جذباتي شفافيت (Catharsis)
جذباتي شفافيت وسيلي دٻيل يا گهٽيل سوچن يا جذبن کي اظھار جو رستو ملي ٿو تہ جيئن ذهني ۽ جسماني ڪارڪردگي فعال رهي. ٻيو رخ ادراڪي شفافيت جو آهي، جنھن وسيلي سوچ کي ڪو نئون رخ، حل يا گهرائي عطا ٿئي ٿي. ڇو تہ لاشعور ۾ دٻيل خواهشون، جڏهن شعوري طور تي سامھون اچن ٿيون تہ ماڻھو پاڻ کي بھتر محسوس ڪندو آھي. ارسطو، ڪٿارسس کي الميي جي تناظر ۾ ڏسي ٿو، جنھن جو مقصد رحم ۽ خوف جا جذبا اُڀارڻ آهي. الميي تي مشتمل يوناني ڊراما، پنهجي دور ۾ مقبول ترين صنف طور پسند ڪيا ويندا هئا. ان دور جا ڊراما نگار جيئن اسڪائي ليڪس، سوفيڪليز ۽ يوري پيڊيز وغيرہ آھن جن شاهڪار ڊراما تخليق ڪيا. سوفوڪليز جو مشھور ڊرامو ”ايڊي پس ريڪس“ هو.
ماڻھوءَ جو سدائين خوش رهڻ هڪ ڏکيو مرحلو آهي. مشروط خوشي عارضي ثابت ٿيندي آهي. جڏهن تہ اهو احساس، ڪائنات جي هر منظر ۾ پاڻمرادو جهلڪي ٿو. اسڪائي ليڪس چواڻي تہ: ” ماڻھو زندگيءَ جي آخري ڏينھن اچڻ تائين خوش نہ ٿو رهي. جيستائين اهو لمحو اچي، جڏهن اها سرحد ٽپي وڃي، جيڪا زندگيءَ کي موت کان الڳ ڪندي آهي.“
ڪنھن بہ الميي ۾ چاهي نثر هجي يا ڊرامو، جڏهن ماڻھوءَ کي پنھنجي ڪيفيت جو عڪس نظر اچي ٿو تہ سندس غم جي شدت جهڪي ٿي وڃي ٿي. ڪٿارسس، هر دور ۾ ماڻھوءَ جي ذهني ۽ جسماني ضرورت رهيو آهي. هڪ لحاظ کان اندر جي اُڌمن جي اها تحليل نفسي نہ هجي ها تہ انسان صدمي جي ڪيفيت ۾ وڌيڪ جيئرو نہ رهي سگهي ها! ان ڪيفيت کي ’مسرت ۽ راحت‘ (Pleasure and Relief) چيو وڃي ٿو. انسان پنھنجن جذبن/اڌمن جي اظھار کانپوءِ پنھنجي اندر هڪ گهري خوشي محسوس ڪري ٿو ۽ سندس هيجاني ڪيفيت جو چاڙھہ سانتيڪو ٿئي ٿو. اهو تصور نفسيات جي ماهرن کان علاوہ فلسفين Jeremy Bentham، Spinoza ۽ Descartes پڻ پيش ڪيو، جن مطابق تڪليف يا خوشي دٻيل خواهشن جي اظھار جي صورت حاصل ٿئي ٿي.
موسيقيءَ کي بہ ذهني شفافيت ۽ سڪون جو باعث سمجهيو ويندو هو. افلاطون جو خيال هو تہ موسيقي، انساني مزاج ۽ شخصيت تي گھرو اثر ڇڏي ٿي. جسم ۽ روح جي ڪيترين بيمارين جو علاج موسيقي وسيلي ڪيو ويندو ھو. ان دور ۾ عورتن جي مخصوص بيماري هسٽيريا جو علاج ساز وسيلي ڪيو ويندو هو. ساز تي جهومندي ۽ رقص ڪندي، ان بيماريءَ ۾ مبتلا عورتون بيھوش ٿي وينديون هيون. هوش ايندي ئي پاڻ کي تندرست محسوس ڪرڻ لڳنديون هيون. ادب جي ڪنھن بہ صنف وسيلي جڏهن ڏک يا احساس محرومي جو عڪس پسي ٿو تہ اها علامت تبديلي جو ذريعو (Turning Point) ثابت ٿئي ٿي. مسئلن جو ادراڪ، تبديلي آڻڻ جو محرڪ بڻجي ٿو. ساڳين حالتن ۾ نقطہ نظر (Perspective) کي تبديل ڪرڻ سان بہ منفي سوچ کان نجات ملي ٿي.
ڏٺو ويو آهي تہ جيڪڏهن ماڻھوءَ کي وقت تي، مسئلن جو ادراڪ نہ ٿو ٿئي تہ اهي غفلت جي غفائون بڻجيو وڃن، جيڪي سندس شخصيت جي اوسر لاءِ تباھہ ڪن ثابت ٿين ٿيون. ان تاريڪيءَ ۾ کيس روشنيءَ جي لاٽ ۽ تازي هوا جو جهوٽو گهرجي.سگمنڊ فرائڊ مطابق، ذهني دٻاءُ يا معاشرتي تسلط سبب، نفسياتي بيماريون پيدا ٿين ٿيون، جن جا اڪثر اهڃاڻ طبي بيمارين جھڙا آهن، پر مريض جي چڪاس ڪرڻ تي بہ ڪا بيماري نٿي ظاهر ٿئي، جنھن جو سبب ذهني عارضو ٿئي ٿو. اڪثر ذهني تڪليف، ڪيترين ئي طبي بيمارين کي دعوت ڏيئي ٿي.
ڪٿارسس جو خيال، جرمني ۾ 1890ع ڌاري متعارف ٿيو، جنھن کانپوءِ هپناسس ۽ سائيڪو ٿراپي جو بنياد پيو. سگمنڊ فرائڊ پھريون شخص هو، جنھن ڪٿارسس کي نفسياتي تجزيي طور پيش ڪيو، جنھن مطابق ڪاوڙ يا جارحيت کي اظھار جو موقعو ڏجي تہ انھن ڪيفيتن ۾ ڪمي واقع ٿي سگهي ٿي. پر ان کان اڳ Joseph Breuer ان طريقه علاج جي نشاندهي ڪري چڪو هو. هو هپناسس وسيلي مريضن کي رازن ظاهر ڪرڻ تي آمادہ ڪندو هو، جنھن کانپوءِ انھن جي اندر مثبت تبديلي محسوس ڪئي وئي. خاص طور تي فرائڊ جو چوڻ هو تہ ماڻھن کي اظھار ڪرڻ ڏيو، کين وچ ۾ نہ روڪيو ۽ نہ ئي مداخلت ڪريو. پر عام ماڻھن لاءِ ايترو صبر ممڪن ناهي، ان ڪري مريض نفسياتي ماهرن سان حال اورڻ کي وڌيڪ بھتر سمجهن ٿا بجاءِ پنھنجي دوست يا عزيز جي، ڇو تہ سندن مزاج جو رخ بدلجڻ سان، سندن راز بہ راز نہ ٿا رهن. ذهني بيمارين وڌڻ جو ڪارڻ، انسان جي اعتبار جو منتشر ٿيڻ آهي. ٻڌندڙن جو تعداد وقت سان گهٽ ٿيندو ويو ۽ ماڻھو فقط پنھنجا مسئلا ۽ ڳالھيون ٻڌائڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا.
تصوير جو ٻيو رخ اهو آهي تہ جيڪڏهن ماڻھو عام زندگي ۾ ڪاوڙ ۽ جارحيت جو اظھار ڪرڻ لڳن تہ ائين ڪرڻ سان معاشرتي زندگيءَ جو سڪون غارت ٿي ويندو. پر ان جي باوجود بہ روزمرہ زندگيءَ ۾ ماڻھو-گهرن، آفيسن يا ٻاهرين دنيا ۾ ڪاوڙ يا جارحيت جو مظاهرو ڪندي نظر ايندا آهن، جنھن سان کين وقتي سڪون ملي ٿو. پر اهڙا رويا، معاشرتي زندگيءَ جو سڪون برباد ڪري ٿا ڇڏين. تحليل نفسي (Psychoanalytic Theory) مطابق، ان ڳالھہ جي ضرورت آهي تہ لاشعوري پريشاني ۽ ذهني دٻاءُ کي جذباتي آزادي ڏيڻ گهرجي. پوءِ چاهي ان لاءِ ڪو مشغلو اختيار ڪجي يا جسماني مشق وسيلي ان ذهني پيڙا جو ڪو حل تلاش ڪيو وڃي.
ڪيتريون اهڙيون رانديون آهن، جن ۾ ويڙھہ ڏيکاري وڃي ٿي، جن ۾ باڪسنگ يا ريسلنگ وغيرہ شامل آهن. انھن راندين ۾ ڏسندڙن لاءِ سندن دٻيل ڪاوڙ يا جارحيت جو ڪٿارسس موجود آهي. ساڳي ريت مشھور ڊائريڪٽر الفرڊ هچڪاڪ مطابق: ”ٽيلي وزن جو وڏو ڪم اهو آهي تہ ابلاغ وسيلي، قتل جا سين ڏيکاريا آهن. قتل جو سين ڏسڻ بہ هڪ سٺي ٿيراپي آهي.“ ساڳي ريت 1992ع ڌاري فلم Total Recall جي ڊائريڪٽر Paul Verhoeven چيو تہ: ”قتل و غارت تي مشتمل فلمون ڏسڻ بہ هڪ اهڙو تجربو آهي، جيڪو ذهن کي شفاف بڻائي ٿو.“ اهوئي ساڳيو ڪم وڊيو گيمز جو آهي، جيڪي جسم ۾ تجسس ۽ اُتساھہ جي لھر پيدا ڪن ٿيون. جاسوسي ۽ ڀوائتيون فلمون جسم مان اسٽريس هارمونز (Adrenalin) کي خارج ڪن ٿيون. خوف يا ذهني دٻاءَ وقت جسم جي اندر اها خاص رطوبت پيدا ٿئي ٿي، جيڪا اصلي خطري کي منھن ڏيڻ وقت جنم وٺي ٿي، جنھن کي محسوس ڪندي، غير متوقع خوشي يا آسودگيءَ جو احساس پيدا ٿئي ٿو. ايڊرنلين جي پيدا ٿيڻ کانپوءِ، ماڻھو پنھنجي اندر توانائي، تازگي ۽ زندگيءَ کي ڀرپور طور تي محسوس ڪندو آهي.
مھم جوئي يا راندين کانپوءِ بہ اهڙي قسم جي مسرت ۽ اطمينان جو احساس پڻ شفافيت (ڪٿارسس) جو ذريعو بڻجن ٿا. منفي سوچن ۽ خيالن کي ڇڏي ڏجي تہ اُهي جيو گهرڙن کي تباھہ ڪندا رهن ٿا. بي اطميناني، اُڏوهيءَ جيان ذهن کي کاٽ هڻي، خوشي ۽ اُتساھہ جا دروازا بند ڪريو ڇڏي. انسان ڪڏهن بہ هڪ ڪيفيت يا ماحول جي يڪسانيت ۾ ڦاٿل نہ ٿو رهي سگهي. کيس ٻاهر جي ماحول ۾ تبديلي گهرجي. پر اها تبديلي يا نواڻ حاصل ڪرڻ هر ڪنھن لاءِ ممڪن نہ آهي. ان ڪري ننڍي پيماني تي ميسر تفريح جا دلچسپ وسيلا جھڙوڪ: ڪھاڻيون، ناول، ڊراما يا فلمون ساڳيو ڪم ڏيکارين ٿا، جن ۾ انفرادي ڏکن يا محرومين جو عڪس پسڻ سان دل جو بوجهہ هلڪو ٿئي ٿو.
اها حقيقت آهي تہ جذباتي شفافيت جو ذريعو فقط ’روئڻ‘ ناهي. بلڪ ’کلڻ‘ بہ ساڳيو شفا جو اثر رکي ٿي. کل يا ٽھڪ. جسم جو سمورو سور، تڪليف ۽ بي اطميناني ختم ڪريو ڇڏين. شفاف نفسياتي علاج جو طريقو (Laughter Therapy) کِلڻ کي جذباتي تڪليف کان نجات ڏيارڻ جو اهم ذريعو قرار ڏيئي ٿو، جنھن جي ذريعي خوف، ڪاوڙ ۽ يڪسانيت جو دٻاءُ وکري وڃي ٿو. ماڻھو جڏهن مرڪي يا ٽھڪ ڏئي ٿو تہ ان سمي هوا جيان، منفي چاڙھہ جا گهاٽا بادل ڇڙوڇڙ ٿي ويندا آهن. سندس تڪليف، مايوسي ۽ ويڳاڻائپ ان لمحي، ختم ٿيو وڃي ۽ جسم ۾ توانائيءَ جو نئون وهڪرو داخل ٿيندي محسوس ڪبو، جيڪو بي جان جيوگهرڙن ۾ زندگيءَ جو نئون روح ڦوڪي ٿو ڇڏي. مزاح پڙهندڙن يا مزاحيہ ڊراما يا فلمون ڏسندڙن جي زندگي متحرڪ ۽ اُتساھہ سان ڀرپور رهي ٿي.
1979ع ڌاري Norman Cousin ڪتاب “Anatomy of an Illness” شايع ڪرائي. جنھن ۾ هن ٻڌايو تہ ڪئين مزاح جي حس ڏانھن موٽڻ ڪري، کيس مهلڪ بيماري سان وڙهڻ ۾ مدد ملي. هو لکي ٿو تہ: ”ڏهن منٽن جي ٽھڪن کانپوءِ هو ٻن ڪلاڪن لاءِ سڪون سان سمھي سگهندو هو.“ سندس ڪھاڻي پڙهي طبيبن ٽھڪن وسيلي علاج دريافت ڪيو.
نفسياتي مونجهارن لاءِ ڪٿارسس وڏي اهميت رکي ٿو. تبت جي يوگي چواڻي تہ: ”تخليق جو عمل دل جي ويڳاڻائپ جو علاج آهي.“ ان جو سبب اهو آهي تہ فرصت يا واندڪائي ذهني مرضن جي جڙ آهي. ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ تعميري سرگرمين جو هئڻ تمام ضروري آهي، جن سان سوچ جي انتشار ۾ يڪسوئي پيدا ٿئي ٿي.
ذهني مونجهارن جو حل وري بہ انسان کي پاڻ ئي ڳولڻو پوي ٿو، جنھن لاءِ ماڻھن کي خودانحصاري جي رمز سيکارڻي پوندي. جڏهن هو عارضي سھارا ڳولڻ بدران تعميري وسيلا ڳوليندو تہ ڪيترا مسئلا پاڻمرادو حل ٿي ويندا.