هسٽيريا: انتشار ۽ فراريت
قديم مفڪرن مطابق، عورت نوجواني ۾ جنسي تجربي ۽ ڄم جي مرحلي مان گذري ٿي. جنھن مان گذري کيس ذهني ۽ جسماني سڪون ملي ٿو. اهو قدرتي نظام يا ڄم جو ڦيرو (Birth Cycle) عورت لاءِ اهم قرار ڏنو ويو آهي. ان طريقي ڪار مان گذري هوءَ ذهني، جسماني ۽ روحاني سڦلتا ماڻي ٿي. پر جيڪڏهن ڪنھن سبب ڪري هوءَ ان مرحلي ۾ داخل ٿيڻ کان محروم رهجي وڃي ٿي تہ ذهني طور بيمار ٿيڻ کانپوءِ کيس دورا پوڻ شروع ٿي وڃن ٿا.
افلاطون مطابق، فطري تعلق ۽ ڄم جي نعمت کان محروم رهي عورت اداس ۽ بدقسمت رهجي وڃي ٿي. ساڳيءَ ريت ماهر نفسيات سگمنڊ فرائڊ جو چوڻ آهي تہ جنسي خواهش کي دٻائڻ سبب اها بيماري ٿئي ٿي. پر ڊاڪٽر الفريڊ ايڊلر، فرائڊ جي ان خيال کي رد ڪندي، احساس ڪمتري کي اصل سبب قرار ڏنو.
هسٽيريا پراڻي بيماري آهي، جنھن جا ٻہ سبب ٻڌايا وڃن ٿا. هڪ تہ خالص سائنسي سبب بيان ڪيو وڃي ٿو، جنھن جو تعلق ذهني ۽ جسماني پيچيدگيءَ سان آهي. ٻيو ڪارڻ جنن، ڀوتن ۽ برن اثرن سان منسوب ڪيو ويندو هو. جيڪو سلسلو اڄ تائين هلندو پيو اچي.
هسٽيريا جا قسم ۽ اُهڃاڻ هن ريت آهن:
(1) تحويلي هسٽيريا (Conversion Hysteria) ان قسم ۾ مريض جسماني يا حسياتي طور تي نقص جو شڪار ٿي وڃي ٿو. پر طبعي طور تي عضون جو نقص ظاهر نہ ٿو ٿئي. هن بيماريءَ جي علامتن ۾ مريض کي ٿڌ يا گرمي جو احساس نہ ٿو ٿئي. نظر ۾ نقص، اکين آڏو انڌاري، ڳالھائڻ يا ٻڌڻ جي صلاحيت ۾ ڪمي، گلو بند ٿي وڃڻ، جسم کي جهٽڪا لڳڻ، زبان جو اٽڪڻ ۽ گهڻو پگهر اچڻ شامل آهن. اهي علامتون مردن ۾ بہ ظاهر ٿينديون آهن.
(2) تفريقي هسٽيريا (Dissociative Hysteria): ان قسم ۾ شعور ۽ ياداشت جي خرابي شامل آهي. مريضن کي ويسر ٿئي ٿي. خود فراموشي يا فراريت جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. مسئلن کي حقيقت پسندي سان قبول ڪرڻ بدران انھن کان فرار حاصل ڪن ٿا. ان ڪري اڪثر اهڙا مريض مختلف روپ ڌاريندا آهن. پر هو انھن تبديلين کان واقف نہ هوندا آهن. ان ڪيفيت کي گهڻ رخو شخصي بحران (Multiple Personality Disorder) سڏيو وڃي ٿو. اهو روپ ٻھروپ، هالي ووڊ جي ڪيترين ئي فلمن جو موضوع پڻ رهيو آهي، انھن فلمن ۾ High Tension، The Three Face of Eve، Shutter Island، Identity، A Tale of Two Sisters، Sibyl ۽ Fight Club وغيرہ شامل آهن. پر اڪثر فلمن ۾ ليکڪ، نفسياتي بيماريءَ جو حقيقي رخ ڏيکارڻ بدران مبالغي کان ڪم وٺن ٿا.
عورتن جي جسماني جوڙجڪ ڪجهہ اهڙي آهي، جو ذهني دٻاءُ ۽ ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ رهندڙ وهمي ڇوڪريون، ان بيماريءَ جو شڪار وڌيڪ ٿين ٿيون. ڪاوڙ، رنج، صدمو، بروقت شادي نہ ٿيڻ، خوف ۽ گهڻي واندڪائي وغيرہ اهڙا سبب آهن، جيڪي هسٽيريا جو ڪارڻ بڻجن ٿا.
قديم زماني کان عورت جي پسند يا ناپسند جي اظھار تي پابندي رهي آهي. يوناني شاعري ۾ بہ معاشرتي ناانصافين جو ذڪر ملي ٿو. قديم يوناني مفڪر پڻ عورت کي فتني ۽ فساد جي جڙ سڏيندا هئا. اهي معاشرا، عورت جي فطري جبلت جي نفي ڪندا رهيا. ست سو سال قبل مسيح وارو يونان، جنگين ۽ ٻاهرين حملن جي نشاني تي هو. يونان جي قانون مطابق، هر يوناني کي فوج ۾ بھرو وٺڻو هوندو هو. انڪري يونان جا نوي فيصد مرد محاذن تي جنگين ۾ مصروف هوندا هئا. شھرن ۾ فقط عورتون رهجي وينديون هيون، جنھن جي ڪري عورتون پاڻ ۾ عشق ڪرڻ لڳيون. بلائي ٽس جي ساهيڙي سيفو ٻنھي ملي نوجوان ڇوڪرين کي شاعري سيکارڻ لاءِ ادارا کوليا هئا، جن ۾ سندن پسند جون ڇوڪريون شامل هيون. ھو اڪثر انھن ڇوڪرين تي وڙهي بہ پونديون هيون. اهڙي ئي هڪ جهيڙي سبب بلائي ٽس کي پنھنجو شھر ڇڏڻو پيو. اهي ڪيفيتون بلائي ٽس جي نظمن ۾ موجود آهن. ساڳيءَ ريت رجعت پرست معاشرن ۾، عورتن کي پسند جي شادي جو حق نہ هئڻ سبب بہ ڪيترا ئي جذباتي مونجهارا پيدا ٿي پوندا هئا. انھن روين، هم جنس پرستيءَ جو بنياد وڌو. سنڌي ادب ۾ خيرالنساء جعفري جي ڪھاڻي ”حويلي کان هاسٽل تائين“ پڻ دٻيل جنسي خواهشن جو هڪ ڀرپور اظھار آهي.
سنڌي سماج ۾ عورتن جا نفسياتي مسئلا سدائين نظرانداز ٿيندا رهيا آهن. جيئن تہ هسٽيريا هڪ پيچيده بيماري آهي، ان ڪري گهڻي ڀاڱي ان بيماري وگهي متاثر ڇوڪرين ۽ عورتن کي سندن مائٽ مزارن تي وٺي ويندا آهن. هسٽيريا کي جنن ۽ برن اثرن سان منسوب ڪيو ويندو آهي. انھن مريضن کي سندن مائٽ آسيب ڪڍرائڻ يا علاج ڪرائڻ خاطر لال شھباز قلندر، شاھہ يقيق، گاجي شاھہ يا سعدي موساڻيءَ تي وٺي ويندا آهن، جتي اهي مريض ڌمال هڻندي نظر ايندا آهن. خاص طور تي شاھہ يقيق جي مزار تي ذهني بيمارين ۾ مبتلا ماڻھو آندا وڃن ٿا. انھن مريضن کي نفسياتي علاج جي تمام گهڻي ضرورت ٿئي ٿي، پر اسان جي معاشري ۾ اهڙن مريضن کي پيرن، فقيرن ۽ درگاهن تي وٺي وڃڻ جو رجحان وڌيڪ هجڻ سبب سندن مرض ۾ شدت پيدا ٿي وڃي ٿي.
هسٽيريا جا مريض، دوري دوران پنھنجي حالت پوريءَ طرح کان باخبر هوندا آهن. ان دوران ڏند ڪُرٽيندا ۽ ڊگها ساھہ ڀريندا آهن. ڪڏهن روئيندا آهن تہ ڪڏهن خوش نظر ايندا. دوري دوران سندن اکيون کليل ۽ پتليون حرڪت ۾ هونديون آهن. ان ڪيفيت ۾ هو گهڻو ڳالھائيندا ۽ سندن گفتگو ۾ تسلسل نہ هوندو آهي. ساھہ تي مونجهہ ٿيڻ ۽ پيٽ ۾ گولي وانگر ڪجهہ ڦرڻ ان بيماريءَ جون عام علامتون آهن.
هسٽيريا جون شڪار عورتون جنس ۽ عشق محبت ۾ غير معمولي دلچسپي رکنديون آهن. محبت ۾ ناڪامي پڻ ان بيماريءَ جو سبب بڻجي ٿي. ساڳئي وقت ڪي مريض جنس جي نالي کان خوف کائين ٿا، جن جي آڏو ان عمل کي گناھہ ۽ قابل نفرت ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو. ٻٽي معيار سبب، ظاهري طور تي ان موضوع کي رد ڪيو وڃي ٿو. پر اندروني طور تي دٻيل دلچسپي جو اظھار شامل آهي. ان موضوع تي ڳالھائڻ کي برو سمجهڻ سبب، گهڻا مريض معاشرتي خوف کان پنھنجي دلچسپي ظاهر ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا. خود لذتي يا لڪي جنسي تجربا بہ گناھہ جي احساس ۽ ندامت طور، ذهني بيماريءَ جو روپ ڌاري وٺن ٿا.
يورپ ۾ ننڍن ٻارن کي جنسي تعليم ڏيڻ سان گڏ، ڄم جو طريقي ڪار پڻ ڏيکاريو ويندو آهي. پر اسان وٽ جديد طرز زندگي ۽ انگريزي نظام تعليم (ڪيمبرج/آڪسفورڊ) هئڻ جي باوجود، گهرن ۾ جنس جي موضوع جي باري ۾ ڳالھائڻ کي برو سمجهيو وڃي ٿو. اڄ دنيا بدلجي وئي آهي. موبائيل ۽ انٽرنيٽ عام استعمال ٿي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ ڇوڪرين کي جنس جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ ضروري ٿيو پوي. ڄاڻ يا معلومات ٻارن کي خوداعتمادي بخشي ٿي، جڏهن تہ لڪائڻ يا روڪ ٽوڪ ۽ شڪ ڇوڪرين کي غلط رستن تي سفر ڪرڻ لاءِ اُتساهين ٿا.
آخر ان بيماريءَ جو ڪھڙو علاج ٿي سگهي ٿو؟ سڀ کان پھريائين ان بيماري جي صحيح تشخيص ٿيڻ گهرجي. اها هڪ ذهني بيماري آهي. ان جو آسيب سان ڪو واسطو نہ آهي. پيرن، فقيرن ۽ مزارن بدران مريضن کي نفسياتي ماهرن کي ڏيکارڻ گهرجي. گهڻا ماڻھو نفسياتي علاج ڪرائڻ کي شرمندگيءَ جو سبب سمجهندي ڊاڪٽرن ڏانھن نٿا وڃن.
ڊاڪٽر گهڻي ڀاڱي مريضن لاءِ شادي تجويز ڪن ٿا. غلط جڳھہ تي شادي سبب مرض ۾ وڌيڪ بگاڙ پيدا ٿي وڃڻ جو انديشو رهي ٿو. شادي فقط جنسي عمل جو نالو نہ آهي. بلڪ اهو هڪ ذهني ۽ روحاني معاهدو آهي. انڪري اهڙين ڇوڪرين جا سوچي سمجهي رشتا طئي ڪرڻ گهرجن. انساني ڇُھاءُ، علاج ڪرڻ جو مجاز آهي. ڀاڪر پائڻ يا هٿ ملائڻ وقت انساني جسم ۾ Oxytocin نالي هارمونز پيدا ٿين ٿا، جيڪي ذهني ۽ طبعي طور تي علاج طور صحتياب ڪن ٿا. اهي هارمونز ڇھاءُ وقت انسان ۾ يقين ۽ محبت ڀريا جذبا پيدا ڪن ٿا. هسٽيريا جي مريضن کي پيار، توجھہ ۽ ويجهن رشتن جي ڇھاءُ جي ضرورت رهي ٿي.
محبت کان وڌيڪ ڪا ٻي مؤثر دوا نہ آهي. ڇوڪرين کي ننڍپڻ کان پنھنجي ويجهو رکڻ گهرجي. اجائي روڪ ٽوڪ يا دڙڪن کان پاسو ڪندي کين آرام سان هر ڳالھہ سمجهائڻ گهرجي. ماءُ جو مثبت ۽ پيار ڀريو رويو ڇوڪرين ۾ خود اعتمادي پيدا ڪري ٿو. اٺن سالن کان ٻارهن سالن تائين ڇوڪرين کي سٺي غذا کارائڻ گهرجي.
شروع کان تعميري ڪمن ۾ مشغول رکڻ گهرجي. مائرن کي گهرجي تہ کين سبق آموز آکاڻيون ٻڌائين. سگمنڊ فرائڊ ٽاڪ ٿيراپي وسيلي ذهني بيمارين جو علاج دريافت ڪيو، جنھن کي تحليل نفسي چيو وڃي ٿو. ان ٿيراپي دوران مريض کي ڳالھائڻ جو موقعو ملي ٿو. طبيب، مريض جي ڳالھہ ٻولھہ مان نفسياتي مريض جو لاشعور پڙهندي کيس دوا ۽ مشقون تجويز ڪري ٿو، جن ۾ ورزش، پنڌ، ساھہ جون مشقون، موسيقي، ڪتاب پڙهڻ ۽ باغباني وغيرہ شامل آهن.
حقيقت اها آهي تہ گهر جا ڀاتي بہ اهڙن مريضن لاءِ نفسياتي ماهر جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. مريض کي اظھار لاءِ همٿايو وڃي ٿو. کيس همدرديءَ سان ٻڌڻ جي سھپ پيدا ڪئي وڃي. جڏهن هو بنا خوف جي پنھنجي ڳالھہ چئي سگهنديون تہ سندن بيماري جي شدت ۾ ڪمي اچڻ لڳندي.