مڪاني ادارا
استنبول جي ميٽرو پوليٽن ميونسپالٽي ايترو ته جانفشاني ۽Commitment سان ڪم ڪري ٿي جنهن جو جواب ناهي. شهر جي ٽائون پلاننگ، صحت صفائي، سول ڊفينس، روشنيءَ جا انتظام، ترقياتي منصوبا، سينيٽيشن، ڊرينيج، سيوريج جو سرشتو ۽ ٻيا انتَظام مڪمل ظابطي ۾ آهن. روڊ ڪشادا ۽ فوٽ پاٿن تي انڪروچمينٽ نالي ماترآهي. نيون وسنديون نهايت ئي ترتيب ۽ شهري رٿابنديءَ جي اصولن تحت تعمير ٿيل آهن. ڀل کڻي مرگلا هل جهڙي Camlica Hill هجي يا پائري لوٽي Pierre Loti جي ٽڪري، ملڪ جي ناميارن عمارتن جي ماڊلن وارومنياترڪ باغ هجي يا پئنوراما ۱۴۵۳ جو ميوزيم (جن جو اڳتي ذڪر ايندو)، ماڻهن کي سهولتن سان گڏ تفريح فراهم ڪرڻ واري هيءَ بلديه، مون کي هڪ مڪمل صداقت تي ٻڌل ادارو لڳو جيڪو سونپيل ڪم تي سچو هيو. انهن وٽ اهي عذر ناهن ته ٽڪريون ٽوئرزم وارا سنڀاليندا آهن ۽ تاريخي عمارتون آثار قديمه وارن جو مٿي جو سور آهي. سندن لڳاءَ ۽ تخليقون ڏسي احساس پئي ٿيو ته اسان جي ملڪ جون ميونسپالٽيون صرف اوڳاڙيون ڪرڻ، قيمتي پلاٽ ليز ڪرڻ، مين هول کليل ڇڏي معصوم جانيون ضايع ڪرڻ، بلڊرن سان ساز باز ٿي اڏجندڙ اسڪيمن ۾ سهولتن جو فقدان پئدا ڪرڻ، تجاوزات يا قبضا خوري کي هٿي ڏيڻ ۽ گندگي وڌائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. تعميري ڪم ۾ تنقيد سندن بهترين مشغلو آهي، جڏهن ته استنبول جي بلديه سهولتن جا نوانtrends جوڙي شهر کي سنواري ۽ سينگاري ڇڏيو آهي. شهر ۾ صفائي، وڻڪاري ۽ باغباني ايتري جو طبعيت هلڪي ٿي وڃي. هر شاهراه تي (Tulip) گل لاله جون اڻکٽ قطارون اوهان جو آڌر ڀاءُ ڪنديون نظر اينديون.
ائسپن هوٽل مان نڪرندي کٻو رستو وٺي، اسان مکيه مارڪيٽ جي شاهراهه تي آيا آهيون، ٿورڙو ئي اڳيان ٽرام Tram) ( جو ٽرمينل نظر آيو، جتان ٽرام ڊبل روڊن جي وچ ۾ پئي ڊوڙي. سڀني ترقي يافته ملڪن جيان استنبول شهر منجهه ٽرام جو نيٽورڪ موجود آهي. تيز رفتار، صاف سٿريون ٽرامن مناسب ڪرائي تي، اهم جڳهن تي پنهنجا اسٽاپ قائم ڪيا آهن. هر اسٽيشن تي پهچڻ کان اڳ ۾ ٽرام اندر لڳل اسپيڪر سسٽم تي ايندڙ اسٽيشن جو نالو پڪاريو ويندو ته جيئن پيسينجر تياري ڪري سگهن. استنبول ۾ ٽرام سروس ۱۹۶۶ع ۾ ڪجهه سببن جي ڪري رو ڪي ويئي هئي، پر ۱۹۹۰ع ۾ وري بحال ڪئي ويئي هئي. مزي جي ڳالهه اها به آهي ته هتي ۱۸۷۲ع ۾ گهوڙا ٽرام به هلندڙ هئي، جيڪا گهوڙا ڇڪيندا هئا، جنهن کي ۱۹۱۲ع ۾ بند ڪري، ان جي جاءِ تي اليڪٽرڪ ٽرام شروع ڪئي ويئي هئي.
پنجاب جي شهر فيصل آباد جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ گنگاپور ۾ هن جديد دور ۾ گهوڙا ريل گاڏي هلندي آهي، جنهن ۾ ڏهن کان پندرهن مسافرن جي چڙهڻ جي گنجائش آهي. سر گنگا رام هڪ مشهور انجينيئر هو جنهن لاهور ميوزيم، ايچيسنAitcheson) ) ڪاليج، مايو آرٽس اسڪول، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور پوسٽ آفيس جون ڊزائينون تخليق ڪيون. هي گهوڙا ريل گاڏي، ريل جي پٽڙي تي هلندي آهي ۽ سوارين کي بچيانه ريلوي اسٽيشن تائين پهچائيندي آهي. بلديه هيءَ سروس سترهن سالن کان پوءِ بحال ڪئي آهي. هي علائقو چار سؤ سال پراڻو آهي. جڙان معنيٰ پاڙون سو ٻڌائن ٿا ته هتي هڪ کوهه هوندو هو، جنهن مٿان بيد جو وڻ هوندو هو. انڪري سندس نالو اهو مشهور ٿي ويو. هتي ٽي ڪلوميٽر پٽڙي ۱۹۰۳ع ۾ وڇائي وئي، پر ۱۹۹۳ع ۾ چور خان پٽڙي چورائي ويا جنهن ڪري آمد رفت بند ٿي وئي. زمين تي وڇايل پٽڙيون جڙن کان اکاڙڻ تمام آسان ڪم آهي. مزو تڏهن ايندو آهي جڏهن اخبارن ۾ ڳوٺن کي بجلي پهچائڻ لاءِ هوا ۾ لڳايل تارون به چوري ٿي وينديون آهن. ريل گاڏين جا بلب ۽ ٽونٽيون غائب ٿيڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي، بغير ٽڪيٽ سفر ڪرڻ معتبري آهي، پر سرڪاري ٽرانسپورٽ جي بسن ۾ ويهي جيسيتائين سيٽن هيٺان لڳل فوم نه ڪتربو تيسيتائين سڪون نه ملندو. سبب؟ سرڪاري مال آهي.
سو اچون ٿا ٽرام طرف ته ان منجهه ويهڻ ته پري بيهڻ جي جڳهه به ورلي ملندي. هتي پيادل گهمڻ عام آهي. فوٽ پاٿن تي مرد، عورتون، پڪا پوڙها تڪڙا تڪڙا ٻرانگهون پائيندا پيا نظر ايندا. پريمي جوڙا ڌيمي رفتار ۽ هڪ ٻئي جي ڀاڪرن منجهه نظر آيا ۽ فحش اشارن واري ۲۹۴ پي پي سي قلم جي ڀڃڪڙي عام جام آهي. جنهن تي پوليس يا ماجسٽريٽ ڪوcognizance ڪو نه ٿا وٺن. ترڪش پوليس به جڏهن سر عام اهي ڏوهه ڏسندي هوندي ته جڪون ضرور کائيندي هوندي، ته هڪ دل سڙي ڪباب ٿي، ٻيو حاصل ڪجهه نه ٿئي. پوليس لاءِ ڪمائي جو اصل کانچو ته روڊ ئي آهي، اهو به ماڻهن حوالي. پبلڪ پليس، باغن ۽ تفريح وارن ما ڳن تي Deep kissing ڪرڻ ۾ ڪو به عارمحسوس نه پئي ڪيائون. مان سنگت کي ٽرام تي چڙهڻ بجاءِ پيادل هلڻ جي صلاح ڏني ته جيئن شهر جي رونقن ۽ سرگرمين کي ويجهڙائيءَ سان ڏسي سگهون. جيئن جيئن شام ٿيندي وئي، روشنيون، چهل پهل ۽ چرپر وڌندي وئي. فاسٽ فوڊ، ڪافي هائوس، سبز چاءِ ۽ شاورمي جي دوڪانن تي شور شرابو وڌندو ويو. شاهراهن تي لڳل مختلف ڪمپنين جي سائين بورڊن جي سرچ لائيٽن ۽ دوڪانن تي آويزان روشن بورڊن عجيب رنگ پکيڙي ڇڏيا هئا. بي مقصد ڀٽڪڻ وارن ۽ ڪنهن خاص مقصد لاءِ نڪتل مشڪوڪ ماڻهن جو تعداد وڌندو ٿي ويو. انتظاريءَ ۽ بيقراريءَ ۾ گهوريندڙ نگاهون وڌيڪ تيز ٿينديون ويون. هينئر سج لهي چڪو آهي، مون سان گڏ نڪتل پٺاڻ دوستن استنبول يونيورسٽي اڳيان واري مسجد جو رخ ڪيو ڇو ته آذانن جو آواز گونججي رهيو هيو. جيسيتائين نماز تان موٽن، ان وچ ۾ مان استنبول يونيورسٽي ۽ ڀر پاسي جون عمارتن جا فوٽو ڪڍندي هڪ اوائلي عمارت آڏو اچي ويس، جيڪا پري کان ڪا سرڪاري رهائش گاه پئي نظري. سندس مکيہ لنگهه واريون لائيٽون روشن هيون. در ڀرسان ڪو ترڪي زبان ۾ پلاڪ آويزان هو. شايد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جو بنگلو هوندو يا سنڌيالاجي جهڙو ڪو ميوزيم. مان حسب عادت پاڻ ئي اندازو لڳائي ڇڏيو. هيڏانهن هوڏانهن نهاريم ته ڪو چوڪيدار نظر اچي. وري حسب عادت پاڻ ئي اندازو لڳايم ته پٺاڻ چوڪيدار هوندو، جيڪو نماز تي ويو هوندو. هر ڪامياب سودائيءَ جيان اندازا لڳائڻ اڪثر منهنجي واندڪائيءَ جي وندر رهي آهي. جيئن حيدرآباد اسٽيشن تي شاليمار ايڪسپريس جو انتظار ڪندي مان سندس ٽي ڪلاڪ ليٽ هجڻ جو اندازو لڳائي، ذهني طور پاڻ کي تيار رکندو آهيان. اهو ڄاڻيندي به ته اها ڪراچي کان هلندي آهي. سرڪاري گهر جي ڄاري لڳل ونگن واري در مان اندر جهاتي پاتم. ڪاريڊور تي ڪاٺيءَ جون آرام ڪرسيون، ننڍيون ننڍيون ٽيبلون رکيل هيون ۽ ڪمرن جا ڊگها در بند هئا. هڪ در مٿان گهڙيال لڳل هو. سرڪاري عمارتن جا گهڙيال به ڄڻ پگهاردار ملازم هوندا آهن. آفيس واري وقت ڪم ڪري باقي وقت ستل رهن ٿا. دوستن ڏاڍي دير ڪئي. مونکي اوچتو خيال آيو ته کسڪي ته نه ويا؟ مان مسجد ۾ اندر اچي ويم. اندران تلاوت جو پڙاڏو چٽو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. آسرو ٿيو ته نماز هلي رهي آهي. مان مسجد جي اڱڻ ۾ وضو ڪرڻ واري گول چبوتري جي هڪ دڪي تي ويهي نماز ختم ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. چؤطرف نگاهه ڪيم، استنبول جون مسجدون آرڪيٽيڪچر جو عاليشان نمونو آهن. پٿر جي مضبوط اڏاوت، اوچا منارا ۽ اندر بلبن جون قطارون ڄڻ ڪتين جا قافلا. ڪارپيٽ نهايت نرم ۽ نفيس آهن. هونئن به پاڪستان سميت پوريءَ دنيا ۾ استنبول جا ڪارپيٽ ۽ قالين تمام اعليٰ معيار جا ليکيا ويندا آهن. پاڪستان ۾ پٺاڻ اڪثر روڊ جي خالي حصن ۾ نوي سيڪڙو استنبول جا ڪارپيٽ، ديوارن تي لڳائڻ لاءِ پرنٽيڊ قالين کپائيندا آهن. حاجي سڳورا جڏهن سعودي عرب مان موٽندا آهن ته تسبيح چين جي ۽ مصلو ترڪيءَ جو هوندو. نماز ختم ٿي. هتي نمازين جو انگ خطرناڪ حد تائين گهٽ پئي لڳو. انهن منجهان به گهڻي قدر دڪاندار ٽائيپ پئي لڳا. نوجوانن ۾ مذهبي رجحان بنهه نظر ڪو نه آيو. جيتوڻيڪ هتي مسجدن جو ڪل تعداد ٻه هزار نو سؤ چوئيتاليهه ۲۹۴۴ آهي. مون کي ڪٿي به نئين مسجد ٺهيل يا ٺهندي نظر ڪو نه آئي. مسجدن مان اذانن کانسواءِ لائوڊ اسپيڪرن تي ڪو به گمشدگيءَ جو اعلان، تبليغ يا تلاوت، ميلاد وغيره جو ڪڏهن اعلان ڪو نه ٻڌم.