ڄاڻ جا منفي ۽ مثبت پاسا!
ڏٺو وڃي تہ علم جون مختلف شاخون آهن، جيڪي زندگيءَ جي مختلف شعبن جي نمائندگي ڪن ٿيون. هر مضمون پنھنجي وسعت ۾ گهرو ۽ بامعنيٰ آهي. ڪنھن مضمون ۾ مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ فقط مطالعو ڪافي نہ آهي، پر ان مضمون سان لاڳاپيل عملي ڄاڻ بہ حاصل ڪرڻي پوي ٿي. عملي ڄاڻ مشاهدي جي وسيلي حاصل ٿيندي آهي. ٻيءَ صورت ۾ انھيءَ علم جو اصل مقصد حاصل نہ ٿو ٿئي.
علم جو بنيادي مقصد ذات ۾ بھتري آڻڻ آهي ۽ ان بھتريءَ وسيلي انسانيت جي ڀلائيءَ لاٰ ڪم ڪرڻ جو اتساھہ ملي ٿو. پر جڏهن تعليم فقط ذاتي فائدي جو سبب بڻجي ٿي تہ معاشرا اندروني انتشار جو شڪار ٿي وڃن ٿا. پھرين ۽ ٻي مھاڀاري جنگ دوران جتي يورپ جي ملڪن ۾ وڏي تباهي آئي، اتي برطانيا ۽ جرمني جي سياسي اڳواڻن پاڻ ۾ اهو معاهدو ڪيو تہ ٻنھي ملڪن جي مکيه تعليمي ادارن تي بمباري نہ ڪئي ويندي، جنھن جو نتيجو اڄ دنيا جي سامھون آهي. يورپ جا ملڪ علم جي طاقت ساڻ ڪري ٻيھر دنيا جي نقشي تي نروار ٿيا. هنن ماضيءَ مان سبق پرائي پنھنجي حال کي بھتر بڻايو. قومن لاءِ شفاف ۽ غير جانبدار تعليمي نظام ڪيترو نہ ضروري آهي، جنھن جو اندازو ملڪي حالتن مان لڳائي سگهجي ٿو. تعليم جي غير معياري نظام اسانکي اخلاقي تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيھاريو آهي.
ساڳي صورتحال ٽين دنيا جي ملڪن جي آهي، جتي علم آدرشي انسان گهٽ پر موقع پرست ماڻھو وڌيڪ پيدا ڪري رهيا آهن. پائولو فريري چواڻي تہ: ”پيڙجندڙ ماڻھو ٻٽن روين جو شڪار ٿين ٿا، جيڪو رويو سندن ذهنن ۾ گهر ڪري وڃي ٿو. هو اهو انڪشاف ڪن ٿا تہ آزاديءَ جي بغير صحيح طور تي وجود کي ماڻي نٿو سگهجي. جيتوڻيڪ اِهي سچي وجود جي خواهش ڪن ٿا، پر هو ان خواهش جي اظھار کان خوفزد آهن. هو هڪ ئي وقت جابر بہ آهن تہ مظلوم به، جن جابرن جي شعور کي ذهنن تي مسلط ڪري ڇڏيو آهي.“ برازيل جي ان تعليمي ماهر نہ فقط تعليم جي ميدان ۾ پنھنجي فڪري اُڏام سان تبديلي آندي، پر قومي ترقيءَ جي جدوجھد ۾ بہ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو.
پر اسان کي نہ اهڙا تعليمي ماهر مليا؛ نہ ئي ساڃاھہ وند، جيڪي ذاتي مفاد کان مٿانھون ٿي سوچيندا هجن. جيڪڏهن ڪي اهڙا ماڻھو آهن بہ تہ انھن گمناميءَ جون ڪنڊون وڃي وسايون آهن.
ڏٺو وڃي تہ سامراجي سوچ اها آهي تہ ماڻھو غفلت جو شڪار رهن، يا کين چور دروازي کان اندر گهڙڻ جو هنر ڏنو وڃي. جيئن صلاحيت بدران موقعي پرستيءَ جا چوپاسي چوٻول هجن. هو احسانمند رهي سندن ساک جا گڻ ڳائيندا رهن. هر سماج جا ڪاميابي ماڻڻ جا مختصر رستا ٿين ٿا، جيڪي گهڻا جٽادار ثابت نٿا ٿين. پر پاڻ ڀرائيءَ تحت منزل ماڻيندڙن جو ضمير سدائين مطمئن رهي ٿو. اهو اطمينان ئي آهي، جيڪو کين سدائين متحرڪ رکي ٿو. ٿامس جيفرسن چواڻي تہ: ”ايمانداري، ڏاهپ جي ڪتاب جو پھريون باب آهي.“ سوچ جي سچائي ساڻ آهي تہ پھريون قدم ۽ پھريون ڏاڪو اهم ٿئي ٿو، پر ٻيائيءَ جو ميوو مٺو هوندي بہ ماڻھو نٿو ڍاپجي. منفي ڄاڻ پاڻ ڏانھن ڌيان جلد ڇڪرائي ٿي. اسان وٽ منفي سوچ ۽ رويا وڌيڪ مقبول آهن. ڳالھہ مڃرائڻ لاءِ زور سان ڳالھائڻو پوي ٿو. بقول اوشو جي تہ: ”ڄاڻ مڪاري سيکاري ٿي“. يعني ماڻھو زبان جا جوهر ڏيکاري، صورتحال کي پنھنجي ذاتي فائدي ۾ بدلائي سگهي ٿو. اهو اهڙو ڊائلاگ ٿو جوڙي، جنھن جي ڪري گهٽ ڄاڻ ۽ ذاتي تجزيي جي صلاحيت کان محروم انسان سندس لفظن جي ڄار ۾ ڦاسي پون ٿا. لفظن جا اهي بازيگر مطلب جي هر خاني ۾ ٺھڪي بيھن ٿا.
اڄڪلھہ تڪڙي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جا مختلف نسخا بازار ۾ دستياب آهن، اڳي کاڌا ۽ ڪپڙا ريڊي ميڊ ملندا هئا. هاڻي ڪاميابي، ڊگريون، اسڪالرز، دانشور بہ ان دائري ۾ شامل ٿي ويا آهن. ڪنھن بہ شيءِ لاءِ ڪا وڏي محنت نٿي ڪرڻي پوي. شاگرد پڙهڻ کانسواءِ ئي امتحانن ۾ پاس ٿي وڃن ٿا.
جديد دنيا هڪ اهڙي طرف وڃي رهي آهي، جيڪا فطري ڄاڻ کان محروم نظر اچي ٿي. اها ڄاڻ فقط فطرت جي ڪتاب مان حاصل ڪري سگهجي ٿي، جنھن ۾ سچائي ۽ حقيقتن جا ڪيترائي منفرد باب شامل آهن. اها ماحولياتي ڄاڻ انساني سوچ ۾ سھپ، سھڪار ۽ توازن پيدا ڪري ٿي. ماحولياتي ڄاڻ کانسواءِ حواس خمسہ صحيح طور تي ڪم ڪرڻ کان قاصر نظر اچن ٿا.
جديد تحقيق مطابق، ٽيڪنالاجي جو استعمال ذهني نظام ۽ ڪارڪردگي تي منفي اثر ڇڏي ٿو. انھن مشينن جو گهڻو استعمال احساساتي طور تي غير فعال بڻائي ٿو. ٻارن ۽ وڏن ۾ موجود بيحسيءَ جو بہ اهو ئي سبب آهي. ان کانسواءِ مزاج ۾ لاها چاڙها وڌيا آهن. انفرادي سوچ، خودغرضي ۽ حسد جھڙا منفي رويا عام ٿيا آهن. تازي ۽ قدرتي ماحول سان رابطو منقطع ٿيڻ سبب ذهني ويڳاڻائپ وڌي آهي.
چاهي دنيا ڪيتري ئي ترقي ڪري يا انسان پنھنجي اندر ڄاڻ جا خزانا ڇو نہ سھيڙي ڇڏي، کيس سچي خوشي پوءِ بہ حاصل نہ ٿيندي. بناوٽي ذريعن مان اندر جو اطمينان نٿو ملي سگهي. ذهن جو اهو اجايو ڪاٺ ڪٻاڙ، توانائيءَ جي رستي جي وڏي رڪاوٽ بڻجيو وڃي. ذات کان باخبر جيڪڏهن غير ضروري معاملن کان بيخبر رهي تہ اها اڻڄاڻائي کيس ڪو نقصان نہ پھچائيندي. جيترو هن کي پنھنجن ماڻھن کان لاتعلقيءَ سبب نقصان پھچندو!
اڳي يونان ۾ اهڙا ڏاها هوندا هئا، جن کي سافسٽ (Sophist) چيو ويندو هو. اهي عالم دولت ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ درٻاري رويا اختيار ڪرڻ سان گڏ، خوبصورت لفظن جو سھارو وٺندا هئا، جيڪي فن خطابت جا ماهر ۽ لفظن جا شھنشاھہ هئا. سندن علم، فن ۽ فڪر عام ماڻھن جي ڀلي لاءِ نہ پر مخالفن کي مات ڏيڻ ۽ انفرادي مفادن لاءِ هو، جن ۾ جارجياس، هيپاس، پروڊيڪس، پروٽاگورس ۽ ٻيا عالم شامل هئا. انھن خطيبن جا شھرت، مان ۽ مرتبو حاصل ڪرڻ جا طريقا الڳ هئا. اهي نوان بحث تہ ڇيڙيندا هئا، پر انھن سان قوم جي رهنمائي نہ ٿي سگهندي هئي. ٻين لفظن ۾ ان فلسفي ۾ فن ۽ فڪر جو ڪو روح نہ هو، پر کين اهي گُر ايندا هئا تہ ڪيئن ڪاميابي حاصل ڪجي؟ ڪھڙيءَ ريت فاتح ٿجي ۽ ڪيئن دلين ۾ گهر ڪجي. اهي سوفسٽ سيڪيولر، ناستڪ ۽ نظريي اضافيت تي ڄاڻ رکندا هئا.
پروٽاگورس مطابق: ”هر ماڻھوءَ جي پنھنجي الڳ سوچ ٿئي ٿي.“ سندن مقصد، بحث مباحثا، ڄاڻ جي مقابلي بازي ۽ ذاتي نماءُ عام هئا. ٻئي پاسي ارسطو هو، جنھن جي سچائي ۽ خالص فن کيس تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو. هو حقيقي عالم ۽ دانشور هو، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ ايٿينز ۾ ڊراما نگار يوري پيڊيز (Euripids) جي ڪتب خاني کانپوءِ ارسطو وٽ ڪتابن جو وڏو ذخيرو هو.
اڄ صورتحال اها آهي تہ هر شعبي ۾ جارجياس، هيپاس ۽ پروڊيڪس موجود آهن. علم ۽ ڄاڻ فقط ذاتي فائدي لاءِ آهي. انھن سوفسٽ عالمن وانگر اڄ جا ڏات ڌڻي، خوبصورت لفظن ۽ محاورن جي دوڪان کولي ويٺا آهن. پنھنجي فرض ۽ قومي ذميواريءَ کان غافل دانشور، ڏتڙيل عوام جي حقن جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار نظر اچن ٿا. کين هڪ فيصلو ڪرڻو پوندو، يا تہ هو کلي سامھون اچن ۽ عوامي ڏکن ۽ سورن جون ڳالھيون نہ ورجائين يا وري مستقل نظر انداز ٿيل سورن جي سٽيل ماڻھن جا ڀرجهلا ٿي بيھن. اهو وچ وارو رستو، سندن فن ۽ فڪر لاءِ وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. سڀاڻي جڏهن تاريخي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي تہ سندن وجود، خزان جي پنن جيان اڏامي ويندا!