سوچ جو توازن
اڄ سڄي دنيا ۾ ماڻھو ڊاڪٽرن ڏانھن وڃڻ ۽ ايلوپيٿي دوائون استعمال ڪرڻ بدران غذا ۽ جڙي ٻوٽين سان تيار ٿيل دوائن کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا. دنيا ۾ علاج جا مختلف طريقا رائج آهن، جن ۾ ريڪي، هپناسس، پريشر ٿراپي، اڪيو پنڪچر، چائنا جون ٽريڊيشنل دوائون، رفليڪسولوجي، رنگن ۽ خوشبوئن وسيلي علاج شامل آهي. موجودہ دور ۾ ريڪي وسيلي علاج مشرقي ملڪن سان گڏ يورپ ۾ بہ مقبول ٿي رهيو آهي. ريڪي ۾ انسان جي قوت جي ڌارا کي ڪائنات ۾ موجود قدرتي نظارن جي توانائيءَ سان هم آهنگ ڪرڻ جو سليقو سيکاريو وڃي ٿو.
ان علاج جي طريقو ڊاڪٽر ميڪائو سوئي اوڻويھين صديءَ ڌاري جپان ۾ دريافت ڪيو. ريڪي جو ماهر پنھنجو هٿ جسم جي مختلف حصن تي رکي، پنھنجي اندر موجود روحاني قوت وسيلي مريض جي جسم ۾ منتقل ڪري ٿو. سموري دنيا ۾ ان ڳالھہ تي بحث هلي رهيو آهي تہ موجودہ دور جي انسان جي بيمارين جو سبب سندس ٻيائي ۽ بي اطميناني آهي، خواھش پرستي جي وڌندڙ رجحان جي ڪري هو فطرت جي خوبصورتيءَ کان پري رھندي، جسماني طور تي روبوٽ بڻجي چڪو آهي، موجودہ دور ۾ سمورا مشرقي ملڪ ۽ يورپ ۾ ماڻھو روحانيت ڏانھن موٽي رهيا آهن. يعني ھو مادي گهرجن جي پورائي سان تعميري ۽ تخليقي جمالياتي سگهہ ڏانھن توجھہ ڏين پيا. فلاحي روين سندن اندر جي انسان کي جيئرو رکيو آھي.
جديد تحقيق مطابق، آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ اهي ماڻھو ۽جيڪي باقائدگيءَ سان چرچ وڃن ٿا، انسان جي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ رڌل آهن، سي ڪنھن ذھني يا جسماني بيقائدگي جو گهٽ شڪار ٿين ٿا. تعميري سوچ ۽ فلاحي ڪم سندن ذهني آسودگيءَ جو سبب بڻجن ٿا. دل جي بيمارين جو ماهر Meyer Friedman ماڻھن جا ٻہ قسم ٻڌائي ٿو، هڪ قسم جي ماڻھن ۾ ڪاوڙ، غصو ۽ جارحيت پسندي وڌيڪ ملي ٿي، ڇو تہ هنن ۾ مقابلي جو رجحان وڌيڪ ٿئي ٿو، پنھنجي معاشي حيثيت کي بھتر کان بھتر ڪرڻ جي ڌن کين عدم تحفظ ۽ بي اطميناني ۾ مبتلا ڪري ٿي ڇڏي. هڪ وقت ۾ گهڻا ڪم، جلدبازي ۽ ذهني دٻاءُ جي ڪري کين دل جي دورن پوڻ جو امڪان رهي ٿو. ٻي قسم جي ماڻھن ۾ وقت جي پابندي، سٺي منصوبابندي جي ڪري هو هڪ وقت ۾ هڪ ڪم ڪرڻ جا عادي ٿين ٿا. ان ڪري هو سڪون سان زندگي گذارين ٿا، ان ڪري بيمارين کان پري هوندا آهن. هڪ تحقيق مطابق امتحانن دوران شاگردن ۾ Antibody Level نارمل کان گهڻو گهٽ دريافت ڪئي وئي، جنھن جي ڪري هنن ۾ انفيڪشنر جا امڪان وڌي وڃن ٿا. اهڙيءَ ريت ذهني ۽ جذباتي دٻاءَ جي ڪري جسماني بيماريون پيدا ٿي پون ٿيون.
اڄڪلھہ يورپ ۾ مائنڊ پاور سائنس تي گهڻو ڪم ٿي رھيو آھي. يورپ ۾ ماڻھو گهڻي ڀاڱي نفسياتي ماھرن ڏانھن وڃڻ کي عيب نٿا سمجهن، ڇو تہ هر وقت مايوسي، ڪاوڙ، غصو ٻين تي بيجا نڪتہ چيني ايبنارمل روين ۾ اچن ٿا. پر اسان وٽ نفسياتي ڪيفيتن کي سخت عيب سمجهيو وڃي ٿو. هتي اڪثر ماڻھو گهرن ۽ آفيسن ۾ پنھنجي جارحيت ۽ ڪاوڙ سان هڪ افراتفري ڦھلائڻ باوجود بہ پاڻ کي ذهني طور تي فعال سمجهن ٿا. ذهني دٻاءَ واري نوڪري ڪندڙ ماڻھو پنھنجي گهرن ۾ اجائي ڪاوڙ ذريعي ٻارن کي ايترو هيسائي ڇڏين ٿا، جو هو ٻاهرين دنيا ۾ فرار حاصل ڪرڻ لاءِ غلط رستا اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا.
ٻئي پاسي وري سندن گهر جون عورتون منجهيل ۽ ذهني دٻاءَ جو شڪار رهن ٿيون. ذهني ۽ جسماني صحت کي بھتر بنائڻ لاءِ طبي ماھر ان جو واحد حل ورزش ٻڌائين ٿا. اهي ماڻھو جيڪي روز تيز پنڌ ڪن ٿا، رانديون کيڏن ٿا، سائيڪلنگ ڪن ٿا ۽ پاڻيءَ ۾ ترن ٿا، انھن ۾ مھلڪ عارضي جو امڪان گهٽجي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي تہ آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ عورتون ۽ مرد لنچ جي وقفن ۾ جاگر پائي روڊن رستن تي ڊوڙندي نظر ايندا آهن. سائنسي تحقيق سان اها ڳالھہ ثابت ٿي چڪي آهي تہ انسان جا حياتياتي خليا 120 سالن تائين فعال رهن ٿا. انسان ايترو عرصو جيئرو رهي سگهي ٿو. روس، رومانيہ، هماليہ، هنزہ ۽ پھاڙي علائقن ۾ رهندڙ ماڻھن جي اوسط عمر 100 سال ٿئي ٿي. هنن جي ڊگهي عمر جو راز جاکوڙ، سٺي ننڊ ۽ سادي غذا ٻڌايو وڃي ٿو. جيڪي ماڻھو گهٽ چرپر ڪن ٿا، يا ورزش نہ ڪندا آهن، اهي مايوسي ۽ ذهني ڇڪتاڻ ۾ مبتلا رهندا آهن. بدقسمتي اها آهي تہ اسان وٽ ماڻھو ڏينھن ۾ 20 منٽ بہ پنھنجي لاءِ نٿا ڪڍي سگهن. سندن زندگي دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي نذر ٿي وڃي ٿي. جديد تحقيق مطابق هر بيماري جي روڪٿام ۽ حل فقط تيز پنڌ ڪرڻ ۽ ورزش ۾ آهي.
ڪو بہ عارضو وڏو مسئلو نہ آهي، پر ان تڪليف جي پريشاني مريض ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻھن لاءِ هڪ عذاب بڻجي وڃي ٿي. الفرڊ جي ڪينٽ پنھنجي ڪتاب The Healing Magic of Mind ۾ لکي ٿو تہ، ”صحت سان لاڳاپيل خوف کي ذهن تي طاري ڪرڻ ۽ محسوس ڪرڻ اصل بيماري آهي. جنھن ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ تہ ”مان ٿڪل آهيان“ يا ”مان بيمار آهيان“ هڪ صحتمند ماڻھوءَ کي بيمار ڪري وجهن ٿا. ڪنھن بہ مسئلي کي مثبت رويي ۽ مضبوط قوت ارادي سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي، بيماريءَ کي بار بار ورجائڻ ان کي وڌيڪ پختو بنائڻ آهي.
جپان جي ميجي حڪمران جي مکيه اصولن جپانين جي زندگي کي بدلائي ڇڏيو. پھرين اصول ۾ شڪر گذاري شامل آهي تہ جيڪو ڪجهہ توهان جي سامھون آهي، ان تي شڪر ڪيو. سٺي سوچ سان حالات ۾ بھتري اچي سگهي ٿي. حالتون انسان جي فائدي ۾ نہ هجن، ان وقت بہ کيس ثابت قدم رهڻو آهي، پر خوشي ۽ خوشحالي جي ڏينھن ۾ کيس عاجزي ۽ انڪساري کان ڪم وٺڻ گهرجي. خوشي يا غم دائمي ڪيفيتون نہ آهن، ان ڪري هر حالت ۾ سوچ جو توازن برقرار رکڻ گهرجي. ٻئي اصول مطابق انسان کي فڪر ۽ پريشانيءَ کان پاڻ کي آجو رکڻ آهي، ڇو تہ مسئلا سوچ سان نہ بلڪہ عمل سان حل ٿيندا آهن. ڳڻتي انسان کي ذات جي انتشار ۾ مبتلا ڪري ٿي ڇڏي. ذهن کي منفي سوچ جي محور کان هٽائڻو آهي. پريشاني ڪوريئڙي جي ڄار وانگر انسان جي ذهن کي وڪوڙي ٿي وڃي. حالات منفي يا مثبت سوچ جي زير اثر تبديل ٿيندا ويندا آهن، ان ڪري چيو وڃي ٿو تہ ذهن جي ڪيفيت کي تبديل ڪيو تہ مسئلا حل ٿي ويندا.