سفرناما

اپسرائن جي شهر استنبول ۾

هي ڪتاب ”اپسرائن جي شهر استنبول ۾“ ترڪيءَ جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ امتياز منگي آهي. هي ڪتاب 2010ع ۾ روشني پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. انور فگار هَڪڙو لکي ٿو ”محترم امتياز منگي صاحب جي گهري سوچ ۽ سنجيدگيءَ وارو رويو متاثر ڪندڙ آهي. هو جڏهن ترڪيءَ ۽ سنڌ جي تعلقات ۽ لاڳاپن کي تاريخي تناظر ۾ ڏسي ٿو، تڏهن وقت ۽ حالتن جي تجزيي سان گڏ اڳ ۽ پوءِ جي نتيجن کي نظر ۾ رکي، جيڪا راءِ قائم ڪري ٿو، سا بيشڪ قبوليت جوڳي چئي سگهجي ٿي.“
Title Cover of book اپسرائن جي شهر استنبول ۾

پائري لوٽي جي پر فضا ٽڪري

پائري لوٽي جي پر فضا ٽڪري

اسان جي ٽوئرسٽ بس هڪ ٽڪريءَ جي دامن ۾ پارڪ ٿي. گروپ جا سڀ ميمبر لهي چيئر لفٽ جي ڪائونٽر تان وڃڻ ۽ واپس اچڻ جا ٽوڪن وٺي، ان اسٽيشن تي پهتا، جتان چيئر لفٽ جو گذر هيو. هي چيئر نه پر بند لفٽ هئي، جيڪا پاڪستاني رڪشا جيتري هئي، جنهن کي ڪيبل ڪار پئي ڪوٺيائون. ڪيبل ڪار تي چڙهڻ ۽ لهڻ تمام ڏکيو هوندو آهي، ڇو ته ڪيبل ڪار بيهندي ڪونه آهي، پر هڪ هلڪي جهٽڪي سان ان تي چڙهڻو ۽ لهڻو هوندو آهي. گروپ ۾ ڪجهه وڏي عمر وارا پڻ هيا، پر عجيب ڳالهه آهي ته نوجوانن کان اڳ ۾ اهي ڦڙتيءَ سان ڪيبل ڪار تي قبضو ڄمائي ويا. اسان ٽوٽل ڇهه ڄڻا هڪ لفٽ ۾ چڙهي پياسين. لفٽ جهٽڪن سان مٿي طرف ڇڪجڻ لڳي، جيئن ڪنهن کوهه مان پاڻي لاءِ وڌل بالٽيءَ کي مٿي ڇڪبو آهي. مفاصلو ايترو گهڻو ڪونه هيو باقي هيٺ ڏسڻ سان قدرت جي حسين نظارن تي نظر پي پئي. مٿي پهچي ڪيبل ڪار مان لهي، هڪ گلن ڦلن سان سٿيل رستي تي هلڻ شروع ڪيوسين. هڪ مخصوص اوچائي تي دوربين لڳل آهي، هيءُ جڳهه ڪشادي ۽ خوبصورت ٺهيل آهي. چؤطرف شيشي جي ديوار اٿس. اسان هن جڳهه تي پهچي شهر جو ڀرپور ديدار ڪيو. سامهون هڪ وڏي ڍنڍ، سندس مٿان پل ۽ پسگردائيءَ ۾ آباديون ۽ باقي ساوڪ اهڙو حسين منظر ڏسي سچ پچ ته اکيون ٿڌيون ٿي ويون. ڪجهه وقت پنڌ بعد اسان جي سامهون هڪ Cafe آيو، بلڪل مختصر ۽ تمام ننڍو. باقي ڪرسيون ٻاهر لڳل هيون. هتي سيءُ شديد آهي، ظاهر آهي هڪ ٿڌو ملڪ ۽ ان جي جابلو پٽي.. ان هوٽل ۾ ملڪ جاويد سان گڏ داخل ٿيس. چانهه پچائڻ واري Antique قسم جي پتل جي چلهي کان گذرندو، مان هڪ ننڍي بند ڪمري ۾ آيس جتي چؤطرف Black and White تصويرن جا پراڻا فريم ڀتين تي ترتيب سان لٽڪيل هيا. اندر ٻه ٽي گورا انگريز ڪافي پي رهيا هيا ۽ ساڻن گڏ هڪ انتهائي خوبصورت گائيڊ هئي. مون ملڪ جاويد کي چيو: اسان واري چغتائي گائيڊ جي چونڊ تو ڪئي هئي؟ هن چيو ته جنهن به ڪئي، ڪمبخت بلڪل غلط ڪئي. ههڙيون خوبصورت گائيڊون ڇڏي کنيو سو به مرد. مان سندس جملي جي درستگي ڪندي چيو: گائيڊون ته سنڌ ۾ امتحاني مرڪزن ۾ استعمال ٿينديون آهن، جن کي چيري ڦاڙي، سوال حل ڪبا آهن، تنهنجي نظر شايد ساڳي چيرڦاڙ لاءِ ان معصوم گائيڊ تي پئي آهي. هن چيو نه يار ”بري نيت والي ڪا مون ڪالا“ ۽ مان هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو.