ٻالڪپڻي جي معصوميت ۽ مصنوعي دنيا
وليم بليڪ ٻارن جي دنيا ۾ ننڍين ننڍين خوشين جو ذڪر ڪري ٿو. پکين جا گيت، پوپٽن جي اڏام، گلن جي سرهاڻ، ساوڪ جو حسن ۽ ڪائنات جا سمورا منظر، جيڪي ٻارن جي اکين ۾ حيرت ڀري ٿا ڇڏين. ٻار جي خوشي مشروط ناهي. پر احساس جو هڪ فطري وهڪرو آهي، جيڪو دنيا جي هر شيءِ کان وڌيڪ قيمتي ۽ اهم آهي. اهو ساڳيو ٻار تجربي جي دنيا ۾ اهي اتساهيندڙ ننڍيون ننڍيون خوشيون وڃائي ويھي ٿو. خواهش پرستي جي ڄار ۾ ويڙهجي وڃي ٿو.
اها حقيقت آهي تہ ٻار جي ذهني اوسر ننڍپڻ جي انھن اهم ڏينھن ۾ ٿئي ٿي. پر وڏن جي دنيا مختلف آهي، جيڪا تڪڙي تبديل نہ ٿي ٿئي. ڇو تہ عادتون پختيون ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ذهني لاڙا بہ بي لچڪ محسوس ٿين ٿا، ان ڪري سماج جلدي نٿو بدلجي. ٻاهرئين سماج جي بدلجڻ جو طريقي ڪار سست ٿئي ٿو. پر جيڪڏهن اهو سماج پنھنجي ٻار تي توجھہ ڏئي ۽ سندس پرورش ذهني، اخلاقي ۽ روحاني قدرن کي آڏو رکي ڪئي وڃي تہ اهو ٻالڪ معاشري ۾ وڏي تبديلي آڻي سگهي ٿو.
Amy Chau هڪ چيني ماءُ آهي، جنھن ٻار جي پرورش جي حوالي سان ڪتاب لکيو آهي “Battle Hymn of the Tiger Mother” ان ڪتاب يورپ ۾ وڏي مقبوليت ماڻي آهي، جنھن لاءِ ايمي چوي ٿي تہ: ”مون جڏهن اها آتم ڪٿا ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو تہ منھنجي سوچ اها هئي تہ ڀلا ماڻھن کي هڪ غير معروف عورت جي زندگيءَ جي باري ۾ ڄاڻڻ جو ڪھڙو تجسس هوندو! پر جڏهن ڪتاب شايع ٿيو تہ ان کي منھنجي سوچ جي برعڪس تمام گهڻو ساراهيو ويو.“ اها حقيقت آهي تہ چائنا جو سمورو سماج خلوت پسند آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهڙو ڪتاب ڇپرائڻ هڪ مشڪل فيصلو هو. ان ڪتاب ۾ ايمي، ٻار جي پالنا جي باري ۾ لکي ٿي تہ هن ڪيئن پنھنجن ٻارن جي پالنا ڪئي آهي. ڪيئن هن ڏکيا فيصلا ڪيا آهن، جن تي کيس ثابت قدم رهڻو پيو آهي. هوءَ لکي ٿي تہ جيڪڏهن ٻار کي پنھنجي مرضيءَ تي ڇڏيو ويندو تہ هو ڪوبہ غلط قدم کڻي سگهي ٿو. ان ڪري کيس زندگيءَ جي هر قدم تي والدين جي رهنمائي گهرجي.
جي. ايم. مھڪري پنھنجي ڪتاب “Reconstruction of Sindh” ۾ ٻالڪپڻي جي راندين کي سندن ذهني اوسر لاءِ اهم سڏي ٿو. سندس خيال آهي تہ سنڌي ٻار، جپاني ٻار کان وڌيڪ ذهين ۽ هوشيار ٿئي ٿو. ٻار جيڪي ننڍپڻ ۾ رانديون کيڏن ٿا، اهي سندن ذهني تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
ليکڪ راند جو مثال ڏيندي چوي ٿو تہ اها راند ٻار ۾ ترتيب، دورانديشي، فيصلي جي سگهہ ۽ تجربو وڌائي ٿي. اها حقيقت آهي تہ اڄ جو ٻار اهي رانديون نٿو کيڏي، جيڪي هن ۾ سھپ، سھڪار ۽ ايثار جھڙا گُڻ پيدا ڪنديون هيون. شھرن جا ٻار بہ راند ۽ جسماني مشقن جھڙي صحتمند ورزشن کان پري آهن. راند، ٻار ۾ برداشت، ملي جلي رهڻ جو ڏانءُ ۽ ذهني وشالتا جھڙا گُڻَ پيدا ڪري ٿي. راند جي موقعي کان وانجهيل ٻار شخصي تربيت کان محروم رهجي وڃن ٿا. کلي فضا ۾ راند روند، ٻار جي فڪري ۽ روحاني اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
ڪجهہ ڏينھن اڳ هڪ ٻيو ڪتاب منھنجي نظر مان گذريو، جيڪو ڊبليو. ايس. اسٽونر جو آهي، ڪتاب جو نالو ”نيچرل ايجوڪيشن“ آهي، جنھن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. ان ڪتاب ۾ ليکڪا پنھنجي ڌيءُ جي پرورش جي طريقي جي باري ۾ ٻڌائيندي لکي ٿي تہ: ”مون تصوراتي قوت جي رستي وميءَ کي ويچار ڪرڻ بہ سيکاريو، جنھن لاءِ کيس سٺا ناٽڪ ڏيکاريندي هيس ۽ کيس قدرتي نظارن جي باري ۾ سٺيون آکاڻيون ۽ گيت بہ ٻڌائيندي هيس. خيالي عڪس جوڙڻ ڪري ٻارن ۾ جوش پيدا ٿيندو آهي، جنھن ڪري هو خوش رهندا آهن. ڪيترا مائٽ اهو خزانو ٻارن کان کسيندا آهن ۽ انھن جو جوش ڊاهي ڦٽو ڪندا آهن. مون کي ياد آهي تہ ڪنھن سانجهيءَ مهل هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري آسمان ڏانھن نھاريندي ماءُ کي چيو تہ: ”امي ڏس تہ گلابي ڪڪر ڄڻ تہ گلابي آئس ڪريم وانگي آهن.“ تنھن تي سندس ماءُ ورندي ڏني تہ: ”ڪھڙي نہ چري آهين! ڪڪر سان آئسڪريم کائڻ جي ڀيٽ ڪرين ٿي. ائين چئي ٻار جي دل ڊاهي رکيائين. پوءِ وري ٻار وات نہ کوليو.“ حقيقت ۾ ٻار ۽ والدين جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو گفتگو ئي آهي، جنھن وسيلي ٻار دنيا جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري ٿو، پر موجودہ دور ۾ ٻار ۽ والدين ۾ گفتگو جو رابطو نہ هئڻ جي برابر آهي.
ماءُ جو ڇھاءُ ۽ لفظن جو يقين، ٻار جي ذهني ۽ جسماني تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جنھن جي اڻھوند سبب ٻار حسياتي طور سست ۽ ذهني طور تي غير فعال رهن ٿا. ٻار جون حسون ان وقت تيزيءَ سان ڪم ڪن ٿيون، جڏهن ماءُ پيءُ ٻار کي روزمرہ جي زندگيءَ جي سموري چرپر، فطرت، جانورن ۽ ماحول جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندا رهن ٿا. ساڳئي وقت جڏهن ٻار اظھار ڪري ٿو تہ نہ صرف سندس ڳالھہ ٻڌي وڃي، پر کيس اظھار لاءِ همٿايو بہ وڃي. ڇو تہ سمورا مشاهدا ۽ تجربا ٻار جي ذهن ۾ موجود هوندي بہ هو انھن کي موزون لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهي. حوصلہ افزائي ٿيڻ جي صورت ۾ ٻار کي پنھنجي ذات جي اظھار جي عادت پوندي. ڏٺو اهو ويو آهي تہ اڪثر رشتا، دوستيون ۽ ناتا خاموشيءَ جي نذر ٿي اهميت وڃائي ويھندا آهن. موثر اظھار رشتن کي مضبوطي عطا ڪري ٿو. هن جديد دنيا ۾ زندگيءَ جو بھتر معيار گفتگو جي ڏانءُ تي منحصر آهي.
اسٽونر لکي ٿي: ”مون پنھنجي ڌيءُ سان ڄائي ڄم کان سٺي، صاف ۽ صحيح ٻولي ڳالھائڻ شروع ڪئي. چوڌاري هڪ هڪ شيءِ ڏيکاري ان جو نالو ٻڌائيندي هيس. نتيجو اهو ٿيو جو هڪ ورهيه اندر ئي هوءَ صاف ڳالھائڻ سکي وئي. منھنجي اها سوچ هئي تہ جيڪڏهن ومي پينگهي ۾ صحيح ڳالھائڻ سکيو تہ سڄي عمر صحيح ڳالھائيندي. اٺن ورهين تائين کيس گرامر نہ سيکاريم، پر ان جي باوجود بہ هوءَ ڳالھائڻ ۾ ڪا غلطي نہ ڪندي هئي“. جيستائين ٻار جي ابتدائي تعليم جي ڳالھہ آهي تہ اهو چيو وڃي ٿو تہ ٻار کي ابتدائي تعليم مادري زبان ۾ ڏني وڃي تہ جيئن هو پنھنجي تھذيب ۽ ثقافت جي ويجهو رهي سگهي. پنھنجي ٻولي، ثقافت، رسم و رواج ۽ تاريخي ورثي جي اهميت کي سمجهڻ واري قوم سدائين سرخرو رهي ٿي.
جديد طرز تعليم جو ميڊيم انگريزي زبان آهي. St. Michaels Hopkins مطابق ٻہ يا ٻن کان وڌيڪ زبانون ابتدائي دور ۾ سکڻ ۽ ڳالھائڻ وارا ماڻھو، الزائمر جي بيماري يا ذهني مونجهارن کان محفوظ رهن ٿا. ڊاڪٽر شوئيزو جو چوڻ آهي تہ ٻن زبانن ڳالھائڻ وارا (Bilingual) ماڻھو مستقل پنھنجو ذهن استعمال ڪن ٿا، جنھن جي ڪري سندن ذهن متحرڪ رهي ٿو. جديد تحقيق مطابق شروعاتي دور ۾ ٻار جڏهن ٻہ زبانون سکي ٿو تہ هو حڪمت عملي مسئلن (Strategic) جوڙيندڙ ٿئي ٿو، جنھن سان يڪسوئي ۾ اضافي سان رويي ۾ توازن پيدا ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي تہ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ابتدائي تعليم انگريزي ۾ ڏني وڃي ٿي تہ جيئن ٻار کي جديد دنيا جي بدلجندڙ تقاضائن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي.
انگريزي زبان جي ڪري دنيا جون ڪيتريون ئي اصلوڪيون ٻوليون ۽ ثقافت ميسارجي چڪيون آهن. اسان وٽ بہ اسڪولن ۾ ٻارن جي اڪثريت تعليم انگريزيءَ ۾ پرائي ٿي. ٿيڻ تہ ائين گهرجي تہ شروع کان وٺي مادري زبان جو مضمون کين پڙهايو وڃي. جيستائين عملي طور تي اهڙي قسم جو ڪو قدم کنيو وڃي، تيستائين والدين کي مادري زبان سيکارڻ جا اُپاءَ وٺڻ گهرجن.
اها حقيقت آهي تہ انگريزي زبان ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن جا والدين پنھنجن ٻارن جي مستقبل کي محفوظ سمجهن ٿا. پر ٻار لاءِ ابتدائي عمر ۾ پنھنجي لوڪ ادب، آکاڻين کان آگاھہ هئڻ تمام ضروري ٿيو پوي. پر پنھنجي ٻولي، ثقافت ۽ تھذيب کان اڻ واقف نئون نسل ڪاغذي گلن جيان ڏيک ڏئي ٿو، جنھن جي ظاهري سونھن فطري خوشبوءِ کان محروم آهي.