بائي پولر ڊس آرڊر
معاشرتي ٻٽو معيار ۽ حال نہ اورڻ واري ڪيفيت جي ڪري، ذهني مونجهارا وڌن ٿا. ڊپريشن بہ چئن پنجن مهلڪ بيمارين ۾ شامل آهي، جنھن ڪري موت جي شرح ۾ واڌ آئي آهي. اڪثر ڊپريشن ئي جسماني بيمارين جو ڪارڻ ٿئي ٿو. اسان وٽ جسماني بيمارين جو تہ علاج ڪرايو ٿو وڃي، پر ذهني بيمارين کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي. اول تہ انھن بيمارين جي وقت تي تشخيص نٿي ٿئي. ٻيو مزاج جي بي اعتدالي کي اسان وٽ نارمل سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن تہ مستقل مايوسي، بيچيني، تشويش، ڪاوڙ، جارحيت، حسد، شڪ، يا نفرت ذهني بيمارين جا اهڃاڻ آهن.
اسان جي معاشري ۾ ذهني علالت کي تسليم ڪرڻ ۽ ان جو اعلاج ڪرائڻ کان ماڻھو ڪيٻائين ٿا. سماجي طور تي ذهني مريضن کي قبول نٿو ڪيو وڃي. انھن بيمارين ۾ عورتون وڌيڪ مبتلا ٿين ٿيون. حمل دوران يا ٻار جي ڄم کانپوءِ عورتن کي طبي طور تي مزاج جي خرابين جي شڪايت عام ٿئي ٿي، سندن علامتن ۾ اداسي، ٿڪ، ڳڻتي، ننڊ جي اڻاٺ، روئڻ يا چڙڻ وغيرہ شامل آهن. جڏهن تہ عام ماڻھو ان حقيقت کان آگاھہ نہ هوندا آهن، جنھنڪري گهرن ۾ جهيڙا ۽ بدمزگي وڌي ٿي. ان عرصي دوران گهريلو يا خانداني نفاق شدت اختيار ڪري ويندا آهن. ان مسئلي جو ترت حل نہ ملڻ سبب اڳتي هلي عورتون وڌيڪ پيچيدہ ذهني بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃن ٿيون.
عورتن جو جسماني نظام اهڙو آهي، جو سندن نفسيات تي حالتن ۽ روين جو گهرو اثر ٿئي ٿو. اهي انفرادي ۽ سماجي منفي رويا، سندن ٻار ۾ نفسياتي بيمارين جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا. اهو فطرت جو قانون آهي تہ جيڪو ٻج پوکبو سو لڻبو. زميني حقيقتن مطابق، ٿوهر جو ٻج پوکبو تہ گلاب ڪونہ اُسرندا! انڪري ماڻھوءَ جي زندگي سندس سوچ، ورتاءُ ۽ عمل جو عڪس ٿئي ٿي.
ڪجهہ عرصو اڳ هڪ نفسياتي ڪردار سامھون آيو. سندس نالو شازيہ هو. شازيہ پنھنجي گهر جو آخري ٻار هئي. پنھنجي ماءُ جي ويجهو رهي؛ سندس لاڏلي بہ هئي. ماءُ جي گذاري وڃڻ کانپوءِ اوچتو شازيہ جي مزاج ۾ تبديلي آئي پر گهر وارا سندس ڪيفيتن کي سمجهي نہ سگهيا ۽ هوءَ هڪدم خاموش رهڻ لڳي. خاموشيءَ کي اظھار جي وسيلي جي گهرج هئي تہ جيئن هو پنھنجين ڪيفيتن کي اظھاري سگهي. جيئن تہ سندس رشتو ننڍي هوندي کان ئي طئي ٿيل هو، انڪري جلد ئي سندس شادي ٿي وئي. اها ڳالھہ واضح آهي تہ زندگيءَ جا صدما هر ڪو انسان نٿو برداشت ڪري سگهي. انھن ڪيفيتن کي مهل تي سھيڙڻ ۽ انھن جو حل ڪڍڻ تمام ضروري آهي. صدمي واري ڪيفيت کي Post Traumatic Stress Disorder (PTSD) سڏيو وڃي ٿو، جيڪا ذهني بيماريءَ جو بنياد بڻجي ٿي. ذهني ڪيفيت يا انتشار پيدا ٿئي تہ ذهني ڪيفيت بدلجڻ فطري رويو آھي. گهر ۾ ڀينرن ۽ ڀائرن جي طبيعتن ۾ فرق ٿئي ٿو. والدين مان ڪنھن هڪ جي موت تي سڀني جو ردعمل مختلف هوندو آهي. ڪي جلدي عام زندگيءَ ڏانھن واپس موٽي اچن ٿا تہ ڪجهہ ماڻھو سالن تائين ان صدمي کان ٻاهر نڪري ڪونہ سگهندا آهن. وقت جي ڪنھن بري گهڙيءَ ۾ ڦاٿل ماڻھو اڳتي هلي وڏي تڪليف ٿو کڻي. اهڙن واقعن کي دهرائڻ، ڀوائتا خواب ڏسڻ يا خوف ۾ مبتلا ٿيڻ عام علامتون آهن. اهڙا ماڻھو برسات، کنوڻ يا گجگوڙ کان جلدي خوفزد ٿي ويندا آهن.
شازيہ سان بہ ائين ئي ٿيو. هوءَ اڃان پنھنجي ماءُ جي موت جي صدمي کان ئي ٻاھرنہ نڪتي هئي تہ سندس شادي ٿي وئي. نئين ماحول ۽ ماڻھن سان ملڻ جلڻ ۽ کين سمجهڻ ۾ بہ وقت لڳي ٿو. شادي، عورت جي زندگيءَ جي وڏي تبديلي آهي. سندس ڏک سک ازدواجي زندگيءَ سان واسطو رکن ٿا. سندس زندگيءَ جي سمجهہ کيس سندس ماءُ يا ڀينرن کان نٿي ملي تہ ڇوڪريون مختلف مسئلن جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. شادي جي ڪاميابي يا ناڪاميءَ جو دارومدار رشتن جي سھپ ۽ سمجهہ جي سطح تي ٿئي ٿو.
شازيہ جي حمل وارو دور بہ ڏکيو هو. هوءَ پوسٽ پارٽم اسٽريس ڊس آرڊر جو شڪار هئي. جڏهن سندس مزاج جو توازن بگڙيو تہ ساهرا بہ ردعمل ڏيکارڻ لڳا. ٻار جي پيدائش کانپوءِ شازيہ جي حالت ايتري حد تائين خراب ٿي وئي جو پاڻ يا تو رڳو پئي کلندي يا روئيندي هئي. نيٺ سندس گهر وارا کيس نفسياتي ڊاڪٽر ڏانھن وٺي ويا. اُن ڊاڪٽر سندس بيماري يا ڪيفيتن کي سمجهڻ کانسواءِ غلط قسم جون دوائون تجويز ڪيون، جنھن کانپوءِ سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي. هوءَ پيشي جي لحاظ کان هڪ ليڪچرر هئي. پر سندس حالت اهڙي ٿي چُڪي هئي جو کيس نوڪري جاري رکڻ ۾ مشڪل پيش اچي رهي هئي. انڪري کيس ڊگهي موڪل وٺڻي پئجي وئي. شازيہ کي ڊاڪٽر جيڪي دوائون ڏنيون هيون، سي Selective Serotonin Reuptake Inhibitors (SSRIS) هيون، جيڪي عام طور تي ڊپريشن جي مريض کي ڏنيون وينديون هيون. انھن دوائن جا ذهن ۽ جسم تي برا اثر پون ٿا. ڪڏهن ڪڏهن تہ اهي دوائون مريضن ۾ علامتن کي شديد بڻائي ڇڏينديون آهن.
انتھائي افسوس جي ڳالھہ آهي تہ اسان وٽ اڪثر ڪري سائيڪياٽرسٽ بيماريءَ جي تشخيص کانسواءِ ئي دوائون تجويز ڪري ڇڏين ٿا. اهو هڪ انتھائي حساس شعبو آهي. ٿوري لاپرواهي بہ مريض جي زندگيءَ جو خاتمو ڪري سگهي ٿي. شازيہ جي ڌيءُ دعا ان عرصي ۾ پنجن مھينن جي ٿي وئي هئي. ڊپريشن جي دوائن جي اثر هيٺ هن ڇت تان ٽپ ڏيڻ جي بہ ڪوشش ڪئي. شازيہ جي ڀيڻ جي جڏهن مون سان ڳالھہ ٻولھہ ٿي تہ گفتگو بعد ان نتيجي تي پھتاسين تہ کيس آغا خان اسپتال وٺي وڃڻ گهرجي. سو سندس مائٽ کيس ڪراچي وٺي ويا. ڊاڪٽرن سندس بيماريءَ جي سڃاڻپ Bipolar Disorder طور ڪئي. بيماريءَ جي صحيح سڃاڻپ بعد اميد ٿي تہ سندس صحيح علاج تجويز ڪيو ويندو.
قديم زماني ۾ بائي پولر کي ماليخوليا (Melancholia) چوندا هئا. هي لفظ يوناني زبان مان ورتل آهي. Melas جو مطلب آهي ڪارو رنگ ۽ Chole جي معنيٰ رطوبت آهي. بقراط شخصيت ۾ چئن رطوبتن جو ذڪر ڪيو آهي، جنھن ماڻھوءَ ۾ جيڪا رطوبت وڌيڪ هوندي، سو ان جو اثر گهڻو نظر ايندو. ڪاري رطوبت جي گهڻائي غم ۽ مايوسيءَ جي علامت سمجهي وڃي ٿي. جڏهن تہ زرد رطوبت خوشي ۽ جوش جو سبب بڻجي ٿي.
بائي پولر مرض ۾ مبتلا ماڻھوء جو مزاج هڪجھڙو نہ ٿو رهي. هن عارضي ۾ موڊ جي گهٽ وڌائي عروج تي نظر ايندي آهي. ڪڏهن مريض گهڻو پرجوش نظر ايندو آهي تہ وري ڪڏهن تمام گهڻو مايوس. ان ۾ مريض جي توجھہ ۽ يڪسوئي متاثر ٿئي ٿي ۽ سندس روزمرہ جي ڪمن ڪارين ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي. هو اچانڪ ئي ڪو وڏو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو تہ جيئن جلدي مشھور ٿي سگهي. هو اڪثر وڏن منصوبن ٺاهڻ، هڪ ئي وقت ۾ گهڻن ڪمن ڪرڻ، مشھور ماڻھن کي خط لکڻ، اخبارن ۽ ٽي. وي. ۾ تبصرا وغيرہ موڪلڻ جھڙين سرگرمين ۾ حصو وٺندو آهي. هن بيماريءَ جو شڪار ماڻھو پنھنجو لباس يا هيئر اسٽائيل بہ جلدي تبديل ڪندا آهن. بائي پولر لفظ جي معنيٰ ئي ”ٻہ قطبي“ يعني ٻہ متضاد ڪنارا ٿين ٿا. انڪري مريض تي ٻہ متضاد ڪيفيتون طاري ٿي وڃن ٿيون. انڪري ئي شازيہ جي ڪيفيت اها هئي تہ ڪڏهن پرجوش هوندي هئي تہ ڪڏهن بلڪل خاموش. شازيہ کي اهو اونو هو تہ جيڪڏهن هوءَ مري وئي تہ سندس ڌيءُ کي ڪير سنڀاليندو.
هڪ دفعي مون کيس چيو تہ: ”تون پنھنجي بيماريءَ سان دوستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪر.“ منھنجي ڳالھہ ٻڌي حيران ٿي چيائين: ”اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“
”تون جنھن شيءِ کان نفرت ڪندينءَ، ان جي حقيقت نہ مڃيندينءَ تہ اها اڃا وڌندي. بھتر آهي تہ تون پنھنجي بيماريءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.“
منھنجي ڳالھہ ٻڌي سوچ ۾ پئجي وئي.
”آخر مون کي اها بيماري ڇو ٿي“. اکين ۾ لڙڪ ڀري سوال ڪيائين.
”شازيہ مون ڪٿي پڙهيو هو تہ نفسياتي مريضن جا ٻار تخليقڪار ٿيندا آهن. تنھنجي ڌيءُ بہ اڳتي هلي ڪانہ ڪا تخليق سرجندي.“
اهو ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي. شازيہ جي ڀيڻ سندس صحتيابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن بيماريءَ متعلق انٽرنيٽ تان معلومات کڻي کيس ڄاڻ ڏني ۽ شازيہ بہ پنھنجي بيماريءَ جي حقيقت تسليم ڪري ورتي هئي. سندس مٽن مائٽن ۽ دوستن ٿوري سمجهہ وسيلي هن جي بيماريءَ دوران اهم ڪردار ادا ڪيو. هڪ ڏينھن ملڻ آئي تہ تمام گهڻي خوش هئي. هٿ ۾ هڪڙو پنو هيس:
”منھنجي ڌيءُ هيءُ نظم لکيو آهي. هاڻ هوءَ ٽئين درجي ۾ آئي آهي ۽ شاعري ڪرڻ لڳي آهي.“
مون نظم پڙهيو تہ ٻاراڻي عمر ۾ پختا خيال هيس.
اها حقيقت آهي تہ جسماني، تڪليف ۽ ذهني پيڙائن جي زمين مان تخليق جو ٻوٽو ڦٽي ٿو.