خوف جي پس منظر مان اُسرندڙ نسل
تخريبي خوف جو ٻوٽو ذهن ۾ ننڍپڻ کان اُسرڻ شروع ٿئي ٿو. هڪ موڙ تي اهو خوف شعوري سطح کان ٻاهر نڪري انسان کي سخت پريشان ڪري ٿو. موجودہ صورتحال ۾ خوف هڪ اڻٽر حقيقت وانگر محسوس ٿئي ٿو. گهر منتشر آهن، گهر کان ٻاهر زندگي غير محفوظ لڳي ٿي. ماڻھو هڪ غير يقيني صورتحال ۾ مبتلا آهن. اسان وٽ اڪثر ڪنھن بہ پريشان ڪن صورتحال کي حقيقت پسندي تحت قبول نٿو ڪيو وڃي ۽ نہ ئي ماڻھن ۾ ذاتي تجزيي جي صلاحيت موجود آهي. ميڊيا کين تصوير جو جيڪو بہ رخ ڏيکاري ٿي يا وري سندن ڀوتار پنھنجين اکين سان جيڪا دنيا ڏيکارين ٿا، ان کي قبول ڪجي ٿو. سوچ پنھنجي ناهي بلڪ نظريا اڌارا ورتل آهن. ملڪ مستقل بدامني ۽ دهشتگردي جو شڪار رهوي آهي، جنھن ڪري هڪ عام ماڻھو خوف جي گهري ڪُنَ مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو.
خوف جا ڪيترائي تعميري پھلو پڻ آهن، مثال طور خوف انسان کي مستقل حرڪت ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ هو ان صورتحال کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ حل ڳولھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. دنيا جي مختلف قومن جا مثال اسان جي سامھون آهن، جيڪي خوف جي پس منظر مان اُسري عروج تائين پھتيون آهن، جن ۾ جرمني، ڪوريا، جپان، چين ۽ ويت نام شامل آهن. ان کان علاوہ پهرين ۽ ٻي مھاڀاري لڙاين ۾ حصو وٺندڙ ملڪ پڻ ماضيءَ جي غلطين مان گهڻو ڪجهہ سکي پنھنجون موجودہ حالتون بھتر بڻائي چڪا آهن. انھن قومن کي رهبر سٺا مليا آهن. قوم کي مثبت سوچ ۽ راھہ ڏسڻ جو ڏانءُ ڪو سچو اڳواڻ ئي ڏئي سگهي ٿو. هن ملڪ جي ٺھڻ جي ڪيترن سالن بعد بہ حقيقي اڳواڻي جو خلا هر دور ۾ محسوس ٿيندو رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو اهڙو ليڊر اڳيان آيو بہ آهي تہ سازش وسيلي کيس رستي تان هٽايو ويو آهي.
دنيا جي مشھور شخصيتن کي مختلف خوف درپيش رهيا آهن، جيئن مشھور سائنسدان نيوٽن جيڪڏهن پاڻي کان خوف کائيندو هو تہ روم جو شھنشاھہ آگسٽس کنوڻ ۽ بادلن جي گوڙ کان ڏڪي ويندو هو. روس جو عظيم ناول نگار ڪنھن اڻڄاتل بلا جو سوچي خوفزد ٿي ويندو هو. ماهر نفسيات فرائڊ ۽ هٽلر موت جو سوچي دهشت زده ٿي ويندا هئا. فرائڊ تہ اڪثر ان خوف ۾ بيھوش بہ ٿي ويندو هو. جنگ عظيم جو هيرو لارڊ رابرٽس ٻلين کان خائف رهندو هو. مشھور نقاد ڪارلائل لاءِ چيو ويندو آهي تہ هو ڪڏهن بہ ڪنھن دوڪان ۾ داخل نہ ٿيو. شھنشاھہ فريڊرڪ اعظم نئين لباس ۽ هالينڊ جو ناميارو اسڪالر راسمس مڇي کان خوف کائيندا هئا. اينگزائٽي، ڊپريشن ۽ شيزوفرينيا جھڙيون ذهني تڪليفون خوف جو باعث بڻجن ٿيون. دنيا جي ادب جا مشھور اديب، شاعر، مصور، راڳي ۽ موسيقار مختلف ذهني بيمارين جو شڪار هئا، پر انھن پنھنجي خوف ۽ احساس محرومي کي تخليقي صلاحيتن اندر اوتي ڇڏيو.
هن وقت صورتحال اها آهي تہ ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جي واقعن، ٽارگٽ ڪلنگ ۽ بدامني، اغوا ۽ ڦرن جي وارداتن هڪ عام ماڻھوءَ کي ذهني طور تي هيسائي رکيو آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا هڪٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ ۽ ريٽنگ جي چڪر ۾ اهڙا واقعا ڏيکاري ٿي، جيڪي ماڻھن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪن ٿا. جنھن جي ڪري نئين نسل پاڻ کي ذهني طور تي مفلوج محسوس ڪرڻ لڳي آهي. اڪثر بريڪنگ نيوز جو ٻڌي ماڻھو خوف ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. اهي ڇرڪائيندڙ خبرون چئنلز جي اهميت وڌائي ڇڏين ٿيون پر هڪ عام ماڻھو اڻڄاتل ڊپ ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. انھن چئنلز تي سياستدانن جا اجايا بحث مباحثا ڏيکاريا وڃن ٿا، جن ۾ غير مھذب زبان استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ جنھن سان رڳو ويڇا وڌن ٿا. انھن ’ٽاڪ شوز‘ جا ميزبان پڻ متضاد ڳالھيون ڪري مسئلن کي الجهائين ٿا. جڏهن تہ سندن ڪم ميزباني ڪرڻ ۽ عوام آڏو غيرجانبدار تجزيو پيش ڪرڻ آهي. انھن چئنلز تي خوشگوار واقعن جي ڪوريج نظر نٿي اچي. سندن موضوع محاذ آرائي جي سياست، دهشت گردي ۽ بم ڌماڪن جي واقعن تائين محدود آهي. جنھن جي ڪري ڊپ ۽ بي حسي معاشرتي مزاج جو حصو بڻجي وڃي ٿي.
ان صورتحال ۾ نئون نسل براھہ راست متاثر ٿي رهيو آهي. خاص طور تي 11 سالن کان 18 سالن جو دور ٻار جي شخصيت جي تعمير لاءِ اهم آهي. منفي ۽ مثبت لاڙا جيڪي ان دور تي ڇانيل آهن سي زندگيءَ جي ٻين پھلوئن تي بہ پنھنجو اثر قائم رکن ٿا. ٻار لاءِ 11 سالن جو عرصو گهرو زندگيءَ جي حوالي سان اهميت رکي ٿو. نا سازگار گهريلو حالتن جي ڪري جيڪڏهن ٻار جي خوداعتمادي متاثر ٿئي ٿي تہ پوءِ هو ٻاهرئين ماحول جو اثر وڌيڪ وٺي ٿو. فرار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. الميو اهو آهي تہ ٻاهرئين دنيا کان بہ کيس ڊپ ۽ بي يقيني ملي ٿي. انڪري پڙهائي ۾ بہ ٻار جي ذهني يڪسوئي ۽ ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي. وري حالتن جا ستايل مائٽ بہ پنھنجي فرسٽريشن مٿن مڙهي ٿا ڇڏين، جنھن جي ڪري اڄ جي دور جو ٻار شديد ذهني بحران جو شڪار آهي.
جڏهن بہ ميٽرڪ، انٽر، او ليول يا اي ليولز جا رزلٽ اچن ٿا تہ ٻارن جي پريشاني ڏسڻ وٽان هوندي آهي. انھن حالتن جي باوجود بہ اڪثر ٻار سٺا رزلٽ آڻين ٿا، جتي گهر ۾ ٻارن کي وڌيڪ توجھہ ڏنو وڃي ٿو. اُتي مثبت نتيجا مليا آهن. توجھہ ڏيڻ جو مقصد اهو ناهي تہ اسڪول ۽ ٽيوشن کانپوءِ وري ٻار کي پڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ڏسڻو آهي تہ والدين ٻار جي ذهني ڪيفيتن، خوف ۽ بي يقينيءَ واري صورتحال کي ڪيترو سمجهن ٿا. انھن کي آزادي سان اظھار ڪرڻ ڏين ٿا يا هو هر حال ۾ ٻار مان سٺي گريڊ ۽ پوزيشن جي توقع ڪن ٿا. خوف ۽ بي يقينيءَ جو ستايل ٻار ذهين هوندي بہ اسڪول ۾ اها ڪارڪردگي نٿو ڏيکاري سگهي، جنھن جي توقع ڪئي وڃي ٿي. انڪري گهربل نتيجو نہ ملڻ سبب اڪثر نوجوان انت آڻي ڇڏين ٿا. سماج سٺا گريڊز ۽ وڏين نوڪرين جي چڪر ۾ ڪيئي خاندان زوال پذير ٿين ٿا.
اسان کي ان ٻار جي وڃايل اعتماد جي نئين سرتعمير ڪرڻي آهي. هن کي تعليمي سرگرمين ۾ مصروف رکڻو آهي. سندس چوڌاري اهڙو ماحول پيدا ڪرڻو آهي، جيڪو کيس ڊپ ۽ وسوسن مان ٻاهر ڪڍي اچي. هن نسل تي اڄ جيڪڏهن اسان توجھہ نہ ڏينداسين تہ اسان جو آئيندو بہ غير محفوظ ۽ خوفزد رهندو. وڏي عمر جو ماڻھو گهٽ تبديل ٿئي ٿو. سندس رويا بہ بي لچڪ ٿين ٿا. هو پنھنجن مشاهدن ۽ تجربن کي سامھون رکي ڳالھائي ٿو.
اڪثر دور جي گهرجن مطابق سندس سوچ ۽ رويا محسوس نٿا ٿين. هو ڪٿي غيرمنطقي بہ ٿي وڃي ٿو، جنھن سان جنريشن گئپ وڌي وڃي ٿو. پوئين نسل کي دور جي تقاضائن سان واقفيت حاصل ڪندي پنھنجي نئين نسل لاءِ تبديل ٿيڻو پوندو. انڪري تبديلي اهو ٻار آڻي ٿو، جنھن جي بھتر پرورش ڪئي وڃي ٿي، جنھن ۾ فقط سٺو کاڌو ۽ بھتر اسڪولنگ شامل نہ آهي. بلڪ اُتساھہ، اعتماد، مثبت رويو ۽ ذهني گهرجن جي پورائي شامل آهي. جيڪو مثبت ۽ يقين وارو رويو ٻار کي سندس گهر مان ملي ٿو، سو ئي هُو معاشري کي موٽائي ڏئي ٿو. ٻار جي تربيت ۾ ماءُ ۽ پيءُ برابر جا شريڪ آهن، پر پيءُ جي ذميواري ماءُ کان بہ وڌيڪ آهي. والد فقط پيسي مھيا ڪرڻ جو ذريعو نہ هئڻ گهرجي. بلڪ کيس وقت ڪڍي ٻارن ساڻ سٺو وقت گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ٻارن جي سوچ جي فعاليت ۽ عملي سوچ جوڙڻ ۾ والد جو اهم ڪردار ٿئي ٿو.