(A JOINT TRIP TO ISTANBUL)
اڄ ۲۳ اپريل هئي. اسان جو استنبول ۾ آخري ڏهاڙو. سڀاڻي يارهين وڳي اسان کي هوٽل ڇڏڻو هو. اڄوڪو ڏينهن اسان مڙني ميمبرن کي گڏجي گذارڻو هيو. هونئن ته ايترن ڏينهن ۾ سڀ هڪ ٻئي کي سڃاڻي ويا هياسين، ڪن سان اڳ جي واقفيت هئي، ته ڪي هتڙي گهرا ٿيا هئا ۽ ڪي صرف چهرن مان سڃاتل هئا. روز نوان ننڍا گروپ ٺاهي گهمڻ سان به نون چهرن سان گڏجي هلڻ جو موقعو مليو پئي، پراڄ اجتماعي دورو هيو جنهن ۾ هرهڪ سان دل کولي ملڻ جو موقعو مليو هيو. ا ڄ ته هر ڪنهن جا مهانڊا ئي مٽيل هئا. هرڪو هشاش بشاش ۽ خوش پوش ٿي آيو هو. ڇوڪريون ته ايئن ٺهي سنڀري آيون هيون ڄڻ فيشن شو هجي. سوير ئي ناشتي جي ٽيبل تي اچي وياسين. ايڊوانس پارٽيءَ سان ويهي پروگرام طئي ڪيوسين. ناشتو ڪري ڪمري ۾ واپس آيس، ڪئميرا، نقشا، ٽريول گائيڊ ۽ منرل واٽر جي بوتل کڻي هوٽل جي Lobby ۾ اچي ويس، جتي ٻيا دوست اڳ ئي پهچي چڪا هئا. بس ۽ گائيڊ پڻ اچي چڪا هئا. سڄو گروپ ننڍن ٻارڙن جيان خوش خوش بس ۾ سوار ٿيو. اڄ بس ۾ مائيڪ تي ٻڌايو ويو ته مقرره شيڊيول تحت اسان کي، هڪ پئنوراما ميوزيم، هڪ تاريخي ماڊل وارو باغ، ڪيبل ڪار ۽ ٻه عدد ٽڪريون ڏسڻ نصيب ٿينديون. باقي وقت تي منحصر آهي جيڪو ٽائيم بچيو ته متفقه راءِ سان ڪو ويجهو ماڳ پڻ ڏسي وٺبو. بس اسٽارٽ ٿي روڊ تي ترڻ لڳي ۽ اسان درين مان اوچين عمارتن، مصروف شاهراهن ۽ تاريخي جڳهن ۽ واٽهڙن جو نظارو ڪرڻ ۾ لڳي وياسين. پاسن اوسن ۾ ڪاٿي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ پلازا ته ڪاٿي وري ننڍا باغيچا. هتي سيمنٽ بدران اينويڪريٽ جي سرن سان اڏيل رستا آهن. ننڍن ننڍن سرن جون گول ۽ سڌيون ڊزائينون پراڻي اسٽائيل جون آهن. هيءَ موسم ڇاڪاڻ ته گهمڻ جي آهي، تنهن ڪري هر طرف سياح ئي سياح هئا.