تاريخ، فلسفو ۽ سياست

خود شناسيءَ جو جوھر

محترمہ شبنم گل نھايت سنجيدہ ۽ مثبت سوچيندڙ ليکڪا آهي. ھن ڪتاب ۾ فڪري ۽ سماجي نفسيات جي مختلف رخن تي لکيل مضمون ۽ لکڻيون شامل آھن. مجموعي طور هن ڪتاب جو هڪ بھتر تاثر آهي، جنھن جو لب لباب اهو آهي تہ انسان فطرت کان پري ٿي، فطرت کي تباهہ ڪري، پنھنجي زندگي لاءِ ڪيترا ئي خطرا پيدا ڪري ورتا آهن. هن ڪتاب جا مضمون نفسيات جا اهم موضوع آهن، جيڪي عام زندگيءَ جا عام موضوع آهن، پر انھن جي پنھنجي اهميت آهي، جن کي اسان گهڻو ڪري اهميت نہ ڏيندا آهيون.

  • 4.5/5.0
  • 52
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خود شناسيءَ جو جوھر

ڪمفرٽ زون

ڪمفرٽ زون، ذهني آسودگيءَ جو نالو آهي، جيڪو انسان کي ذهني دٻاءُ يا پريشانيءَ کان نجات ڏياري ٿو. اها ذهني آسودگي يا آرام طلبي هڪ نفسياتي مھرو پڻ آهي، جنھن کي استعمال ڪري، انسان زبردستي پنھنجي لاءِ من پسند ماحول جي چونڊ ڪري ٿو. آمريڪي سائيڪولوجسٽ Robert Mearns Yearks جي ڪيل تحقيقي مشاهدي مطابق، اسان کي رليٽِو اينگزائيٽي جي ضرورت ٿئي ٿي. هڪ اهڙي جاءِ جتي ذهني دٻاءُ وڌي ٿو. ان ڪيفيت کي Optimal Anxiety سڏيو وڃي ٿو، جنھن کانپوءِ ماڻھو ڪفرٽ زون مان ٻاهر نڪري ٿو.
ماڻھو ڪيتري ڪوشش ڇو نہ ڪري ڪجهہ حاصل ڪرڻ لاءِ پر کيس گهربل نتيجو ان وقت ملي سگهي ٿو، جڏهن هو ان ڪم لاءِ ذهني طور تي تيار هجي. زندگيءَ ۾ انسان کي ڪٿي مزاج جي اُبتڙ فيصلا ڪرڻا پون ٿا. آرام واري زندگيءَ کي ڇڏڻو پوي ٿو. هونئن ماڻھو يڪسانيت واري زندگي کي ترجيح ڏيندا آهن، جيئن کين نئين صورتحال کي منھن نہ ڏيڻو پوي. جيڪا اڻ وڻندڙ بہ ٿي سگهي ٿي. ڪوبہ نئون ڪم يا مقصد ٻين لفظن ۾ ذهني دٻاءُ وڌائي ٿو. جدوجھد ۽ جاکوڙ لاءِ محنت ۽ مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. ڪمفرٽ زون کان ٻاهر زندگي پرخطر، نامھربان ۽ غيريقيني ٿيو پوي.
زندگي مسئلن ۽ مشڪلاتن سان ڀرپور آهي. شارٽ ڪٽ جي اصطلاح سماجي زندگي ۾ مروج ٿيڻ بعد ماڻھو محنت، جدوجھد ۽ ڪم جي معيار کي بھتر بنائڻ کان پاسو ڪرڻ لڳا. هتي صورتحال اها آهي تہ جتي اجورو گهڻو آهي، اُتي ڪم جو معيار گهٽ آهي. خاص طور تي گورنمينٽ جي ادارن ۾ وقت جو زيان گهڻو آهي. سفارش، اقرباپروري ۽ ذاتي تعلقات جو سھارو پڻ ڪمفرٽ زون ۾ رهڻ واري سوچ کي هٿي ڏئي ٿو، جنھن جي ڪري ذاتي ذميداري، سچائي ۽ ايمانداريءَ جھڙا لفظ اڻلڀ ٿي ويا آهن.
اهو ئي سبب آهي تہ اجتماعي سوچ بدران، انفرادي سوچ کي وڌيڪ اُسرڻ جو موقعو مليو آهي. ماڻھو ذات، گهر ۽ ادارن ۾ ذهني انتشار سان افراتفري پيدا ڪري ٿو ڇڏي. سندس سوچ بہ موقعي ۽ ماحول جي مناسبت سان تبديل ٿيندي رهي ٿي. ذاتي مفاد ۽ موقع پرستي جھڙا اڻ وڻندڙ رويا سماجي بي اطميناني جو سبب بڻجن ٿا. ذاتي سک جي ڳولا، ذهني آسودگي آهي. هڪ ماڻھوءَ جو سڪون ۽ فائدو، ڪيترن ماڻھن جي نقصان ۽ ذهني اذيت جو باعث بڻجي ٿو. جنھن جي ڪري اذيت پسند روين جو بنياد پوي ٿو. ڇو تہ انفرادي خوشي جي پرچار ڪندڙ ماڻھو گهڻي ڀاڱي ٻين جي تڪليفن کان غافل رهن ٿا. نتيجي ۾ معاشرو اخلاقي بدحاليءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
وقت گذرڻ سان گڏ دنيا هڪ گلوبل وليج جو روپ ڌاري ورتو آهي. پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ڄاڻ فراهم ڪرڻ جا ذريعا آهن. موبائيل، انٽرنيٽ، ايڪس باڪس، ٽيبلٽ وغيرہ پڻ ڪمفرٽ زون ۾ اچي وڃن ٿا. ڄاڻ جي ذريعن جو غلط استعمال، سلو پوائزن جيان آهي، جيڪو نئين نسل جي رڳن ۾ ڊوڙي رهيو آهي. ان ڪري انھن لاءِ نشو پتو، سگريٽ يا شيشو پيئڻ پڻ ذهني آسودگي جو ذريعو آهي. ٻار يا نوجوان منفي سوچ ۽ لاڙن جو شڪار ان ڪري ٿين ٿا جو وڏا سندن ڳالھہ نہ ٿا سمجهن.
پراڻي نسل اڪثر ٻٽن روين جو شڪار آهي، جيڪا ٻار جي خامين، ذهني ۽ جذباتي مسئلن کي حقيقي انداز ۾ نہ ٿي ڏسي. خامين کي ڌڪارڻ يا بي جا سختي معاملي کي وڌيڪ بگاڙي ٿي. منفي روين جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ وسيلي، ڪيترن ذهني مونجهارن جو حل ملي سگهي ٿو. مسئلو اهو آهي تہ پراڻي نسل وٽ وقت ناهي. پراڻي نسل جا ماڻھو هروڀرو وڏي عمر جي ڪري خود رحميءَ ۾ مبتلا ٿيو ٿا پون. اهي وقت سان گڏ وڌيڪ سخت، بي لچڪ ۽ زندگيءَ کان بي زار نظر اچن ٿا. اهي بدلجندڙ دنيا جي تقاضائن کي نٿا سمجهڻ چاهين. سندن ان رويي، جنھن جنريشن گئپَ کي هٿي ڏني آهي.
ٽيھہ سال اڳ اسان جي چوڌاري ماحول مختلف هو. اڄ ان ماحول جو مثال ڏيڻ فضول آهي. اڄ جا ٻار ۽ نوجوان وڌيڪ مشڪل ۾ آهن. اهي چوڌاري رتو ڇاڻ ٿيندي ڏسي رهيا آهن. اهي هڪ اهڙي دنيا ۾ ساھہ کڻي رهيا آهن، جيڪا غيرمحفوظ ۽ غير يقيني آهي.
گڏيل ڪٽنب جو نظام وکري چڪو آهي. انڪري اڄ اسان جا ٻار ۽ نوجوان دنيا جي جهنگ ۾ اڪيلا بيٺا آهن. روايتي سوچ، شڪ ۽ تنگ نظري بدران کين پنھنجائپ، محبت ۽ يقين جي وڌيڪ ضرورت آهي. ڇو تہ شڪ ۽ غيريقيني وارا رويا ٻارن کي ڀٽڪائين ٿا. کين خاندان ۾ سٺا رول ماڊل گهرجن، جن کان تحرڪ حاصل ڪري سگهن. وڏن جي قول و فعل ۾ تضاد، خانداني جهڳڙا، غلط فھميون ۽ تنگ نظري نئين نسل کي تشويش ۾ مبتلا ڪري ٿي ڇڏي.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ اسان پاڻ نئين نسل کي ڪيترا تعميري ۽ تخليقي موقعا فراهم ڪيا آهن؟ امن امان جي مسئلن جي ڪري ٻار ٻاهر نہ ٿا وڃي سگهن تہ ماڻھو ملي پنھنجن پاڙن يا فليٽن جي ڇتين تي کيڏ ڻ جو ميدان ۽ ساوڪ جو انتظام ڪري سگهن ٿا. اهو بہ ڏسڻو آهي تہ والدين ٻار جي نفسيات کي ڪيترو واقف آھن ۽ ساڻن ڪيترو وقت گذارين ٿا. پنھنجين نسلن جي ذهني، جذباتي ۽ جسماني گهرجن کان غفلت درحقيقت سڄي انسانيت سان ويساھہ گهاتي جي برابر آهي. سندن غلطين سبب گمراهي ۾ ڦاٿل ٻار، سڀاڻي الائي ڪيترن ماڻھن جو سک کسيندو؟
اسان وٽ ان ذهني آسودگيءَ سبب ڪم جي ڪارڪردگي ۽ رفتار پڻ گهٽ آهي. ڪم واري جاءِ تي ماڻھو موبائيل ۽ ذاتي ليپ ٽاپ جو استعمال ڪن ٿا. ترقي يافتہ ملڪن ۾ رابطي ۽ تفريح جي ذريعن يا ذاتي ڪچھرين تي پابندي آهي. نہ ئي وري ڪو ماڻھو ذاتي نظريي جي پرچار ڪري سگهي ٿو. اُتي پيشيور ماڻھو غيرجانبدار، محنتي، ڪم سان سچا، تعاون ڪندڙ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ڇو تہ ادارا فرد جي ذاتي مونجهارن کان آزاد آهن. اهي ذاتي پريشانيون گهر ۾ ڇڏي آفيسن جو رخ ڪندا آهن. ان موضوع جي ماهر، ان حوالي سان لکي ٿي: ”بھتر آهي تہ نوجوان ڪمفرٽ زون مان ٻاهر نڪري زندگيءَ جا چئلنج کلي ذهن ۽ دل سان قبول ڪن. ذاتي واڌ ويجهہ ۽ ڪاميابين لاءِ سھپ ۽ سمجهہ جو هئڻ ضروري آهي. ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ اسان هر طرح جي ماڻھن سان لھہ وچڙ ۾ اچڻ سکون ۽ ڏکي صورتحال کي سمجهہ ۽ ڏاهپ سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون بجاءِ ان جي جو فرار جا رستا ڳوليون.“
اها حقيقت آهي تہ ڏکيون حالتون انسان جي ذهن ۽ ڪردار کي مضبوطي عطا ڪن ٿيون. مشڪلاتون انسان جي ظرف جيِ پرک جو پيمانو آهن. انسان کي پروڙ پوي ٿي تہ سندس ظرف کوٽو آهي يا اعليٰ! انسان پنھنجي باري ۾ ڪيترو ئي خوش فھميءَ جو شڪارڇو نہ هجي؛ ڪم جو معيار ۽ ڪارڪردگي سندس اصلي حقيقت جي ترجماني ڪندا آھن.
سھل پسندي جو سحر ٽوڙڻ لاءِ ڪمن کي مختلف انداز سان ڪرڻ جو فيصلو ضروري ٿيو پوي. جيڪڏهن ڪو انسان شين ۾ جدت ڏسڻ جو خواهشمند آهي تہ کيس نون فيصلن لاءِ تڪڙو سوچڻو پوي ٿو، جنھن جو مثبت نتيجو ڪم ۽ ذاتي زندگي ۾ جلد نظر ايندو آهي. ان لاءِ مشاهدو ۽ وقت جو هئڻ ضروري ٿيو پوي. ساڳين شين کي سوچ جي نئين تناظر ۾ ڏسڻ سان اُتساھہ ملي ٿو.