تبديلي: ذهن، جسم ۽ روح جي وحدت جو نالو
هر ڪا قوم هڪ ڏينھن غفلت جي ننڊ مان ضرور جاڳندي آهي. اها پنھنجن مشاهدن ۽ تجربن کان گهڻو ڪجهہ سکندي هڪ ڏينھن نين روايتن جو هٿ جهلي وٺي ٿي. ثقافت جو ڏهاڙو بہ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ان ڏينھن سان جُڙڻ کانپوءِ سنڌ جو ادبي ۽ تھذيبي ورثو وڌيڪ سگهارو محسوس ٿي رهيو آهي. اهو سنڌي ماڻھو جيڪو مسلسل خود رحمي ۽ احساسِ ڪمتريءَ جو شڪار نظر ايندو هو، سو هاڻي ان ڏينھن جي قوت ساڻ ڪري پاڻ کي اڳي کان وڌيڪ پاڻ ڀرو ۽ خود اعتماد محسوس ڪري ٿو. هو پنھنجي اندر جي سگهہ کان واقف ٿي رهيو آهي. کيس پروڙ پئجي چڪي آهي تہ معجزا اندر جي يقين جو نالو آهن ۽ تبديلي ڪو ٻاهريون عمل نہ آهي، پر تبديلي ذهن، جسم ۽ روح جي وحدت جو نالو آهي. تبديلي، سوچ جي نون رخن سان جڙيل آهي، جيڪا سوچ جي سگهہ ۽ عمل جي سچائيءَ وسيلي اچي ٿي.
معاشرتي زندگيءَ ۾ فرد جو پنھنجي ذات ۾ منظم هجڻ وڏي معنيٰ رکي ٿو. فرد منظم آهي تہ هن جو گهر بہ متحد آهي، هن جو پاڙو، ادارا ۽ ملڪ بہ مضبوط آهن. ڇو تہ انسان جي زندگي سندس سوچ جو عڪس آهي. سوچ مستحڪم آهي تہ سندس چوڌاري ماحول ۾ بہ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو نظر ايندو. ذات جي ايڪتا ماڻھن سان اعتبار جو تعلق جوڙي ٿي ۽ ويساھہ ڪنھن بہ قوم جي جياپي کي بنياد فراهم ڪري ٿو. فرد جي ذهني وحدت ويساھہ ذريعي سماجي جاڳرتا جو محرڪ بڻجي ٿي. انسان جو پنھنجي سوچ ۾ منظم هجڻ منجهس ويساھہ جي طاقت کي اُسرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.
موجودہ ماديت پرستيءَ واري دور ۾ جڏهن ماديت پرستي جي ڦھلاءُ سبب دنيا جا ڪيترا ملڪ پنھنجي ثقافتي ورثي کي وساري ويٺا آهن ۽ سماجي طور تي عدم تحفظ ۽ براين جو شڪار ٿي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ پنھنجي ٻوليءَ ۽ ثقافتي ورثي کي عالمگيريت جي ڄار ۾ ڦاسڻ کان بچائڻ لاءِ ڪنھن بہ قوم کي وڏي جدوجھد ڪرڻي پوي ٿي. ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾، ان قوم کي ڪيترائي خراب نتيجا ڀوڳڻا پون ٿا، پوءِ اخلاقي قدرن جو زوال، سوشل پولرائيزيشن، غير انساني رويا، جرم، قتل و غارت، خاندان ۽ ڪميونٽيءَ جو ڇڙوڇڙ ٿي وڃڻ، معاشي اڻ برابري، سماجي ناانصافيون، عدم استحڪام ۽ بدامني وغيرہ جھڙا رجحان سامھون اچن ٿا.
ڪنزيومر ڪلچر ارڙهين صديءَ ۾ انگلينڊ ۾ شروع ٿيو، جنھن ۾ فيشن ڪمرشلائيزيشن کي متعارف ڪرايو ويو، جنھن جي ڪري ٽيڪسٽائل انڊسٽري ۾ انقلاب برپا ٿيو ۽ ماديت پرستي جي اڻ وڻندڙ رجحان سبب پئسي کي اوليت ڏيڻ جي ڪري سماجي اڻ برابري پيدا ٿي.
ان سموري هنگامي ۽ تبديليءَ کانپوءِ انساني قدرون ثانوي حيثيت اختيار ڪري وڃن ٿيون، جنھن ڪري معاشرو ڪيترن تضادن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. سنڌ جي سماجي تاڃي پيٽي ۾ ٻھراڙيءَ جو ماڻھو پنھنجي لوڪ ورثي ۽ ثقافتي قدرن کي وڌيڪ ويجهو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ شھري زندگي ڌارين ٻولين ۽ ثقافت جي زير اثر پنھنجي ٻوليءَ جي نج پڻي ۽ ثقافت جي رنگن کان پري ٿيندي ٿي وڃي.
ڪجهہ وقت اڳ سنڌ جي ثقافت ۾ شامل گج، سوسي، اجرڪ ۽ ڀرت جو استعمال نہ هئڻ برابر هو. پر ثقافتي ڏهاڙن ملھائڻ ڪري آهستي آهستي سنڌي ماڻھن بہ پنھنجي تھذيبي ورثي کي جيئارڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ هر طرف لوڪ ورثي جي رنگن جي بهار نظر اچڻ لڳي آهي. سنڌ جي گهريلو صنعتن ۾ ٺهندڙ اهو ڪپڙو، اجرڪ، سوسي، ٽوپيون، رليون، گج ۽ ڀرت سنڌ جي ٻھراڙين ۾ رهندڙ ماڻھن جي روزگار جو وڏو ذريعو آهن. اهي وسيلا انيڪ سنڌي خاندانن جي بقا جو ڪارڻ آهن. هاڻي اها صنعت ٻيھر ماڻھن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجي رهي آهي.
رلي، سنڌ جي لوڪ ورثي جو هڪ خوبصورت نمونو آهي، جيڪا سنڌي عورت جي جمالياتي ذوق ۽ ذهني وسعت جي نشاندهي ڪري ٿي. ايشيا جي ترقي يافتہ ملڪن ۽ يورپ ۾ ري سائڪلنگ يعني پراڻين شين کي ٻيھر ڪتب آڻڻ جو فن هڪ طرف تہ سندن خوبصورت سوچ جي نمائندگي ڪري ٿو تہ ٻئي پاسي سندن معاشي گهرجن کي توازن ۾ آڻي ٿو. سنڌ جي رلي بہ ري سائيڪلنگ جو هڪ دلڪش نمونو آهي، جيڪا سنڌي عورت جي ڏاهپ ۽ سندس اندر جي تخليقي فنڪار جو عڪس پيش ڪري ٿي. ٻئي پاسي گهرداريءَ ۾ سندس سگهڙائپ ۽ قناعت پسنديءَ جو هڪ بھترين مثال پڻ آهي.
حقيقت ۾ خوشين جو تصور، گهڻي دولت ۽ خريد جي سگهہ سان وابستہ نہ آهي. بلڪہ موجودہ دور جا جديد ماڻھو وڌيڪ پريشان ۽ ذهني بي ترتيبيءَ جو شڪار آهن. ڇاڪاڻ تہ اهي ڌرتيءَ جي خالص اثر کان پري، بناوٽي زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪا آهن. جديد نفسيات جي تحقيق مطابق، شين جي مقابلي ۾ زندگيءَ جا تجربا انسانن کي وڌيڪ خوشيون ڏين ٿا. مادي شين جو عادي ٿيڻ بعد انسان انھن مان بيزار ٿي وڃي ٿو، پر تجربا، خوبصورت يادن جي صورت ۾ کيس سدائين تحرڪ ڏيندا رهن ٿا. جيئن ڪمپيوٽر، موبائيل، ٽي وي، قيمتي گهر ۽ ڪار وغيرہ کيس اها سچي خوشي نٿا ڏيئي سگهن، جيڪا کيس دوستن، مٽن مائٽن ۽ خوشگوار گهريلو زندگيءَ مان حاصل ٿئي ٿي.
جائزي وٺڻ سان خبر پوي ٿي تہ ايشيا جا اُهي ملڪ، جيڪي پنھنجي پيداواري قوت تي ڀاڙين ٿا، سي ترقيءَ جي راهن تي گامزن آهن. انھن ملڪن ۾ گهريلو صنعتون پنھنجي عروج تي آهن. ٽين دنيا جي ملڪن ۾ غربت جو هڪ اهم سبب موجودہ ملٽي نيشنل ڪمپنيون آهن، جيڪي مقامي ماڻھن جي روزگار جي وسيلن کي اُسرڻ جو موقعو نہ ٿيون ڏين.
پر هاڻي ڪجهہ سڄاڻ قومون عالمگيريت جي اِن پکڙيل ڄار مان نڪري آيون آهن. جيڪڏهن فرد ذهني طور تي سجاڳ ۽ فعال آهن تہ گهڻ نسلي سماج (Multiracial Society) ۾ مختلف قوميتن سان گڏ رهندي بہ پاڻ کي سنڀالي ٿو وٺي. ڇو تہ ان جي بقا لاءِ اهو ضروري آهي تہ هو پنھنجي ٻولي ۽ ثقافتي ورثي کي ساھہ سان سانڍي رکي ۽ پنھنجي نئين نسل کي ان جي اهميت کان آگاھہ ڪندو رهي.