پنھنجي پاران
دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي، اها سدائين تبديل ٿيندي رهندي. نواڻ يا بدلجڻ فطري امر آهي، پر ڏسڻو اهو پوندو تہ اهي تبديليون اسان جي خطي جي مزاج مطابق آهن يا نہ، ڇو تہ گلوبلائيزيشن جو پھريون وار ٻوليءَ ۽ ثقافت تي ٿئي ٿو. ٻوليءَ جي بگاڙ کانپوءِ رهڻي ڪھڻي، لباس ۽ ريتون رسمون متاثر ٿينديون آهن. نئين دور جي اهميت کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي، پر جيڪڏهن ظاهري ڏيک تبديل ڪيون ٿا تہ ٺيڪ آهي، پر اندريون روح تہ ساڳيو هئڻ گهرجي. جيڪڏھن ڌرتيءَ جي ڳالھہ ڪنداسين تہ جيستائين ان محبت ۾ روح جي تاثير شامل نہ هوندي تہ اها محبت خالي محسوس ٿيندي. خالي ڳالھيون عمل جي اثر کان محروم ٿين ٿيون.
ڪاليج جي زماني کان لکڻ شروع ڪيو. لکڻ لاءِ اُتساھہ سفر ۽ سماجي و سياسي حالتن کان مليو. والد ڊاڪٽر هو، ان ڪري ٻن ٽن سالن کانپوءِ سنڌ جي ڪنھن ڳوٺ يا شھر ڏانھن بدلي ٿي ويندي هئي. انھن شھرن ۾ سجاول، سيوهڻ، جوهي، مڪلي، ڄامشورو ڪالوني، حيدرآباد ۽ ٻيا ڪيترا ڳوٺ ۽ شھر شامل آهن. شھر شخصيت جيان ٿين ٿا، انھن جو ماحول، لباس ھجي ڄڻ مزاج روح جيان محسوس ٿيو. ڪنھن ڪڏهن سوال ڪيو تہ شھرن جي شخصيت بہ ٿيندي آهي ڇا؟ ان خيال سان سھمت نہ آهيان. مٽي بہ ساهوارن جيان محسوس ٿئي ٿي. زمين، زرخيزي، واڌ ويجهہ ۽ نتيجن جي طاقت رکي ٿي، جيڪي خاصيتون انسانن ۾ بہ ٿين ٿيون. ساڳيءَ ريت هر خطي جي مٽي، واريءَ جو مختلف قسم ۽ اثر ٿئي ٿو. شين جي قسم، ساخت ۽ اثر انھن جي انفراديت جي درجہ بندي ڪري ٿو.
اهي سمورا خطا مون کي دلچسپ لڳا. مون انھن کي ڪنھن ڪتاب جيان پڙهيو ۽ هنئين سان هنڊايو. سيوهڻ جو شھر نہ وسرڻ جھڙو عجيب شھر آهي. پھرين علمي درسگاھہ، مضافاتي شھر، جنھن جا رنگ، وقت جي مختلف پھرن ۾ عجب ڏيک ڏيندا آهن. ڀڳي ٺوڙهي جا پھاڙ، واچوڙي کانپوءِ مون لاءِ سوچ جو ٻيو تحرڪ کڻي آيا. اهي پھاڙ هزارين سال پراڻا آهن، جن جي سيني ۾ سنڌ ڌرتيءَ جا انيڪ راز دفن هوندا. قلندر شھباز جي مزار جا رنگ ئي عجب هئا. اگربتين ۽ گلن جي سُرهاڻ ۽ پھرين ڌمال جو مشاهدو انتھائي منفرد هو. شين جي ٿيڻ ۾ ڪو جواز نہ ھوندي بہ سحر انگيزي آھي.
مون کي اڄ بہ ياد آهن، جوهي شھر ۾ اٿندڙ مٽيءَ جا واچوڙا، جن کي ڏسي ننڍپڻ ۾ ذهن ۾ ڪيترائي سوال اٿندا هئا. عورتون چونديون هيون تہ: ”انھن واچوڙن ۾ جن لڪل هوندا آهن.“ واقعي محسوس بہ اهو ئي ٿيندو هو، ڄڻ ڪا غير مرئي طاقت لڪل آھي، جا مٽيءَ ۾ پئي ٿي ڦري. مٽي بہ رقص ڪري ٿي. ان واچوڙي منھنجي سوچ ۽ تخليقي صلاحيتن کي ڪجهہ دريافت ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
جيئن منھنجي لاءِ اها ٽرين اهم هوندي هئي، جنھن ۾ سفر ڪري ناناڻي ڳوٺ پھچندا هئاسين. مختلف ماڻھن جي ملڻ جو اُتساھہ ۽ مختلف مشاهدا ٿيندا هئا. اهو ئي ساڳيو ميڙ، ان مزار تي بہ نظر آيو. ميڙ ۾ هڪ طاقت اُسرندي محسوس ٿيندي هئي. خاموش ۽ گهايل احساس جي طاقت! اهي مزارون سنڌ جي عورتن لاءِ تبديليءَ جو مرڪز رهيون آهن، جن کي گهرن جي گهٽيل ماحول ۽ مسئلن کان ڪا وٿي ملي ٿي. سنڌ جي هر مزار تي وڃڻ جو اتفاق ٿيو ۽ مختلف مسئلن ۾ مبتلا ماڻھن جي تڪليف جو احساس بہ ٿيو.
حقيقت اها آهي تہ هوش مند ماڻھن کان وڌيڪ چريا، مجذوب ۽ ديوانا چڱا آهن، جن جي خاص ڳالھہ بنا ڪنھن نقاب جي اصلي شخصيت آهي. هوش مند ماڻھوءَ جي شخصيت الائي تہ ڪيترن نقابن ۾ ويڙهيل نظر اچي ٿي. اهڙي هر ماڻھوءَ ۾ انتھا جي شعوري بيچيني محسوس ٿي. عجيب وهم وسوسا، خوف، احساس محرومي، احساس برتري ۽ مزاج جون خرابيون ڏٺيون، جن کي لفظن جي خوشنما نقاب ۾ لڪايو وڃي ٿو.
فرد جو سٺو نظر اچڻ هڪ معاشرتي مجبوري آهي. بجاءِ جو اسان ڪو نقاب پھريون، ڇو نہ مزاج جي ان عدم توازن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون، ان جو حل ڳوليون. هڪ وڻندڙ ۽ مزاج جي اعتدال تي بيٺل انسان زندھہ دل، ذهني وسعت رکندڙ ۽ خوش مزاج انسان ٿئي ٿو، هو هر ڪنھن جي ڪاميابي تي خوش ٿيڻ سان گڏ، هر وقت ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نظر ايندو. هڪ روشن خيال، ملنسار، اخوت ۽ ڀائيچاري تي ويساھہ رکندڙ فرد، هر سماج جي اهم ضرورت ٿئي ٿو. جڏهن تہ ضدي، چيڙاڪ، حاسد، خود پرست ۽ مغرور ماڻھو جتي ٻين لاءِ عذاب هوندا آهن تہ اتي پنھنجي ذات لاءِ بہ آزمائش ٿين ٿا. هو ميڙ ۾ سدائين اڪيلا ملندا. اها انفراديت پسندي ۽ ڪامليت جي دعويٰ ئي وڏي ذهني بيماري آهي.
فطرت جي زندگيءَ کي ڏسو، جتي هر شيءِ پنھنجي وقت سان واڌ ويجهہ جي عمل مان گذري ٿي. اها الڳ ڳالھہ آهي تہ انسان ميوي پچڻ جو انتظار نہ ڪري ۽ ان ۾ ڪو ڪيميڪل ملائي، ان کي وقت کان اڳي پچائي، راس ڪري، مارڪيٽ ۾کڻي اچي. اها بي حسي ۽ خالص شين سان ملاوٽ اصل مسئلن جي جڙ آهي. اهڙا ميوا واپرائي، انسان بيماريون پرائي ٿو. اڳي ڪم ۽ ڪرت سان انسان جا اخلاقي قدر وابستہ هوندا هئا. اڳي پوکي ڪندڙ مارڪيٽ تائين سٺيون ۽ زندگيءَ بخش شيون پھچائيندو هو، جيئن خوشي ۽ خوشحالي ورهائي. اهو پيشو يا ڪرت جنھن ۾ رزق جو سلسلو جڙيل ھجي، توانائي جي ڏي وٺ جو مرڪز رهي ٿو. مثال ڪو دوڪاندار سٺي ۽ صحت بخش شيءِ عام ماڻھن تائين پھچائيندو تہ اُها خوشي ۽ صحت جون لھرون واپس کيس موٽي ملنديون. ڏاهن چواڻيءَ تہ: ”جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي“ واري اصول تحت شيون ردعمل جي مرڪز ڏانھن موٽ کائين ٿيون. اها موٽ فقط طبعي دنيا تائين محدود ناهي، پر احساساتي ۽ ڪائناتي وارتا پڻ آهي.
اول ماڻھوءَ کي اهو طئي ڪرڻو پوندو هو تہ هو ٻين کي ڇا پيو ڏئي. ڪھڙي سوچ، ڪھڙا لفظ ۽ خيال پيو ورهائي، پوءِ کيس احساس ٿيندو هو تہ ارادو يا نيت، هو جيڪو لفظن جي صورت ۾ ورهائي ٿو، اهو وري کيس واپس موٽي ملي ٿو. هنن مضمونن ۾ پڙهندڙن کي اها ساڳي ڪيفيت نظر ايندي. شين جي پاڻ ۾ هم آهنگيءَ تحت هلڻ يا غير موافق هئڻ جي صورت ۾ سھيڙڻ، تعلق جي نوعيت سمجهڻ، سنڀالڻ ۽ سنوارڻ، غير محسوس روين ۽ وارتائن جو ادراڪ ڪرڻ. وجود، فطرت ۽ ڪائنات کي سمجهڻ، ان وسيلي نتيجا اخذڪرڻ جي ڪوشش ذھني سجاڳي آھي.
اها حقيقت آهي تہ سمجهہ ۽ محسوس ڪرڻ جا پيمانا جدا آهن. جيئن سج جي روشني هر ڪنھن لاءِ ساڳي اهميت نہ ٿي رکي. ڪي ماڻھو سج جي روشنيءَ ۾ خائف نظر ايندا۽ رات ٿيندي ئي پرسڪون ٿي ويندا آهن. ساڳيءَ ريت اونداهيءَ جو پنھنجو ڪارج آهي. رات جو گهڻن ماڻھن جو ساھہ منجهندو آهي، ڇو تہ ڪارو رنگ مايوسيءَ ورهائي ٿو. ڪيفيت بدلجڻ سان جسماني نظام جي ڪارڪردگيءَ ۾ فرق ظاهر ٿئي ٿو.
ٻي ڳالھہ اها آهي تہ سوچ ۽ محسوس ڪرڻ جو انداز سٺا يا برا نتيجا اخذ ڪرائي ٿو. ماڻھن لاءِ شيون يا تہ خراب آهن يا سٺيون آهن، پر هنن ڪڏهن بہ اها ڳالھہ نہ سوچي هوندي تہ سندن سوچ يا ذهن، شين لاءِ جيڪو تاثر يا معيار قائم ڪري ٿو، ان جو بنيادي سبب سندن سوچ جو انداز آهي. انسان جي سمجهہ/ادراڪ Perception سندس ذهني ڪيفيت جو آئينو آهي.
ڪيفيت جي بدلجڻ سان سندس پرک جو پيمانو بہ تبديل ٿيندو، ڪابہ صورتحال مستقل يا حقيقي ناهي ٿيندي.
مون لاءِ فطرت، انساني سمجهہ جو اهو پھريون ڪتاب آهي، جيڪو هڪ قدرتي تربيتي ادارو آهي، جنھن جي آڏو ڊگرين ۽ سندن جي بہ ڪا وڏي اهميت نہ هوندي. اهميت ان علم جي آهي، جنھن ۾ عمل جي طاقت پوشيدہ هجي. دنياوي علم فائدي جي هڪ صورت آهي، جنھن سان غرض جون مختلف ڪڙيون ٻڌل آهن، پر فطرت مان حاصل ڪيل سمجهہ ۽ سکيا، منفي سوچ ۽ روين کان آجي هوندي آهي. فطرت جا مختلف ڪارج آهن، جيڪا غذا جي صورت ۾ توانائي، دوست جي روپ ۾ آٿت ۽ ڏاهي جي ويس ۾ توازن سيکاري ٿي.
دنيا جون مختلف قومون نباتات جي پوڄا ڪنديون آهن. پنھنجو جسماني ۽ روحاني علاج بہ ان قدرتي مسيحا کان حاصل ڪن ٿيون. پر اسان ساوڪ ۽ فطري مظھرن جي معجزاتي اثر کان اڻ واقف آھيون. مثال وھندڙ پاڻي جي قوت، پھاڙن جي سانت ۾ لڪل روحاني رمز، آسمان جي رنگن جو مزاج تي پوندڙ اثر، اُس جي ڀاڪر جي گرمي، ڀٽن جي ڀرسان اسرندڙ تنھائيءَ جي طاقت، ڪنھن صوفي جي ڪرشماتي سوچ کان گهٽ ڪونهي.
مون ڪالم ۽ مضمون لکيا آهن، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهن. هي بنيادي طور تي مضمون آهن، پر اڄڪلھہ ڪالم ۽ مضمون کي هڪ ئي نثري صنف طور ڏٺو وڃي ٿو، جيڪو تاثر غلط آهي. ڪالم جو فني گهاڙيٽو مضمون کان ڪافي مختلف آهي. ٻنھي جي اهميت ۽ گهرج بنھه مختلف ٿئي ٿي.ڪالم، گفتگو واري طرز تي لکيا وڃن ٿا، جن ۾ موضوع جا گهڻا رخ ايندا آهن، جيڪي ھڪ تصور جي چوڌاري ڦرندا رھن ٿا. جيئن محسوس ٿئي تہ ڪالم نويس پڙهندڙن سان هم ڪلام آهي. ڪالم ۾ موضوع جا سمورا تفصيل شامل نہ هوندا آهن. ڪالم گهڻو ڪري ڪنھن تازي واقعي يا معاملي بابت ٿيندا آهن.
عام طور تي ٻن طرح جون لکڻيون ٿين ٿيون، جن ۾ فڪشن
۽ نان فڪشن شامل آهن. نان فڪشن ادب وري صحافت
(Literary Journalism) جو حصو ٿئي ٿو، جنھن ۾ تخليقي يا تعميري طور تي موضوع کي بيانيہ انداز ۾ تحرير ڪيو ويندو آهي. هن انداز کي بيانيہ صحافت (Narrative Journalism) سڏيو وڃي ٿو. هن قسم جي لکڻين ۾ ڪنھن بہ موضوع جي باري ۾ گھري ۽ بامعنيٰ انداز ۾ معلومات فراهم ڪئي ويندي آهي. ان قسم جي تحرير جي جوڙجڪ ۾ تمثيلي انداز، دلڪشن ٻولي ۽ منفرد طريقو شامل هوندوآهي، جنھن ۾ اُتساھيندڙ موضوع جھڙوڪ فطرت تي مشتمل لکڻيون، سفرناما، راندين ۽ سائنسي موضوعن تي مشتمل ڪالم، سوانح حيات، يادگيريون، ڊائريون/خاڪا ۽ انشائيا وغيرہ شامل ٿين ٿا.
هن قسم جي لکڻين ۾ ليکڪ جي شخصيت حصي دار هوندي آهي. چاهي هو تحرير ۾ واضح طور تي نظر اچي يا تحرير جي پس منظر ۾ ڪٿي موجود هجي. هو تحريرن وسيلي ذات جا مخفي پھلو دريافت ڪري، پاڻ کي اُتساھہ بخشي ٿو.
ان قسم جي لکڻين ۾ مايا اينجلو جو ڪتاب“I know why the Cagged birds sing” جيڪو 1979ع ۾ ڇپيو.
James Baldwin جي ڪتاب “Note of a native son” بہ شھرت ماڻي، هي ڪتاب 1955ع ڌاري ڇپيو ۽ نان فڪشن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. ان کانسواءِ Wendell Berry جو ڪتاب “Recollection Essays” وغيرہ شامل آهن. هي بنيادي طور تي مضمون آهن. شروع ۾ انگريزي مضمون پڙهڻ سان ان صنف سان ويجهڙائي ٿي. مضمون لفظ Essay جيڪو فرينچ لفظ مقدمي (Trial) يا ڪوشش (Attempt) مان ماخوذ ٿيل آهي. پندرهين صديءَ ڌاري، فرانس جي مشھور مضمون نگار مائيڪل ڊي مانٽين (Montainge) متعارف ڪرايو، جيڪو مضمون لفظ جو باني آهي. هن ”Essias“ جي نالي سان 1580ح دوران اهي مضمون لکيا. مانٽين جا مضمون انتھائي منفرد ۽ مشاهداتي آهن، جن ۾ ٻولي ۽ معنيٰ جي حسناڪي عروج تي پھتل نظر اچي ٿي. مانٽين جي شھرت جو سبب ئي سندس ڏاھپ ۽ موضوع کي پيش ڪرڻ جو نرالو انداز آهي.
سورھين صدي جي وچ ڌاري، انگريزي مضمون نگار لارڊ فرانسس بيڪن جو نالو قابل ذڪر آھي، جنھن فلسفياڻي انداز ۾ تجزياتي مضمون لکي پاڻ مڃايو. مختصر لفظن ۾ گھري ۽ بامعني ڳالھہ چوندڙ بيڪن جا عقلي، تجزياتي ۽ بيباڪ لفظ حيران ڪن آھن. کيس انگريزي مضمون نويسي جي بنياد وجهندڙ طور تي مڃيو ويندو آھي.
ارڙهين صديءَ ۾ شايع ٿيندڙ انھن مضمونن جي ٻولي ۽ معنيٰ جي حسناڪي عروج تي نظر اچي ٿي. جوزف ايڊيسن ۽ اسٽيل جا ڪتاب “Tatler” ۽ “Spectator” تمام گهڻا مقبول ٿيا. هي سوانحي طرز جا دلچسپ مضمون آهن.
انھن مضمونن ۾ ان وقت جي زندگيءَ جا لاڙا بخوبي ڏسي سگهجن ٿا. رچرڊ ۽ جوزف ٻنھي خوشحال ۽ ڀرپور زندگي گذاري. ٻئي هڪٻئي کي تيرهن سالن جي عمر کان سڃاڻيندا هئا. انھن مضمونن ۾ ارڙهين صديءَ جي انگلينڊ جي سياسي ۽ ادبي زندگيءَ جو اولڙو صاف پسي سگهجي ٿو. ٻنھي جي شخصيت منفرد، مختلف ۽ مشاهداتي عنصر سان ڀرپور هئي. ٻنھي مشترڪه صحافت (Collaborative Journalism) جو بنياد وڌو. هن دور ۾ برطانيہ جو نان فڪشنل ادب هيئت، جوڙجڪ ۽ موضوع جي اعتبار کان نون لاڙن ۽ رجحانن سان ڀرپور هو. پوءِ بہ ٻنھي جي گڏيل ڪوشش کي نقادن تنقيد جو نشانو بنايو. ايڊيسن هڪ فصيح ۽ بليغ ليکڪ هو، جڏهن تہ اسٽيل هڪ سٺو ايڊيٽر ۽ مضمون سھيڙيندڙ هو. سندن لکيل مضمون بنيادي ۽ منفرد حيثيت رکن ٿا. اهي پريوڊيڪل ايسيز قسطوار ڇپيا ۽ پڙهندڙن جو ڌيان متحد رکيائون. اهي مضمون، نون مضمون نگارن لاءِ بہ سکيا جو بھترين ذريعو سمجهيا ويندا آهن.
اڻويھين صديءَ ۾ انگريزي جي مشھور مضمون نويس چارلس ليمب Charles Lamb لنڊن ميگزين لاءِ مضمون (Essay of Elia) لکيا، جيڪي 1820ع ڌاري ڇپيا. اڻويھين صدي ادب، فن و فڪر، نفسيات ۽ سائنس لاءِ هڪ روشن دور طور نروار ٿي. ان دور جا مضمون نگار ذهين، فعال ۽ مزاحيه ذهانت سان ڀرپور هئا، جن ۾ ٿامس ڪارلائل، رالف والڊو ايمرسن، اوليور وينڊيل، واشنگٽن ارونگ، جان رسڪن، وليم هيزلٽ ۽ هينري ڊيوڊ ٿارو شامل آهن. چارلس ليمب جو طرز تحرير دلچسپ، داخلي ۽ سوانحي آهي، سندس مضمونن ۾ ذاتي زندگيءَ جو عڪس واضح طور تي چٽيل نظر اچي ٿو. انگريزي ادب جو ڏنل اتساھہ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف صنفن تي نظر اچي ٿو، جن ۾ ڪالم ۽ مضمون نمايان طور تي شامل آھن.
جيستائين سنڌي مضمون نويسيءَ جو تعلق آهي تہ سنڌي ٻولي جي مضمونن جي شروعات ڪوڙيمل چندن کلناڻيءَ ڪئي، جنھن 1862ع ڌاري پھريون مضمون ”پڪو پھہ“ جي نالي سان لکيو. مرزا قليچ بيگ انگريزي ادب جي مشھور مضمون نويس فرانسس بيڪن جا مضمون Bacon’s Essay جو ترجمو ’مقالات الحڪمت‘ جي نالي سان ڪيو. سندن ٻيو ڪتاب ’تھذيب الاخلاق‘ هو، جيڪو چيني زبان جي عالم مضمون نويس جو هو، مرزا صاحب اهو ترجمو انگريزي تان ڪيو. ورهاڱي کان اڳي مضمون نويسيءَ ۾ ڪيترا اهم نالا ملن ٿا، جن ۾ ديوان ڪوڙو مل، جيٺمل پرسرام، ڀيرو مل، پريم چند، لعل چند امر ڏنو مل ۽ پرمانند ميوارام وغيرہ شامل آهن. 1918ع ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي رهبريءَ تحت سنڌي اخبار ”الا مين“ شايع ٿي، جنھن ۾ سٺا مضمون شايع ٿيا. اخبار ”الوحيد“، ”توحيد“ ۽ ”ستاره سنڌ“ ۾ بہ مضمون جي صنف جي اوسر ٿي. سنڌي اخبارن ۽ رسالن شروع کان سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهہ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
ورهاڱي کانپوءِ لال سنگهہ اجواڻي، گوبند ڀاٽيا، رام پنجواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، چيتن ماڙيوالا، هرومل سدا رنگاڻي، عثمان علي انصاري، جئرام داس دولترام، هرانند ڪرمچند ۽ ان کانپوءِ محمد ابراهيم جويي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي. جي. اتم جوت جلائي. مضمون نگار عطا حسين موسوي جو ڪتاب ”ڪچ ڪوڏيون“ شايع ٿيو، جنھن اديبن جو ڌيان مضمون نويسي جي صنف ڏانھن ڇڪرايو. ان ڏس ۾ ميران محمد شاھہ، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيہ، پير علي محمد شاھہ راشدي، علامہ عمر بن محمد دائود پوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، رحيم داد مولائي شيدائي، پير حسام الدين راشدي ۽ علامہ آءِ آءِ قاضي جا نالا قابل ذڪر آهن. ورهاڱي کانپوءِ هندوستان ۾ مضمون نگاري ۾ تيرٿ بسنت، لالسنگجواڻي، هرو مل سدارنگاڻي، رام پنجواڻي، ٻلديو گاجرا، گنگا رام سمراٽ، منو گدواڻي، جوهر بيٺجا، اتم ڪيرت ۽ پوپٽي هيراننداڻي جا نالا اهم جاءِ والارين ٿا. موجودہ دور ۾ هندستان ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٺلي، پرم ابيچنداڻي، هيروٺڪر، ڊاڪٽر ستيش روهڙا، شيوڪاڻي، رام امر لال پنجواڻي، هريش وسواڻي، ريٽا شھاڻي، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، لکمي کلاڻي، ڊاڪٽر موتي پرڪاش، هوند راج بلداڻي، ليلو رچنداڻي ۽ ٻين مضمون نويسي ۾ پنھنجو نالو ملھايو آھي.
سنڌ ۾ جن اديبن مضمون نويسي ۾ نمايان ڪم ڪيو، انھن ۾ محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، تنوير عباسي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، ڊاڪٽر قاضي خادم، سراج، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، شوڪت حسين شورو، مير محمد پيرزادو، مدد علي سنڌي، تاج جويو، انعام شيخ، بدر ابڙو، اشتياق انصاري ۽ جامي چانڊيو شامل آهن. سنڌي ۾ مضمون نويسي ۾ آڳاٽي دور کان ويندي هن وقت تائين نالن جي هڪ ڊگهي فھرست آهي. انھن تمام مضمون نگارن پنھنجي مضمونن وسيلي وجود، ٻولي، ڌرتي ۽ فلسفي جي موضوعن تي بھترين مضمون تخليق ڪيا آهن. سنڌي ادب جي کيتر ۾ فڪشن سان گڏ نان فڪشن ۾ بہ اسان کي تمام سگهارا نالا ملن ٿا. هن ڪتاب ۾ شامل ڪي موضوع بلڪل نوان آهن، جن تي ان کان اڳي ڌيان نہ ڏنو ويو آهي. خاص طور تي ماحول ۽ موسمن جي ڄاڻ ۽ انھن جو انساني مزاج تي پوندڙ فڪري ۽ طبي اثر يقيني طور تي اهم موضوع آهن، جن تي يورپ ۾ گهڻو مواد ملي ٿو.
مون ڪوشش ڪئي آهي تہ ذات جي ڄاڻ/خودشناسي کان ماحول ۽ ڪائناتي شعور تائين، سوچ جو ڪو نئون انداز متعارف ڪرائجي. اميد ڪيان ٿي تہ فڪري ۽ سماجي موضوعن جي حوالي سان اهي تحريرون، پڙهندڙن کي سوچ جا نوان دڳ ڏسينديون.
مان ٿورائتي آھيان ڀاءَ عزيز رانجهاڻي جي، جنھن فڪري ۽ سماجي نفسيات جي اھميت کي سمجهندي، انھن مضمونن کي ڇپرائڻ جي صلاح ڏني.
شبنم گل
حيدرآباد
5 ڊسمبر 2018ع