ٻٽن روين جو جھنم
نون مھينن دوران ماءُ جي جيڪا ڪيفيت هوندي، اها ٻار جي مزاج جو رخ مقرر ڪندي. ابتدائي ٽن سالن دوران حاصل ٿيل ڄاڻ ۽ روين جو اثر پختو ٿئي ٿو، ان دوران ٻار ڪوڙ، ڪاوڙ، جذباتي ڏيٺ ويٺ، ضد ۽ ٻٽا رويا سکي ٿو. اهو ئي سبب آهي تہ وليم ورڊز ورٿ ٻار کي ”ماڻھوءَ جي ابي“ جو لقب ڏنو آهي.
ڪتاب ’بچے میرے استاد‘ ۾ حفيظ ڪاشميري لکي ٿو تہ ”ٻارن جي تربيت ڪرڻ کان اڳ مون کي پنھنجي ذات ۾ تبديلي آڻڻي پئي، تہ جيئن مان انھن لاءِ سٺو مثال بڻجي سگهان.“ اها حقيقت آهي تہ ٻار خاموش روين کي پنھنجي اندر منتقل ڪري ٿو. پوءِ هڪ ڏينھن اهي رويا سندس شخصيت مان ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن. ليکڪ اها ڳالھہ بہ ڪري ٿو تہ ننڍپڻ ۾ هن جيڪي جنن ڀوتن يا ڀوائتن ٻڌل قصن جو ڪيئن سندس ذهن تي اثر پيو. ان ڪري هُن پنھنجن ٻارن جي پرورش جي دوران کين تاريخي واقعا، سبق آموز آکاڻيون ۽ عظيم شخصيتن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني.
منھنجي ڌيءُ جي ڪلاس ۾ هڪ نئين ڇوڪري ماروي آئي، جيڪا تمام گهڻو روئندي هئي. اتفاق سان منھنجي هڪ ڀيري سندس والدہ سان اسڪول ۾ ملاقات ٿي، جيڪا اڳيان هلي دوستيءَ ۾ بدلجي وئي. ماروي جڏهن ٽئين درجي ۾ آئي تہ هڪ ڏينھن سندس ماءُ مون سان ملڻ آئي ۽ پنھنجي پريشاني ٻڌائڻ لڳي تہ اسڪول وارا مارويءَ جي رويي سبب پريشان آهن. ماروي ڪابہ ڳالھہ غور سان نہ ٻڌندي هئي. ڪلاس ۾ رڳو پئي ڳالھائيندي هئي ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ ضد ڪندي هئي. گهر ۾ بہ هوءَ سڀني کي تنگ ڪندي هئي. مون مارويءَ جي ماءُ ثمينہ کان پھريون سوال تہ اهو پڇيو تہ: ”هن اڄ تائين ماروي کي سخت ۾ سخت سزا ڪھڙي ڏني آهي؟“ هوءَ منھنجو سوال ٻڌي منجهي پئي ۽ پوءِ ياد ڪري چوڻ لڳي: ”هڪ ڀيري مون ميڻ بتي ٻاري گرم ميڻ سندس هٿ تي ڪيرايو هو.“ سندس ڳالھہ ٻڌي مون کي ڪابہ حيرت نہ ٿي ڇو تہ اڪثر ماڻھو ننڍپڻ يا عمر جي ڪنھن بہ دور ۾ محروميءَ جو بدلو، پنھنجن ئي ٻارن کان وٺندا آهن. اهڙيءَ ريت ڳالھين ٻولھين مان اها خبر پئي تہ ثمينہ جي ماءُ کيس ٻاهرئين ملڪ وڃڻ وقت نانيءَ وٽ ڇڏي وئي. ڇاڪاڻ تہ پرڏيھہ ۾ ننڍي ٻار جي ذميداري کيس مشڪل پئي لڳي. سندس والدين چڱو وقت ٻاهرئين ملڪن ۾ رهيا ۽ جڏهن واپس وريا تہ هوءَ ميٽرڪ ۾ هئي، پر سندس والدين ٻين ٻارن ۾ مصروف رهيا ۽ کيس ڪابہ توجھہ نہ ڏنائون. يقيناً سزا جو اهو عمل هڪ معصوم ٻار لاءِ انتھائي ڀوائتو احساس هو، جنھن ۾ تري تہ محفوظ رهي پر گرم ميڻ جي تپش روح ۾ لھي اچي ٿي.
ٻئي دفعي جڏهن ثمينہ سان ملاقات ٿي تہ مون کيس چيو تہ ”ماروي وٽ ماءُ جو مختلف تصور آهي، هڪ وڻ جي گهاٽي ڇانو جھڙو، هر ٻار لاءِ ماءُ ڪل ڪائنات آهي. چوڻ لڳي ”اهو تہ سچ آهي.“ چيومانس، تون هن کي دڙڪن، هدايتن يا سمجهاڻين بدران محبت ۽ ويساھہ جي طاقت ڏي. هن چيو. ”اهو احساس جيڪو مون وٽ ناهي، مان پاڻ ۾ ڪيئن پيدا ڪيان؟“ چيومانس تہ: ”تون پنھنجي پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. اها محرومي جيڪا توکي پنھنجي ماءُ ۽ ساهراڻي گهر کان ملي، ان جو بدلو تون مارويءَ کان وٺي رهي آهين؟“ بھرحال هن مسئلي کي سمجهي ورتو. ان ڪري پنھنجي رويي جو تجزيو ڪرڻ لڳي. خودشناسي جي ان مرحلي کانپوءِ نہ فقط ٻنھي ماءُ ۽ ڌيءُ جي روين ۾ مثبت تبديلي آئي، بلڪہ ماسترياڻين ۽ مڙس جي سھائتا سان هن ان مسئلي جو حل ڳولھي لڌو.
جيستائين ٻار جي مار جو تعلق آهي تہ ڪيترا ٻار ۽ نوجوان روز گهرن، اسڪولن يا ان کان ٻاهر جسماني تشدد جو شڪار ٿين ٿا. خاص طور تي ٻھراڙيءَ جا ٻار، ماسترن جي ڊپ کان اسڪول وڃڻ ڇڏي ٿا ڏين. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن سان اختيار ڪيل اڻ وڻندڙ رويا، جيڪي سندن عزت نفس کي مجروح ٿا ڪن، جن جو ڪو قانوني حل موجود ڪونھي. ڪنھن تي هٿ کڻڻ يا مار ڏيڻ سنگين اخلاقي جرم آهي. اهي رويا جاگيرداري ۽ وڏيراشاهي نظام جو تحفو آهن، جتي انسان کي ڪمتر سمجهي، سندس هر طرح سان عزت نفس مجروح ڪئي وڃي ٿي. ان جسماني جارحيت خلاف ڪو قانوني بل پاس ٿيڻ گهرجي. خاص طور تي سمورن تعليمي ادارن ۾ هر سطح تي جسماني تشدد ۽ بدترين روين کي روڪڻ گهرجي.
جڏهن اسان جي والد جي بدلي شھر مان سنڌ جي هڪ پوئتي پيل ڳوٺ جي اسپتال ۾ ٿي تہ مون کي ڇوڪرن جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. پھرين ڏينھن تي ئي هڪ اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو. هڪ ماستر ڇوڪري جي قميص لھرائي سندس پٺيءَ تي چھبڪ وهائي رهيو هو. گڏوگڏ کيس گار گند ڪري رهيو هو. ڇوڪري جون اُڀ ڦاڙ رڙيون ٻڌي مان تہ دهشت ۾ وڪوڙجي وئي هئس. خبر ناهي ڇو اهو لمحو سڄي عمر نہ وسري سگهيو. ان واقعي جي چشم ديد گواھہ هجڻ سبب مان انھن بدصورت روين خلاف مستقل لکندي رهي آهيان. تعليمي ادارا هجن يا ٻيا شعبا، جنھن نموني انسان جي عزت نفس کي منفي رويي جا ڏنڀ ڏنا وڃن ٿا، ان جو مثال ٻئي ڪنھن هنڌ نٿو ملي. اهو ئي سبب آهي جو نوجوانن ۾ خودڪشيءَ جو رجحان وڌيو آهي. گهڻا ٻار ۽ نوجوان ذهني بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن.
هڪ ڏکويل ماءُ ٻڌايو تہ هن پنھنجي پٽ کي شھر جي ڪيڊٽ ڪاليج مان ميٽرڪ پاس ڪرائڻ کانپوءِ ڪوھہ مري ڪاليج موڪليو. ڇھن مھينن جي اندر ئي کين ڪاليج گهرايو ويو، جتي سندن پٽ هوش ۽ حواس کان بيگاني حالت ۾ کين مليو، پنھنجي والدين کي نہ پئي سڃاڻي سگهيو. هن ٻڌايو تہ اڄ پنج سال ٿي ويا آهن؛ سندس نفسياتي ڊاڪٽر وٽ علاج هلي رهيو آهي. ماءُ ٻڌايو تہ اتي ڇوڪرن جو هڪ ٽولو کيس ذهني عذاب ڏيندو هو. هونئن بہ اسان وٽ ڏينھون ڏينھن اذيت پسند روين ۾ اضافو ٿيو آهي. مائٽن کي ٻارن کي هاسٽل موڪلڻ يا ڪيڊٽ ڪاليج ۾ داخل ڪرائڻ کان اڳ ڏسڻ گهرجي تہ سندن ٻار جسماني ۽ ذهني طور تي ڪيترو سگهارو آهي! سمورا ٻار گهر کان پري نٿا رهي سگهن. نہ ئي بدصورت روين جو زهر اندر ۾ اوتيندي حواس قائم رکي سگهندا آهن. اهي ٻار روحاني طور تي اندر ۾ ختم ٿي وڃن ٿا. اڄ جو ٻار اڪيلو، ڏکارو ۽ ويڳاڻو آهي. ڇو تہ سندس خوشيون والدين جي خوابن ۽ خواهشن جي اڏيءَ تي چڙهي وڃن ٿيون، جيڪي هن مٿان اڻ وڻندڙ مضمون مسلط ڪري ٿا ڇڏين. جبري مضمون ۽ جبري شاديون سماج کي جذبن جو قبرستان بڻائي ڇڏينديون آهن.
منھنجي سھيليءَ جي پٽ جي جڏهن ٻاهرئين ملڪ جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ٿي وئي تہ پوءِ هن ٻڌايو تہ او ليول جي آخري سال ۾ سندس پٽ جون مارڪون گهٽ آيون. اي يا بي کڻڻ وارو ٻار سي يا ڊي گريڊ تائين وڃي پھتو. پر هي پنھنجي ٻار کي گهٽ وڌ ڳالھائڻ بدران مستقل همٿائيندا رهيا. رزلٽ کانپوءِ اهو ڇوڪرو بيمار ٿي پيو. سندس دل جي رفتار هڪ منٽ ۾ هڪ سؤ ٽيھہ دفعا ڌڙڪندي هئي. ٻار جو باقاعدي ذهني ۽ جسماني علاج ٿيو. والدين بردباريءَ سان ٻار جي حوصلہ افزائي ڪندا رهيا. دلچسپ ڳالھہ اها تہ SATs جي پھرين ڪوشش ۾ فيل ٿيو، پوءِ بہ والدين کيس ڪجهہ نہ چيو. کيس خوشدليءَ سان چيائون ناڪامي، ڪاميابيءَ جو پھريون ڏاڪو آهي، تون ٻيھر ڪوشش ڪر. آخرڪار هن سٺن نمبرن سان امتحان پاس ڪيو. اهڙن مائٽن جي ڀيٽ ۾ مون اهڙا خاندان بہ ڏٺا آهن، جتي اهڙن ٻارن تي ٽوڪ ٺٺول ڪري کين ذهني مريض بڻايو ويندو آهي.
اڄڪلھہ هر ٻئي گهر ۾ ماروي جھڙا ٻار موجود آهن. اسان کي جيڪڏهن معاشري کي پاڳل خانو بنجڻ کان بچائڻو آهي تہ پوءِ پنھنجي اوچي معيار ۽ ٻٽن روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي.