قلندر لعل شهبازرح جو متولي رهيو ان کان پوءِ درگاھ تي کابڙوٺي ۽ لڪياري سيدن جو قبضو ٿيو. جو اڄ تائين قائم آهي، پر موجوده گادي نشين سيد علي سرمست جي خاندان مان نه آهن. (7)
سيد علي سرمست جي تعليم
خدا جو نيڪ ٻانهو، توڪل تي ڀروسو ڪرڻ وارو، سچو سالڪ، بزرگ فقيري کي سنڀالڻ وارو، قلندر جا طالب وڌائڻ وارو ”سيد علي سرمست جي ابتدائي تعليم تربيت پنهنجي والد ڪامل اهل الله حضرت جلال الدين حيدر سرخ پوش بخاري وٽ ٿي. ان کان پوءِ هن يقيناً حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا ۽ فريدالدين گنج شڪر وٽان به فيض حاصل ڪيو هوندو. پر مستقل روحاني تربيت حضرت قلندر لعل شهباز وٽان ئي حاصل ڪري روحاني ڪمال ماڻيو. تنهن ڪري ئي قلندر شهباز پنهنجي ڪن عزيزن خليفن جي هوندي به قلندري سلسلي بابت هدايتون فقط سيد علي سرمست کي ڏنيون ۽ هن عارف شخص ان سلسلي کي پنهنجي روحاني ڪماليت سان سنڌ ۽ هند ۾ وڌيڪ عام ڪيو.“ (8)
مولانا دين محمد وفائي تذڪره مشاهير سنڌ ۾ سيد علي سيوستاني 2 دفعا لکيو آهي، مولانا دين محمد وفائي رسالا سير قلندر (مصنف خضر سيوهاڻي) تان احوال کنيو آهي. رسالا سير قلندر هن وقت ناياب آهي. جڏهن ته ٻنهي بزرگن جو احوال ٿوري ڦير گير سان ساڳيو آهي، ٻئي قلندر جا خليفا آهن ٻئي، قلندر سان گڏ آيا آهن ٻئي قلندر سان سير سياحت ۾ گڏ آهن. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته اها هڪ ئي شخصيت سيد علي سرمست بخاري آهي. خضر سيوستاني کان ڀل ٿي آهي. قلندر لعل شهباز جي هن پياري طالب جي وفات جي تاريخ نه ملي آهي. ”هن بزرگ جي مزار درگاھ جي اندر قلندر لعل شهباز جي روضي جي ٻاهران اوڀر واري دروازي جي ڀر ۾ دفنايو ويو. جتي هن وقت سندس نالي جي تختي لڳل آهي. جنهن تي لکيل آهي
سيد علي سرمست (وزير) جو چبوترو
7 رجب 757ھ 1356ع تي فيرزو بادشاھ جي طرفان سيوهڻ جي حاڪم ناظم ملڪ اختيار الدين قلندر لعل شهباز جو روضو جوڙايو جنهن جي ستن مهينن بعد 7 صفر 758ع تي سيد علي سرمست جو روضو چبوترو) جوڙايو. جنهن جي تياري جي تاريخ هنن بيتن مان ملي ٿي.
شد بناءِ گنبذ عالي به عهد شهر يار
شاھ فيروز انگ بگرفت است گيتي زوقرار
مي سزد مر بنده درگاھ شاھ شهر را،
گر ڪند در سرفرازي بر سلاطين افتخار
بر سر قبر ولي الله، علاءُ الحق علي
بود از بغداد و اندر صف پاڪان شهسوار
اين بزرگ و با ڪرامت هر ڪرا باشد عزيز
هر زمان بادا به قبرش رحمت ايزد نثار
هفتم از ماھ صفر مبني شد اين مرقد به سال
هفصد و پنجاھ و هشت از هجرت احمد شمار
ڪرد بنيادش ملڪ سيرت ملڪ ارشد ک او
هست اندر عدل و بذل و خلق و احسان نامدار
چونڪ ذات اور در اين شهر سيوستان آمده
تازه از سرگشت آن بقع بسان نو بهار.
--------------------------1
ترجمو:
جهان پناه بادشاھ فيروز شاھ جي دور ۾
جنهن جي درگاھ جي غلامن کي
بادشاهن تي فوقيت حاصل آهي.
بغداد کان آيل پاڪن جي صف جو شهسوار
سيد علي جو مقبرو
تاريخ 7 صفر 758ھ ۾ تيار ٿيو
هر گهڙي خدا جون مٿس رحمتون هجن
ملڪ اختيار الدين
جيڪو عدل ۽ خلق کان مشهور آهي
جڏهن سيوهڻ ۾ آيو
ته هي مقبرو تيار ڪرايائين (9)
مددي ڪتاب ۽ حوالا
1. وفائي دين محمد مولانا، ”تذڪره مشاهير سنڌ“، جلد 1-2 سنڌي ادبي بورڊ 2005ع ص 16 (اردو)
2. آگرو غلام رباني، ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع ص 350
3. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، ”سيوهڻ صدين کان“، مرداپبليڪيشن سيوهڻ شريف 2009ع ص 111.
4. بخاري مخمور ڊاڪٽر، ”قلندر ۽ قلندري فڪر“، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2014ع ص 70-71
5. بخاري مخمور ڊاڪٽر، ”قلندر ۽ قلندري فڪر“، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2014ع ص 73
6. مير حاجن مير، ”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون“، سچائي اشاعت حيدرآباد 2014ع ص 33
7. وفائي دين محمد مولانا، ”تذڪره مشاهير سنڌ“، جلد 1-2 سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع ص 16 ڇاپو اردو
8. بخاري مخمور ڊاڪٽر، ”قلندر ۽ قلندري فڪر“، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2014ع ص 76
9. غفور بن حيدر سيوستاني، تذڪره مشائخ سيوستان، ضلعا حڪومت ڄامشورو 2010ع ص 59-60.