منجهيل ساهن جي ڪٿا
اسان وٽ رشتن، قدرن ۽ احساس جھڙي ڪابہ شيءِ نہ رهي آهي. زندگي مصنوعي ماحول ۾ فطرت کان ڏور مقابلي جي ڊوڙ ۾ گم ٿي ويئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ ماڻھوءَ جي نفسيات ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن. جذباتي دٻاءَ، گهريلو جهيڙا، معاشي مسئلن، ڊپريشن، شيزوفرينيا، وهم، ڊپ، هائپو ڪنڊرياسز. احساس ڪمتري، احساس محرومي، چڙ، مَسھَپ، حسد، هوس، بي صبري ۽ چاپلوسي جھڙن بيمارين جي پاڇي هيٺ انسان پلجي رهيو آهي. اهڙي دور ۾ اسان وٽ ماحول ۽ سماج جي تبديلي جھڙي ڪا سوچ اڃا اڀري بہ ناهي. ماڻھوءَ کي خبر بہ ناهي تہ هو ائبنارمل ٿي چڪو آهي، نہ وري ڊاڪٽر اڃا ايترو ڌندي بازيءَ جي دنيا مان نڪري اهڙن موضوعن تي سوچين ٿا. مڪينڪل ۽ منافق روين جي يلغار آهي. اهڙي دور ۾ ڪو ماڻھو سنجيدگيءَ سان ويھي انھيءَ موضوع تي قلم کڻي ٿو تہ يقيناً هو مسيحا جو ڪردار ادا ڪري ٿو.
محترمہ شبنم گل، جيڪا نھايت سنجيدہ ۽ مثبت سوچيندڙ ليکڪہ آهي. مون سندس هن ڪتاب جي مضمونن جو اکر اکر ويھي غور سان پڙهيو تہ مون کي اندازو ٿيو تہ محترمہ جو مطالعو پڙهڻ کان وڌيڪ مشاهداتي ۽ سوچ ويچار وارو آهي. علم نفسيات اهڙو موضوع آهي جيڪو صرف پڙهڻ سان يا ٻڌڻ سان نہ ٿو اچي سگهي، جيستائين ماڻھو ائبنارمل سماج کي پل پل ڀوڳي نہ ٿو. اهو ڏاهپ جو ڏنگ آهي، جڏهن اکر اڳيان اڀري واڳون ٿي وري ٿو، اهو خود آگهيءَ جو درد آهي،
میرے قریب نہ آ اے بہشت بے خبری
خود آگہی کے جہنم میں جل رہا ہوں۔
جڏهن ماڻھو زندگيءَ کي ائبنارمل سماج ۾ضايع ٿيندو محسوس ڪري. محترمہ جو هي پورهيو انھن سالم ماڻھن لاء پيغام آهي، جيڪي بند گهٽيءَ جي تاريڪ رستن ۾ مارجي رهيا آهن. شبنم گل اهڙين اذيتن، عقوبتن، گهاون جي تاريخ ۾ ايف آءِ آر ڪٽرائي آهي. اسان جيڪي ايڪھين صديءَ جي عالمگريت ۾ داخل ٿيا آهيون، اهي ڪھڙي ويڌن ڀوڳي رهيا آهيون، انھيءَ جي روداد ۽ سببن تي نھايت ئي ديانتداريءَ سان قلم کنيون ويو آهي. هن ڪتاب جا موضوع بظاهر سادا ۽ عام آهن، پر انتھائي ڪارائتا موضوع آهن، جن کي وري محترمہ نھايت سادگيءَ سان، عام سلوڻي ٻولي سان سمجهايو آهي.
مثال ”خودڪشي“ هن موضوع تي دنيا ۾ تمام گهڻو لکيو ويو آهي، پر محترمہ جو انھيءَ موضوع تي هڪ جملو ڏاڍو معنيٰ خيز لڳو تہ ”انسان کي سندس بيوسي ماريندي آهي“ جڏهن انسان کان سندس حيلا وسيلا کسجي وڃن، جڏهن انسان کي ڪا بہ راھہ نہ سجهي، انسان ٻن طرحن جي دهشت جو شڪار ٿيندو آهي، هڪ مابعدالطبعاتي، ٻيو سماجي، وجود جو مسئلو انسان جو بنيادي مسئلو رهيو آهي، انسان هڪ سوچيندڙ جانور آهي، جڏهن بہ هو سوچي ٿو تہ ڪائنات جي لامحدوديت ۽ سندس محدوديت کيس ستائي ٿي. کيس زندگيءَ جي فنائيت ۽ وجود جي انڌڪار کيس ستائي ٿي. جنھن جو جواب ڪڏهن بہ انسان حاصل نہ ڪري سگهيو آهي، آخر ۾ وجوديت پسندن اهو چئي باب بند ڪري ڇڏيو تہ زندگي جو ڪو بہ جوهر ناهي، انسان اڪيلو بي يارو مددگار، پنھنجو ئي لاش کڻي ڀٽڪندو رهي ٿو. وجوديت جو اهو معنيٰ خيز جملو ان وقت صادر ٿيو، جڏهن انسان شين ۾ پناھہ ورتي، جسماني آسائشن کي وڌايو، عين ان وقت انسان کان روحاني سڪون کسجي ويو. انسان پنھنجي وجود جو جوهر ڪڍي، مارڪيٽ ۾ رکي ڇڏيو ۽ پاڻ پڏائڻ لڳو تہ هن وڏو اسٽيٽس حاصل ڪري ورتو آهي، هن وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن. پر انھيءَ ڪاميابين جي نتيجي ۾ انسان جي اڊ ۽ انا جي ڪشمڪش اڃا بہ وڌائي ڇڏي. ان وقت صورتحال خراب ٿي ويئي، جڏهن ڪا بہ سپر انا يا ضمير نہ رهيو. اهڙي سماج ۾ جيڪي ماڻھو ضمير وارا آهن، حساس آهن، اهي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿيو پون. خودڪشي نہ ڪا بھادري آهي نہ وري بزدلي، پر اها نفسياتي ڇڪتاڻ مان پيدا ٿيندڙ ڪيفيت آهي، جڏهن ماڻھو ۾ رد عمل ڪرڻ جو منفي جذبو عروج تي پھتل هوندو آهي.
”پري ڊيٿ سنڊروم“ مضمون ۾ محترمہ پيراسائڪالوجي جھڙي موضوع کي ڇھيو آهي، جنھن ۾ موت جو خوف ۽ موت کان اڳ واري ڪيفيتن کي زير بحث آندو آهي. هائڊيگر چيو هو تہ ”موت ٻن قسمن جا ٿيندا آهن، هڪ طبعي موت، ٻيو موت جو تصور انسان سڄِي زندگي موت جي خوف کان ڀڄندو رهندو آهي، آخر انھيءَ خوف کان ڀڄِي طبعي موت ۾ پناھہ وٺندو آهي.“
اصل ۾ انسان لاشعوري طور زمان ومڪان جي قيد مان گهڻي قدر آزاد هوندو آهي. سندس شعور پيش منظر جو آئينو هوندو آهي، پر لاشعور پس منظر جو انبار آهي، جنھن مان ڪھڙي شيءِ ڪڏهن نڪري ٿي، ان جو اندازو شعور جي قابو ۾ نہ ٿو اچي. پيرا سائڪولوجي منھنجي خيال ۾ اها لاشعوري محرڪن جي پرک يا شعوري گرپ آهي، جيڪا ڪڏهن لاشعوري، ڪڏهن شعوري طور عمل ۾ ايندي آهي. پر اسان وٽ روحانيت تي مذهب ۽ عقيدن جي ڇاپ لڳل آهي. اصل ۾ مابعد الطبعياتي سوال ڪڏهن ڪڏهن انسان کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آهن. سارتر پنھنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو هو تہ هن کي سوچي خوف محسوس ٿيندو آهي تہ هڪ ڏينھن سج ختم ٿي ويندو ۽ نظام شمسي بہ فنا ٿي ويندو. بلڪل اهو خوف فنائيت جو خوف آهي، بلڪہ وجود جي ڏڪڻي آهي، جيڪا لاشعوري طور انسان سان لاڳاپيل آهي. محترمہ انھيءَ موضوع کي مختصر، پر پيرائتي انداز ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيتوڻيڪ اسان جو الميو اهو آهي تہ سائنس انھيءَ موضوع تي ڪا ڇنڊ ڇاڻ ناهي ڪئي، ڇو تہ سائنس مادي دنيا کان ٻاهر ڪنھن بہ شيءِ تي يقين نہ ٿي رکي، پر پوءِ بہ انڪشافي خواب يا مستقبل جو علم ڏيندڙ خوابن مان سمجهي سگهجي ٿو تہ مادي دنيا يا زمان مڪان کان ٻاهر بہ ڪا حقيقت آهي، جنھن کي سائنس پنھنجي علم ۾ نہ ٿي آڻي سگهي يا دنيا جي موجودہ روش اهڙن علمن کي رد ڪري، حقيقت کان اکيون چورائڻ چاهي ٿي.
شبنم گل جو هڪ اهم مضمون ”وقت جو پنجون ڏهاڪو“ انتھائي اهم مضمون آهي. هن مضمون ۾ فزڪس ۽ جديد ريسرچ جي اپٽار ٿيل آهي، جنھن مطابق ٿيوري آف ريليٽوٽي اهم آهي، زمان ۽ مڪان جو ڦيرو ۽ ان جو خاتمو ڪائنات جو واپس هڪ نڪتي ۾ سمائجي وڃڻ جھڙي اهم موضوع کي نفسيات سان ڳنڍيو ويو آهي. هن مضمون ۾ وقت جا ڊائمينشن سمجهايا ويا آهن، جنھن ۾ ماڻھو ڪھڙن دورن مان گذري ٿو. وقت جو پھريون ۽ ٻيو ڏهاڪو انسان جي جبلي انداز سان جيئڻ واري روش کي چيو وڃي ٿو. جيئن جانور فطرت مطابق جيئي ٿو. هن کي نہ وقت جو شعور يا ڪائنات جي ڪا خبر ناهي. وقت جي ٽيئن ڏهاڪي ۾ ماڻھو دنيا، ڪائنات، وقت ۽ وجود جي احساس کان واقف ٿئي ٿو. دنيا جي اڪثر آبادي انھيءَ ڏهاڪي تي جيئي ٿي، وقت جي چوٿين ڏهاڪي ۾ ماڻھو زمان ۽ مڪان جي قيد کان بالا تر ٿي سوچڻ جو عادي ٿئي ٿو، جنھن ۾ هن ۾ تخليقي سگهہ اڀري ٿي. وقت جي پنجين ڏهاڪي ۾ انسان جي باطن جي اک متحرڪ ٿي وڃي ٿي، جنھن ۾ انسان عقل، جي حد کان وڌي، وجدان جي منزل تي پھچي ٿو. جتي هن جو ذهن آفاقيت کي ڇھي ٿو. هو دنيا جي ننڍڙن مفادن ۾ نہ ٿو اٽڪي، هو جوڙ ڪٽ، ونڊ ورڇ واري حسابي سوچ کان بالا تر ٿئي ٿو. غور سان ڏٺو وڃي تہ محترمہ شبنم گل، آئنسٽائن جي ٿيوري آف ريلٽوٽي مطابق انسان جي شعوري سفر کي سمجهايو آهي. انسان وجود جي گھراين ۾ ٻڏي ٿو. جيئن علا مه اقبال چيو هو:
عقل کی گهٹیاں سلجا لی میں نے
اے میرے مولا، اب صاحب جنون کر مجهے۔
اهڙي طرح ڪجهہ مضمون هڪ ”جيوپيٿڪ اسٽريس“، ٻيو ”سياري جي مند جو تخليقي سفر“ ۽ ”ٽيون سج جي روشنيءَ جو انساني مزاج تي اثر“ هڪ ئي پس منظر جا مخلتف پاسا آهن. ٽنھي جو تعلق انسان جي فطرت سان جڙيل آهي. جيئن خوشيءَ جو تعلق شين سان، اميري سھولتن سان ناهي، تيئن شھري ماحول جي بند گهٽين ۾ انسان جي ترقي جي رفتار جيترو تيز آهي، اوترو ئي ذهني پريشانين، مونجهارن ۾ انسان گهيريل آهي. اسان پنھنجي چوڌاري اليڪٽرانڪ شين جو هڪ ڄار اڻي ڇڏيو آهي. هاڻي گهرن ۾ فرج، ايل اي ڊي. ڊسپينسر، ڪمپيوٽر، موبائل سيٽ کان وٺِي ڪڪر، چاپر، جوسر مشينون، واشنگ مشينون جي جنگل ۾ انسان ويچارگي جي اداسي ۽ بوريت واري زندگي گذاري رهيو آهي، ايڪھين صدي جو انسان سائبور (Cybore) واري زندگي گذاري رهيو آهي، يعنيٰ اڌ مشين، اڌ ماڻھو آهي، ڇو تہ هو مشينن کان بغير چري بہ نہ ٿو سگهي، کيس هٿ ۾ موبائل آهي، گاڏي کان بغير هو ڊيوٽي تي وڃي نہ ٿو سگهي، بجلي کان سواءِ گهر ۾ ويھي بہ نہ ٿو سگهي. غريب ملڪ آبادي جا ايٽم بم ڦاڙِي چڪا آهن. عالمگير ڪارپوريشنز رياست کان مٿانهين رياست جو تصور پيدا ڪيو آهي. واپاري ماڻھن هر طرف قبضہ گيري ۽ پلاٽنگ جو بزنيس ڪري، صرف ڪمائڻ کي زندگي بنايو آهي، نہ هاڻي باغ آهن، نہ پارڪ آهن، نہ جنگل آهن، نہ ٻيلا آهن، صرف قبضہ آهن، پلازا آهن يا زمينون، جتي هائبرڊ فصل تيار ڪري ناڻو ڪمائڻو آهي. اهڙي گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ڊپريشن يا ذهني بيماري نہ ٿئي تہ معجزو چئبو.
انسان جي فطرت کان دوري، ويھين صديءَ جو سڀ کان وڏو الميو آهي. ايڪھين صديءَ ۾ تہ انسان رهيو ئي ناهي. ويھين صديءَ ۾ دنيا سوشلزم ۽ سرمائيداري جھڙن ڪئمپن ۾ ورهايل هئي. طبقاتي ڪشمڪش هلي رهي هئي، ايڪھين صدي اصل ۾ انسانن ۽ مشنين جي ڪشمڪش کان شروع ٿي آهي. انسان نوي سيڪڙو مشين ۽ احساسن کان عاري بنجي چڪو آهي. ماڻھو منجهہ مرو اڳي کان اڳرو آهي. ٻي طرف ڪجهہ ڳڻيا ماڻھو اڃا ماڻھپي وارا آهن، جن کي هي گلوبل دنيا ڳڙڪائڻ لاءِ تيار آهي. محترمہ شبنم گل هن مضمونن ۾ اهو ئي بحث کنيو آهي تہ فطرت جو مشاهدو، انسان ۾ مثبت گڻ پيدا ڪندو آهي. سج جو اڀرڻ يا لھڻ، فطرت جا رنگ، فطري سونھن انساني صحت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. پر اڄ جي دور ۾ انسان فطرت کان پري ٿي چڪو آهي. ايرڪ فراهم پنھنجي ڪتاب ”The Sane Society“ ۾ لکيو آهي تہ ”جانورن هن ڌرتي تي لکين سال گذاريا، پر فطرت کي ڪو بہ نقصان نہ پھچايو. پر انسان فطرت کي تباھہ برباد ڪري ڇڏيو آهي. هن جي هوس، لالچ، خود غرضي جو پيٽ نہ ٿو ڀرجي، جنھن فطرت انسان کي جنم ڏنو، ان فطرت سان انسان ريپ ڪيو آهي.“ ڏٺو وڃي تہ شبنم گل عام موضوعن کي ڏاڍو معلوماتي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جن سان معلوم ٿئي ٿو تہ اهڙن موضوعن جي اسان جي زندگيءَ ۾ ڪيتري اهميت آهي. اهڙي طرح هن ڪتاب جو هڪ اهم مضمون ”جنريشن گئپ“ آهي، محترمہ لکيو آهي تہ جنريشن گيپ واري ٿيوري 1960ع ۾ متعارف ٿي. هن مضمون جا ٽي پاسا آهن. هڪ تہ دنيا ۾ پيڙهي جي وڇوٽي ويھين صدي ۾ پيدا ٿي، ٻيو تہ دور بدلجڻ سان ماڻھو جي مزاج، جذبن ۽ رهڻي ڪھڻي تي اثر پوي ٿو. ٽيون تہ جنريشن ۾ رابطا ڪاري جو فقدان ملي ٿو. بنيادي طور ويھين صدي، تڪڙي تبديلين جو بنياد رکيو. هن کان اڳ دنيا ۾ پيڙهي وڇوٽي جو ايترو تصور نہ هوندو هو. آئون سمجهان ٿوتہ جيڪي ماڻھو 1960ع کان 1975جي وچ ۾ پيدا ٿيا، جن کي ايڪس جنريشن چيو ويندو آهي. اها تاريخ جي وڌ ۾ وڌ تبديلين مان گذري آهي، جيتريون تبديليون هن جنريشن ڏٺيون، اوترو انسان ذات جي تاريخ ۾ ڪنھن بہ نہ ڏٺيون. ايڪس جنريشن جنڊ پيھڻ بہ ڏٺو، تہ نار بہ ڏٺا، گهاڻا بہ ڏٺا، تہ هن جنريشن ڪوئلي تي هلندڙ گاڏيون بہ ڏٺيون تہ جهنگل، ٻيلا بہ ڏٺا. ٻيڙين ۾ سفر بہ ڏٺو، ٺڪر جا ٿانو بہ ڏٺا تہ اصلي فصلن ۽ ميون کي بہ کاڌو. هن ئي جنريشن بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي ڏٺو تہ ايل اي ڊي پلازمہ جي اسڪرين ۽ ملٽي ميڊيا بہ ڏٺو. هن جنريشن ڪارو چاٻي گهمائيندڙ ٽيليفون ڏٺو تہ موبائل ڊجيٽل فون بہ ڏٺو. هن جنريشن دنيا کي ٻن ڪئمپن ۾ ڏٺو، هن جنريشن نظرياتي دور ڏٺو، جنھن ۾ سچ خاطر ماڻھو جان بہ قربان ڪندا هئا تہ هن جنريشن وري گلوبل عالمي ڪمرشل دور بہ ڏٺو، جنھن ۾ نظريات ختم ٿي ويا. ڪوڙ جي لڙائي ڪوڙ سان ٿيندي ڏٺي، ماڻھوءَ جو ڪردار چاپلوس، خود غرض ۽ ويڪائو بہ ڏٺو. تنھن ڪري آئون سمجهان تہ جنريشن گئپ جيترو هن دور ۾ پيدا ٿيو آهي، اوترو تاريخ ۾ ڪڏهن بہ پيدا نہ ٿيو هوندو. هونءَ تہ ماڻھو 50 سالن جي عمر کان پوءِ اڪثر دور کي تبديل ٿيندي ڏسندو آهي، جو نئون نسل جوان ٿي چڪو هوندو آهي. هن جا احساس پنھنجي دور کان الڳ هوندا آهن. هن جي پسند ۽ ناپسند جو زمان و مڪان ٻيو هوندو آهي. ان کان پوءِ هڪ پيڙهي جا رومانوي رشتا ختم ٿي رهيا هوندا آهن تہ ٻي پيڙهيءَ جا رومانوي رشتا اڀري رهيا هوندا آهن. هاڻي فيملي جي مرڪزيت ٽٽي رهي آهي. ڊجٽلائزڊ ٽيڪنالوجي رابطي ڪاري ختم ڪري ڇڏي آهي. ماڻھو گيجٽس ۾ منھن هڻي، ڏينھن مان رات ڪريو ڇڏيو. تنھن ڪري ڪميونيڪيشن ختم ٿيندي وڃي. محترمہ هي موضوع مختصر لکيو آهي، جڏهن تہ هن مضمون ۾ تمام گهڻيون ڳالھيون زير بحث اينديون.
ڪتاب ۾ ٻن بيمارين جو ذڪر ٿيل آهي، جنھن ۾ هڪ هيسٽيريا ٻيو ادراڪي خلل. بنيادي طور اهو نالو ادراڪي خلل هڪ وسيع اصطلاح آهي، جنھن ۾ شيزوفرينيا بہ اچي وڃي ٿي. انسان جا پنج حواس جڏهن صحيح ڪم ڪندا آهن تہ ماڻھو زمان و مڪان جي احساس ۾ رهندو آهي، پر جيئن ئي حواس ڍلا ٿيڻ لڳندا آهن تہ ماڻھو پنھنجي زمان و مڪان جو احساس وڃائڻ لڳندو آهي. نفسياتي بيمارين ۾ اهم مسئلو ئي اهو هوندو آهي تہ ماڻھو پنھنجي حواسن سان موجود زمان و مڪان ۾ مڪمل طور موجود نہ رهي سگهي، نفسياتي بيمارين جي انتھا نروس بريڪ ڊائون هوندو آهي، جنھن ۾ ماڻھوءَ جا حواس ڪم نہ ڪندا آهن. پر جڏهن حواس دوکو ڏيڻ لڳن تہ ماڻھو ٽن علامتن ۾ گهيرجڻ لڳي ٿو، هڪ خبط(Delusion) ، ٻيو نظر جو فريب (illusion) ٽيو حواسن جو دوکو (Hallucination). تہ ماڻھو ڪيترين ئي بيمارين ۾ گهيرجي وڃي ٿو. شيزوفرينيا بہ اهڙي هڪ بيماري آهي. محترمہ انھيءَ ڳالھہ ڏانھن بہ اشارو ڪيو آهي تہ اسان وٽ ماڻھو انھن بيمارين جي مريضن کي اڪثر پيرن، ولين، مرشدن وٽ وٺي ويندا آهن. اها ڳالھہ صحيح آهي تہ هيسٽيريا جي مريضن کي توهان پيرن ولين، مزارن تي وٺي وڃو تہ صحيح بہ ٿي ويندا آهن. ڇو تہ هن بيمارين جا مريض اڪثر گهٽ، ٻوسٽ، جنسي ڪجروي ۽ دٻاءَ، ماحول ۾ حد کان وڌيڪ بندش، يا سڀ واٽون بند ٿي وڃڻ جي ڪري پيدا ٿيندي آهي. اهڙي مريض کي بند ماحول مان ٻاهر ڪڍڻ، دنيا ڏيکارڻ ۽ نوان رستا ملڻ سان مريض خود بہ خود ٺِيڪ ٿيڻ لڳندو آهي، پوءِ انھيءَ کي ماڻھو ولين جي ڪرامت سمجهندا آهن. ساڳي وقت اها ڳالھہ بہ سمجهڻ جي آهي تہ حد کان وڌيڪ آئيڊيل پسند ٿيڻ يا ڪريئر جنوني ٿيڻ، يا هيرو پسندي جي انتھا شيزوفرينيا آهي. اڪثر ماڻھو بلڪل نارمل ڏسڻ ۾ ايندا آهن، پر سندن عمل ۾ شيزوفرينڪ هوندا آهن. اڄ جي دور ۾ مادي هوس پرستي ماڻھوءَ کي سماجي شيزوفرينڪ بنائي ڇڏيو آهي، جنھن ۾ ماڻھو هڪ ئي وقت ڪيترن ئي جھانن ۾ رهي ٿو، هڪ وقت ڪيتريون زندگيون جيئي ٿو. کيس عالمگير ڪارپوريشنون ميڊيا وسيلي ڪنفيوز ۽ نروس بنائي ڇڏين ٿيون. ماڻھو هيپنوٽائز ٿي وڃي ٿو. هو اهو ڪجهہ ڪرڻ لڳي ٿو، جيڪو هن کان واپاري ماڻھو ڪرائڻ چاهين ٿا.
محترمہ شبنم گل هن ڪتاب وسيلي نفسياتي بيمارين جي ۽ عام سماجي روين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. محترمہ جو سمجهائڻ جو انداز سادو ۽ سلوڻو آهي، هوءَ عام ماڻھوءَ تائين اهو پيغام پھچائي ٿي، جنھن کي اسان عام طرح نظر انداز ڪندا آهيون يا سمجهڻ نہ چاهيندا آهيون. اسان وٽ خبر ناهي تہ يونيورسٽين ۾ ريسرچ جو ڪھڙو معيار آهي، پر جڏهن کان ايڇ اي سي، پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل کي معيار بنايو آهي، تڏهن کان تحقيق جي نالي ۾ وڏو مذاق ٿي رهيو آهي. ڪنھن ڪم جي موضوع تي تحقيق نہ ٿي ٿئي. نہ تہ سنڌي سماج ۾ نفسياتي دٻاءَ ۽ سماجي روين جي تبديلي، قدرن جو زوال کان پوءِ نوجوان جي نفسيات، وڌندڙ ڏوھہ اهڙا موضوع آهن، جن تي وڏي تحقيق ٿيڻ جي ضرورت آهي. پر اسان جون يونيورسٽيون پڙهيا لکيا جاهل پيدا ڪري رهيون آهن. سڀ کان وڏو الميو اهو آهي تہ اسان شين جي دنيا ۾ گم آهيون، هڪ ماءُ پنھنجو ٻار تہ نوڪرياڻي کي سنڀالڻ لاءِ ڏي ٿي، پر ڪُتي کي پنھنجي گود ۾ کڻي ٿي. ان کي هوءَ پنھنجو اسٽيٽس سمجهي ٿي. دنيا انھيءَ رخ ۾ هلي پئي آهي، تنھن ڪري ايرڪ فراهم واري ڳالھہ بلڪل صحيح آهي تہ ”مونکي حيراني ان ڳالھہ جي ناهي تہ ماڻھو چريا ڇو ٿا ٿين، پر حيراني ان ڳالھہ جي آهي تہ ماڻھو چريا ڇو نہ ٿا ٿين.“ هن ڪتاب جي ٻن اهم مضمونن جن منھنجو توجھہ ڇڪيو، اهي هي آهن:
1. منجهيل ساهن جي ڪٿا. 2. پناھہ گاھہ جي ڳولا.
انسان ساھہ عادت مطابق کڻي ٿو، پر ساھہ کڻڻ هڪ فن بہ آهي، جنھن جي مشق ڪرڻ سان انسان ۾ ڪيترائي مثبت رويا پيدا ٿيندا آهن. ساھہ کڻڻ انسان جي جبلي صلاحيت آهي، پر ساھہ جي حوالي کان شبنم گل اهم ڳالھيون ڪيون آهن تہ انسان مشينن ۾ ايترو گم ٿيندو وڃي، جو پنھنجا حواس وڃائي رهيو آهي. هاڻي آهستہ آهستہ سنگهڻ جي، ٻڌڻ جي صلاحيت گهٽجي رهي آهي، ماڻھو ساھہ بہ صحيح طرح نہ ٿو کڻي. جنھن ڪري بيمارين ۾ وڪوڙجيو وڃي ۽ احساس ختم پيا ٿين. جڏهن تہ احساس ئي زندگي آهي. اڪثر ڊاڪٽر چوندا آهن تہ کلي هوا ۾، جتي ساوڪ هجي، اتي ڊگها ساھہ کڻو. يا پريشاني يا غصي جي صورت ۾ بہ ڊگها ساھہ کڻو ۽ پاڻ کي هلڪو ڇڏي ڏيو. تہ طبعيت هلڪي ٿيندي، پر اڄ ڪلھہ ماڻھو ڏاڍو ڳرو آهي، اصل سيخ ٿيو پيو هلي. خبر ناهي ڇا جي جلدي آهي، هن کي ساھہ کڻڻ جي بہ فرصت ناهي.
محترمہ شبنم گل جو ٻيو مضمون ”پناھہ گاھہ جي ڳولا“ ڏاڍو اهم مضمون آهي. انسان اڄ جي دور ۾ پنھنجي پناھہ گاھہ وڃائي ڇڏي آهي، هر وقت بي سڪون آهي. ڪٿي بہ سڪون نہ ٿو ملي، ڇو تہ اسان هزارن سالن جي تھذيب کي ڇڏي چڪا آهيون. اسان ٽوپي ڊرامو هر سال ڪريو، واپار سٺو ڪريو وٺون، پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي تہ اسان پنھنجو ڪلچر، جيڪو رواداري جو، سھپ جو هو، جيڪو توڪل پسندي جو هو، اهو ختم ڪري پاڻ ۾ هيجان ڀري ڇڏيو آهي، هاڻي گهريلو زندگيءَ ۾ گڏيل ڪٽنب وارو تصور اسان کان وڃائجي ويو آهي، اسان بزرگن کي اهميت ڏيڻ ڇڏي ڏني آهي. اسان جي گهرن ۾ جهيڙا ۽ بي سڪوني وڌي ويئي آهي. اسان وٽ باھہ جي مچ تي گهرن ۾ ڪچھريون نہ ٿيون ٿين. هر ماڻھو موبائل تي پنھنجو پاڻ کي پڏائڻ ۾ لڳو پيو آهي. اخلاقي قدرن جو زوال ايترو، جو ڪنھن جي بہ عزت محفوظ ناهي. ايترو ئي ماڻھو اندر ۾ ويڳاڻو ۽ اڪيلو ٿيندو وڃي. اسان وٽ 90 فيصد آبادي بي حس ماڻھن جي آهي، جيڪي پنھنجي معمولي مفاد لاءِ سچ کان اکيون چورائي، ڪوڙ سان سمجهوتو ڪريو ويھو رهن، مڪاري ۽ عياري ايتري وڌي ويئي آهي، جو سچو ماڻھو پاڻ بچائڻ ۾ پورو آهي. مجال آهي جو ڪوڙي کي ڪوڙو چئجي، پنھنجي کل لھي ويندي ۽ ماڻھو بي شرمائيءَ سان ڪڌن ڪرتوتن تي پاڻ پڏائي ٿو. ڪوڙ تي سندرو ٻڌي، سماج، اخلاق، تھذيب کي ٿڏي ڇڏي ٿو تہ اهڙي سماج جي هر فرد کي پناھہ گاھہ جي ڳولا آهي. هر طرف عدم تحفظ پيدا ٿي چڪو آهي. شبنم گل جو هي مضمون وقتائتو آهي، احساس جاڳائيدڙ آهي.
اهڙي طرح ڪتاب جا ڪجهہ مضمون جن ۾، ”سال جي آخري ڏينھن ۽ تنھائي جي طاقت“، ”ننڍي ڳالھہ وڏي تباهي“ ”آکاڻي: ذهني تربيت جو نالو“ هي مضمون مڪمل سماجي نفسيات جي عڪاسي ڪن ٿا، جيڪي مخصوص ساخت سان خاندان، مذهب ۽ دولت سان تعلق رکن ٿا، انھيءَ ساخت سان ماڻھو جي ذات، عقيدا، سوچون ۽ فڪر جڙيل آهن. ڪنھن بہ شخصيت جي بنجڻ ۽ بگڙڻ ۾ اها ساخت اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. جڏهن اسان جي ماحول جي ساخت ڳوٺاڻي هئي. رات جو نانيون يا ڏاڏيون ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائي سمھارينديون هيون، تڏهن ٻار پنھنجي محدود دنيا مان نڪري تخيل ۽ تصور جي لامحدود ڪائنات ۾ گم ٿي ويندو هو، جتي ٻار جو ذهن وسيع ٿيندو هو. هن جو آئيڊيل شجاعت، نيڪي، سچائي ۽ سورمائپ بڻجندو هو. ٻار فطرت جي گود ۾ پلجي، پنھنجي سماجي نفسيات ۾ سگهارو ٿيندو هو. وري ٻارن جون رانديون، جيڪي ڪلچرل ۽ اجتماعي هونديون هيون، جن سان ٻار جي جسماني ورزش ۽ سنگت سان گڏ کيس کٽڻ ۽ هارائڻ جو درس ملندو هو، جنھن ۾ ٻار پنھنجي ٻاراڻي وهي ڀرپور جيئندو هو. اهڙي طرح سنڌي لوڪ ادب جو شاندار ڪردار اسان جي قومي، اخلاقي ۽ نفسياتي پرورش ڪندو هو. پر اڄ جي مصنوعي ماحول ۾ اها ساخت ختم ٿي ويئي آهي. محترمہ شبنم گل بار بار انھيءَ ڳالھہ جي نشاندهي ڪئي آهي تہ سماجي ۽ فطري ساخت جو خاتمو، دراصل انسان جي سالم دماغي جو خاتمو آهي. اڄ نوجوان وٽ جلد بازي، حرفت، مَسھَپ ۽ جڳاڙي ڪلچر گهڻو آهي، ڇو تہ اسان وٽ فطرت، ڪلچر ۽ سماج مان ڦٽندڙ قدر ختم ٿي ويا آهن. هاڻي صرف واپاري ڪمپنيون پنھنجي شين جي مشھوري جي ذريعي ڪلچر ڏين ٿيون، جيڪو ماڻھو کي مشين بنائي چڪو آهي، جنھن ڪري روحانيت ختم ٿي ويئي، سڪون ناهي، سھپ ناهي، رواداري ناهي، رشتن جي ساڃاھہ ناهي.
ساڳي ڳالھہ محترمہ ڪتاب جي ٻي مضمون ”خوف جي پس منظر مان اُسرندڙ نسل“ ۾ ڪئي آهي. خوف ٻن قسمن جا ٿيندا آهن، هڪ تخريبي ٻيو تعميري. اسان وٽ تعميري خوف جي ڪري انسان پنھنجي بقا لاءِ جدوجھد ڪري ٿو. سماج ۽ رشتن کي جوڙي ٿو، موت جي خوف جو تعميري پاسو آهي، اهو آهي تہ انسان ۾ هيٺاهين، عاجزي، انڪساري، پيار، رشتن جو احساس، صحت جو مثبت خيال پيدا ٿئي ٿو، ساڳي وقت انسان فنائيت کي سمجهي ٿو. پر خوف جو احساس جڏهن وڌي وڃي ٿو تہThanatophobia ، Hypochondrias جھڙا مسئلا ڪر کڻن ٿا. ماڻھو ڊپريس ٿي وڃي ٿو. ڪن کي ننڍپڻ ۾ ڪن شين کان خوف پيدا ٿيندو آهي، پر سماجي طور حالتن جو خوف اڃا اضافي آهي. اڄ ڪلھہ دهشت گردي، ميڊيا تي لاشن جا فوٽا ڏيکارڻ، بم ڌماڪا وغيرہ ٻارن جي صحت تباھہ ڪري ڇڏين ٿا. نتيجي طور سماج جي موجودہ ساخت يا بزدل، خوفزد نسل پيدا ڪري ٿي، يا عدم تحفظ جي احساس ۾ دهشت گرد پيدا ٿين ٿا. پر سڀ کان وڏو مسئلو اڄ جي سماجي ساخت جي احساس ڪمتري جو آهي، جنھن کي محترمہ شبنم گل بار بار پنھنجي مضمونن ۾ لکيو آهي، سندس اها ڳالھہ ڏاڍي وزني آهي تہ ”ماڻھو پاڻ ۾ ڪونہ ٿا وڙهن، سندن احساس ڪمتري ۽ احساس محرومي وڙهن ٿا.“ ٽيئن دنيا جا ملڪ هن وقت وڌ ۾ وڌ احساس ڪمتري جا شڪار آهن، هماليہ جيڏيون بلينئر ڪمپنيون مثال صرف هڪ سوني ڪمپني جو ساليانو روينيو پاڪستان جي بجيٽ کان وڌيڪ آهي. اهڙي دولت جي راند ڪندڙ دنيا ۾ 50 ڪمپنيون آهن. دنيا جي 80 فيصد دولت صرف انھن ڪمپنين وٽ آهي. اهڙي صورتحال ۾ رياست، سماج، قانون ۽ قدر اسان وٽ صرف تصوراتي آهن. دنيا کي اهي ملٽي نيشنل ڪمپنيون هلائي رهيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ اسان جي دنيا جو عام ماڻھو هڪ وڏي احساس ڪمتريءَ جي ميدان ۾ ائبنارمل ٿي پيو آهي. هونءَ تہ احساس ڪمتري انساني وجود سان لاڳاپيل آهي، پر موجودہ سماج ۾ اهو فردي طور ائبنارمل ٿي اڀريو آهي، جنھن جا هزارين منفي پاسا آهن، جن مان هڪ مضمون خود محترمہ جو ”نرگسي روين جي نفسيات“ تي لکيو آهي. هن مضمون ۾ ڏند ڪٿائن جا حوالا ڏيئي شبنم گل اسان کي ٻڌائي ٿي تہ نرگسي (Narcissism) نفسيات انسان ۾ شروع کان وٺي موجود آهي. پر هڪ حد تائين اها نفسيات انسان لاءِ مثبت آهي تہ انسان پاڻ کي وڻندو تہ جڳ کي وڻائيندو، جي پاڻ کي ئي نہ وڻندو تہ زندگي ۾ ٻسو ۽ بيڪار رهجي ويندو. پر پاڻ وڻڻ مان هڪ منفي رويو پاڻ وڻائڻ جو اُڀرندو آهي. جيڪو احساس ڪمتريءَ مان جنم وٺندو آهي. اسان جي سماج ۾ اها پاڻ وڻائڻ جي بيماري عام آهي. عام طور ماڻھو شين جي ذريعي پاڻ کي پڏائيندو ۽ پاڻ کي وڻائيندو آهي. هن بيماري ۾ ماڻھو گهڻو ڪري چاپلوس، مصلحت پسند، ڪوڙو ۽ ٺڳ هوندو آهي. ڇوتہ هن جي نظر ڪجهہ مفاد حاصل ڪرڻ تي هوندي آهي.
مجموعي طور هن ڪتاب جو هڪ بھتر تاثر آهي، جنھن جو لب لباب اهو آهي تہ انسان فطرت کان پري ٿي، فطرت کي تباھہ ڪري، پنھنجي زندگي لاءِ ڪيترا ئي خطرا پيدا ڪري ورتا آهن. هن ڪتاب جا مضمون جيڪي عام زندگيءَ جا عام موضوع آهن، پر انھن جي پنھنجي اهميت آهي، جن کي اسان گهڻو ڪري اهميت نہ ڏيندا آهيون. ڪڏهن اسان سياري جي شام جو نہ سوچيو آهي، ڪڏهن اسان تنھائيءَ جي طاقت يا ڏک جي طاقت جي باري ۾ نہ سوچيو هوندو. اسان کي اها خبر ناهي تہ ذهني پيڙا ڪيئن تخليقي سگهہ وڌائي ٿي؟ پر ڀٽائي گهڻو اڳ ڏکن کي پنھنجو مرشد تسليم ڪيو هو.
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرين جو
سونھائي سورن، ڪئي هيڪاندي هوت سين.
اسان جي ذهن ۾ اها ڳالھہ نہ ٿي اچي تہ ٻالڪپڻي جي معصوميت هن مصنوعي دنيا ڪئين کسي ورتي آهي. ڪيئن اسان کي جنسي آلودگيءَ جي حوالي ڪيو آهي، ڪريئر جي نالي ۾ فن ۽ پرفارمنس جي نالي ۾ ائڊورٽائزمينٽ جي نالي ۾ ڪيترو ٻارن کان معصوميت کسي وڃي ٿي. ڪيئن عورت جي جسم کي مارڪيٽ جو وکر بنايو وڃي ٿو.
اھي سڀئي روزمرہ جا موضوع آهن، جيڪي نفسيات جا اهم موضوع آهن. جن تي محترمہ شبنم گل قلم کنيون آهي. آئون سمجهان ٿو ساڃاھہ وند ماڻھو، دور جي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي سڀ کان پھرين سمجهي وٺندا آهن. ٿي سگهي ٿو انھن مسئلن تي ايندڙ دور ۾ تمام گهڻو لکيو وڃي، پر شروعات ڪرڻ ۾ محترمہ شبنم گل جو نالو بنيادي ليکڪن ۾ شمار ڪيو ويندو.
پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ
يونيورسٽي آف ڪراچي