خواب تبديليءَ جو اُهڃاڻ آهن
خواب، لاشعور جي اپٽار آهن، جڏهن تہ شعور انساني سمجهہ جو عڪس آهي. حواس خمسہ جي وسيلي انسان زندگيءَ کي محسوس ڪري ۽ سمجهي ٿو. شعوري طور تي ماڻھو زندگي سان رابطي ۾ رهي ٿو، سندس مشاهدا ۽ تجربا روزمرہ جي زندگيءَ جو حصو بڻجن ٿا، جيڪي لاشعور ۾ محفوظ ٿيندا ويندا آهن. اھا يادگيري، شعوري سطح تي ايندي، تخليقي سگهہ بڻجي ٿي. جيئن تہ ننڍپڻ کان ڪيئي واقعا، حادثا ۽ يادگيريون لاشعور ۾ محفوظ هوندا آھن، ان ڪري رويا بہ انھن جي اثر هيٺ هوندا آهن. اڪثر لاشعور، خوابن وسيلي انسان جي راهنمائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ انسان انھن اهڃاڻن کي سمجهڻ ۾ اڪثرناڪام رهيو آھي.
نفسياتي ماهرن، خواب تي مشتمل نظرين (ڊريم ٿيوريز وسيلي) خوابن جي سگهہ کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن ۾ سگمنڊ فرائڊ، ڪارل يونگ، جيمز هلمين ۽ ٻيا شامل آهن. خوابن ۾ اسان اڪثر باھہ، پاڻي، پھاڙ، وڻ ۽ مختلف منظر ڏسندا آهيون، جن اهڃاڻن ۾ زندگيءَ سان تعلق رکندڙ انيڪ سچايون پوشيدہ هونديون آهن. مثال پاڻي هڪ وهڪرو، رواني، تازگي ۽ نواڻ جي علامت آهي. خواب ۾ جيڪڏهن ميرو پاڻي نظر اچي ٿو تہ پريشاني آهي پر ساڳئي وقت شفاف پاڻي يقين، بي خوفي، خالص جذبن، اميد ۽ خوشيءَ جو اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو. پاڻي پنھنجي اندر شين کي شفاف ڪرڻ جو هنر رکي ٿو. پاڻي وٽ حيات بخش جوهر آهي. ساڳيءَ ريت پھاڙ، پنڌ ۽ جستجو جو استعارو آهن. هيءَ سڄي ڪائنات فطري اهڃاڻن سان ڀري پئي آهي. خوابن جي پرک انھن تمثيلن وسيلي ڪئي ويندي آهي.
سگمند فرائڊ جھڙي نموني خوابن کي انسان جي اندر جي اڌمن ۽ خواهشن جو ترجمان بڻائي پيش ڪيو، ان جي اهميت اڄ بہ برقرار آهي. فرائڊ پنھنجي ڳوڙهي نگاھہ سان، انسان جي لاشعوري وارتائن جو تجزيو ڪندي ان نتيجي تي پھتو تہ خواب انسان جي شخصيت جي مختلف پھلوئن جي ترجماني ڪن ٿا. فرائڊ، هر خواب کي بامعنيٰ سمجهي ٿو. هن جيڪو خوابن تي مشتمل ڪتاب لکيو، کيس يقين هو تہ اهو نئين دور جي نمائندگي ڪري ٿو. فرائڊ انھن خوابن جي پرک کي Free Association جو نالو ڏنو ۽ خوابن جي تجزيي کي مختلف جزن ۾ ورهايو، جيڪي ڪردار، جڳھه، گفتگو ۽ عمل تي مشتمل آهن. اها تجزياتي پھچ آهي، جنھن ۾ جزو، خواب جي مڪمل تشريح ڪري ٿو. مثال خواب ۾ ڪو ڪمرو نظر اچي ٿو تہ ان ڪمري جي هر شيءِ مثال فرنيچر، رنگ، فاصلي ۽ ماحول جو مختلف تجزيو ڪري سگهجي ٿو. خواب ۾ نظر ايندڙ سمورا جزا، انساني سوچ يا واقعن ڏانھن اشارو ڪندي، دٻيل خواهشن جي وضاحت ڪن ٿا. فرائڊ جو چوڻ هو تہ خوابن وسيلي اسان پنھنجي ذهن جي مونجهارن تائين پھچندي، مسئلن جو تجزيو ڪري سگهون ٿا.
ويھين صدي ۾، نفسيات دانن جنھن انداز ۾ خوابن جي وضاحت ڪئي، ان جو اثر ادب توڙي فن تي ڏسي سگهجي ٿو. فرائڊ کان اڳي، ماڻھو خوابن کي ڪابہ اهميت نہ ڏيندا هئا، پر فرائڊ، ڪارل يونگ ۽ جيمز ھلمين جي خوابن جي باري ۾ نظرين جو براھہ راست اثر تخليقڪارن تي پيو.
ان ڏس ۾ اهم نالو ڪارل يونگ جو آهي. يونگ تجزياتي نفسيات جو باني هو. هن پنھنجي ڪتاب ۾ ذاتي خوابن جو تجزيو پيش ڪيو آهي. هو بہ فرائڊ سان سھمت آهي تہ خوابن کي اهڃاڻن وسيلي سمجهي سگهجي ٿو. دلچسپ ڳالھہ اها آهي تہ فرائڊ جي خوابن جو تجزيو ماضيءَ سان سلھاڙيل آهي. ڇو جو ماضيءَ ۾ ڪيل مشاهدا ۽ تجربا انسان جي روين جو گهڻي ڀاڱي تعين ڪن ٿا. پر ڪارل يونگ وري انھن خوابن وسيلي مستقبل کي دريافت ڪري ٿو، جن جي ذريعي شعور جو تجزيو ڪري سگهجي ٿو. يونگ چواڻي تہ خواب شخصيت جي واڌ ويجهہ جو اهم حصو آهن. خواب کيس بامقصد لڳا، جيڪي انسان جي راهنمائي ڪن ٿا. مثال خواب ۾ نظر ايندڙ جانورن يا پکين جا مختلف مذهبن ۽ تھذيبن ۾ مختلف تصور، ڪارج ۽ خاصيتون آهن. يونگ اهڃاڻن جي وچ ۾ رابطن ۽ اشارن کي واضح ڪري ٿو. هو ذهني، جسماني ۽ روحاني روين کي دريافت ڪرڻ سان گڏ هڪ حل بہ پيش ڪري ٿو. اهي خواب داخلي ۽ خارجي هم آهنگيءَ جو ميڙ آهن. ڪٿي هو متضاد ڏس ۾ اهڃاڻن جو تجزيو ڪري ٿو. خواب ذاتي خوبين ۽ خامين ڏانھن اشارو ڪن ٿا. يونگ چواڻي تہ خواب ۾ نظر ايندڙ حال سان تعلق رکندڙ واقعا، فرد جي شعوري سطح کي وائکو ڪن ٿا تہ هو ڪنھن انداز سان سوچي رهيو آهي. اها سوچ واضح طور تي سندس مستقبل جو رخ ترتيب ڏيندي.
خوابن جي حوالي سان جيمز هلمين جو نالو پڻ اهم سمجهيو وڃي ٿو. سندس چواڻي تہ خواب وڃائجي ويل رابطي جي ڪڙي ڳولھي لھن ٿا. ان تسلسل ۾ سوچ ۽ روين جي گهرائي سامھون اچي ٿي. خواب جي عام واقعن وسيلي، ذهني ڪيفيت جي وضاحت ٿئي ٿي. هلمين شعور ۽ لاشعور کان هٽي ڪري روح جو تجربو بيان ڪري ٿو. هو خوابن کي شاعريءَ جيان سمجهي ٿو، جنھن جي نہ وضاحت ڪري سگهجي ٿي نہ جواز، پر فقط اثر محسوس ڪري سگهجي ٿو. خواب بيان ڪرڻ يا وضاحت ڪرڻ بدران محسوس ڪرڻ جي سگهہ آهن. انھن خوابن جي طاقت ۽ اثر، زندگي تبديل ڪري ٿا ڇڏين.
سنڌ جي صوفين بہ اهو پيغام ڏنو آهي تہ انسان کي پنھنجي اندر جي آواز کي ڪنائڻ گهرجي. ٻاهرين دنيا ۾ رهبر نصيب نہ ٿيندو. کيس پنھنجو رهبر پاڻ بڻجڻ گهرجي. ساڳي ريت خوابن جي جديد نفسيات ۾ جيڪا تشريح بيان ڪئي وئي آهي، ان مطابق لاشعور، خوابن وسيلي فرد جي راهنمائي ڪري ٿو. شخصيت جي تجزيي کان وٺي روين تائين، خوابن وسيلي انساني ذهن جا لڪل رخ سامھون اچن ٿا.