ڪتاب ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ جو اھم ذريعو
لوڪ ادب سنڌ جي تھذيب جو اڻمٽ حصو رهيو آهي ۽ سنڌي لوڪ ڪھاڻيون منفرد آهن، اُهي ڪھاڻيون جانورن، پکين ۽ انوکن ڪردارن تي مشتمل آهن، جيڪي ڄاڻ سان گڏ تفريح ۽ ساڃھہ ڀري سوچ عطا ڪري ٿي. اهي ڪھاڻيون نسل در نسل فردن کي ذهني، جذباتي، روحاني طور تي سگهارو بڻائين ٿيون، ڇو تہ انھن کي ٻُڌڻ يا پڙهڻ سان تصور جي طاقت وڌي ٿي ۽ ذهن موثر انداز ۾ سوچي ٿو ۽ يادگيري جي صلاحيت ۾ اضافو پڻ ٿئي ٿو. پر اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي ڇانئجي وڃڻ کان پوءِ ٻار وڏڙن جي ڇھاءُ ۽ وڏڙا احساس جي ونڊ ورڇ کان محروم ٿي ويا آهن. هڪٻئي سان وقت گذارڻ، پنھنجائپ جو اظھار ۽ احساس کي ونڊڻ سان رشتا مضبوط ٿين ٿا ۽ هڪٻئي لاءِ خلوص ۽ اُتساھہ وڌي ٿو. انسان سان انسان جي ويجهڙائي ۽ قرب جو نعم البدل شايد ئي دنيا ۾ موجود هجي، پر بدقسمتيءَ سان مشينن، انسانن ۽ ڪتابن جي جڳھہ والاري ڇڏي آهي. زبان جي واڌ ويجهہ ۽ جيئري رهڻ جو اهم سبب ڪتاب بہ آهي، ڪتاب بلڪل ايئن آهي، ڄڻ ڪو ويجهو دوست هجي، جيڪو هوريان هوريان دل جو حال اوريندو هجي. ان جي انداز بيان ۾ زندگيءَ جو تت سمايل هجي، جيڪو ذهن کي زرخيزي عطا ڪندو هجي. اها حقيقت آهي تہ ڪتاب ٻوليءَ جي معيار کي برقرار رهڻ جو ذريعو ٿئي ٿو. مطالعي جي اهميت کان قطعي انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي، ڇو تہ ڪتاب هر فرد جي اهم ذهني ضرورت آهي، ڪتاب معاشرتي سوچ کي هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
مطالعي سان زندگي کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي، روين ۾ اعتدال ۽ وسعت جھڙا گُڻ پيدا ٿين ٿا. سنڌي ادب ۾ ڪتابن جو وسيع ذخيرو موجود آهي. اردو کان پوءِ سنڌي زبان ۾ وڌيڪ ڪتاب ڇپجن ٿا، پر وقت سان گڏ مطالعي جو شوق گهٽ ٿي رهيو آهي. تعليمي درسگاهن جا ڪتب خانا اُتساھہ کان خالي پيا آهن، اهڙي ريت شھرن ۽ ڳوٺن ۾ قائم ڪتب خانا پڻ ويران ٿيندا پيا وڃن، جڏهن تہ يورپ ۽ آمريڪا ۾ اڄ بہ ڪتاب پڙهڻ جي شرح ۾ ڪا ڪمي نہ ٿي آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا جو وڌندڙ اثر بہ ڪتاب پڙهڻ جي چاھہ ۾ ڪمي نہ آڻي سگهيو آهي، اُتي ماڻھو آفيس، گهر، بسن، ريلوي اسٽيشنز يا انتظارگاهن ۾ ڪتاب پڙهندي نظر ايندا آهن.
اڪثر اهو چيو وڃي ٿو تہ مصروفيتن ۽ نفسا نفسي جي دور ۾ ڪتاب پڙهڻ لاءِ وقت ڪڍڻ ڏکيو ڪم آهي. عام طور تي هڪ وچولي درجي جو قاري هڪ منٽ ۾ ٽي سئو لفظ پڙهي سگهي ٿو، جڏهن تہ پندرهن منٽن ۾ چار هزار پنج سئو لفظ پڙهي سگهجن ٿا، عام طور تي ڪتاب ۾ 60 هزارن کان هڪ لک تائين لفظ ٿين ٿا يا ان کان بہ وڌيڪ ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن روز پندرهن منٽ مطالعو ڪيو وڃي تہ پندرهن ڏينھن ۾ هڪ ڪتاب ختم ڪري سگهجي ٿو، اهڙيءَ ريت سال ۾ ويھہ ڪتاب پڙهي سگهجن ٿا.
رات جو سُمھڻ کان اڳ ويھہ منٽ مطالعو زندگيءَ جو رُخ ۽ سوچ جو انداز بدلائي سگهي ٿو، ڇو تہ ڪتاب بھترين راهنما پڻ آهي.
ڪتاب پڙهڻ هڪ مثبت مشغلو آهي، ڇاڪاڻ تہ ڪتاب گهر ويٺي پڙهندڙ کي انيڪ دنيائن جو سير ڪرائي ٿو، ليکڪ جي مشاهدن ۽ تجربن مان لاڀ حاصل ٿئي ٿو. عام طور تي اسان دنيا پنھنجي اکين سان ڏسون ٿا ۽ ذهن سان پرکيون ٿا. اسان دريءَ مان ليئو پائي، هڪ محدود منظر ڏسي سگهندا آهيون، پر زندگيءَ جون مختلف حقيقتون ۽ سچ اکين کان پوشيدہ رهجي ويندا آهن، پر ڪتاب جي وسيلي زندگيءَ کي وسيع پس منظر ۾ ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو.
جتي وقت گذرڻ سان زندگيءَ ۾ جدت پيدا ٿي آهي، اُتي هر شعبي ۾ تڪڙي تبديلي آئي آهي ۽ نوان علم ۽ فن متعارف ٿيا آهن. ڪتاب پڙهڻ جي حوالي سان جديد ٽيڪنيڪ کي فوٽو ريڊنگ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، اهو هڪ جديد ۽ حيرت انگيز طريقيڪار آهي، جنھن وسيلي هڪ منٽ ۾ 25000 لفظ پڙهي سگهجن ٿا، ان طريقي ڪار ۾ پڙهندڙ جو تخليقي ذهن محض هڪ سيڪنڊ ۾ صفحي مان مطلب جو اهم سٽون ڳولي سگهي ٿو. هر ماڻھوءَ جو مطالعي جو الڳ طريقي ڪار ٿئي ٿو، ڪي ماڻھو هر سٽ کي آهستي پڙهندا آهن، جڏهن سمجهي پڙهجي ٿو تہ دير لڳي ٿي ۽ ڪن هنڌن تي پڙهندڙ مُنجهي بيھي رهي ٿو، اهي سٽون کيس ڪافي دفعا پڙهڻيون پون ٿيون، اها هڪ ذهني راند آهي، جيڪا پڙهندڙ لفظن سان مستقل کيڏندو رهي ٿو. فوٽو ريڊنگ جي طريقيڪار وسيلي پڙهندڙ بنا بيھڻ يا مُنجهڻ جي لفطن جي دنيا کي فتح ڪندو رهي ٿو. هونئن بہ مطالعي جا عادي جلدي ڪتاب پڙهي وٺندا آهن.
ناول، ادب جي اهم صنف آهي، جڏهن تہ ڪيترن ئي ناولن تي فلمون ٺاهيون ويون آهن. ڪھاڻين ۽ ناولن تي ڪيترائي ٽي وي ڊراما پڻ مشتمل آهن، پر پڙهندڙن جو خيال آهي تہ جيڪو لطف ڪھاڻي ۽ ناول پڙهڻ ۾ آهي، اهو فلمن ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي. ليٽن آمريڪا جي نوبل انعام يافتہ مشھور ليکڪ گارشيا مارڪيز پنھنجي جڳ مشھور ناول ”تنھائي جا سئو سال“ تي فلم ٺاهڻ جي اجازت نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ لفظن ۾ احساس جي عجيب دنيا لڪل رهي ٿي، جنھن کي فقط پڙهندڙ محسوس ڪري سگهي ٿو، جيڪا اسڪرين تي محسوس نہ ٿي ڪري سگهجي. ڪتاب پڙهندڙ جي تخليقي سگهہ، مطالعي دوران سرگرم رهي ٿي ۽ هن جي سوچ ۽ خيال متحرڪ ٿي وڃن ٿا ۽ ذهن جي اسڪرين تي هو هڪ منفرد دنيا جو عڪس ڏسي ٿو.
ڪتاب پڙهڻ جا ڪيترائي فائدا آهن، جن ۾ هڪ يڪسوئي جي ڪيفيت جو پيدا ٿيڻ آهي، جڏهن تہ ڪتاب پڙهندڙ جو ذهن عام زندگي ۾ پُرسڪون رهي ٿو، ڇو تہ زندگيءَ جي گھما گھميءَ مان هو ڪجهہ لمحا فرصت جا ڪڍي، ڪتاب پڙهي ٿو تہ اها هن جي ميڊيٽيشن جي مشق آهي، جڏهن تہ ان لفظ جو مطلب غور و فڪر، يڪسوئي ۽ سڪون سان تعلق رکي ٿي. ڪي گهڙيون اهڙيون بہ هجن، جڏهن انسان سوچ جي زخمي ڪندڙ ڪنڊن کان لڪي ڪا پناھہ حاصل ڪري سگهي، اها پناھہ گاھہ احساس کي آٿت بہ ڏيندي هجي، پوءِ اهي ڪنھن ليکڪ جا لفظ ئي ٿي سگهن ٿا، جنھن ۾ پڙهندڙ پنھنجي احساس ۽ مسئلن جو اولڙو ڏسي ٿو، اهو سندس ڏکويل لمحن جو ڪٿارسس آهي، جڏهن سندس احساس جي بند مکڙي بي اختيار ٽڙي پوي ٿي، ايئن هو هلڪو ڦلڪو ٿي ٻيھر روزمرھہ زندگيءَ ڏانھن واپس موٽي وڃي ٿو.
سنڌ جو روشن آئيندو اسان جو ٻار بہ سنڌي ڪتاب کان پري آهي. شھري ٻار گهڻو ڪري اردو ۽ انگريزي ڪتاب پڙهي ٿو ۽ هن کي سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ نہ ٿي اچي، ڇو تہ نجي اسڪولن ۾ هو مادري زبان جو مضمون پڙهڻ کان محروم آهي. مادري زبان جي ٻار جي زندگي ۾ وڏي اهميت آهي، ڇاڪاڻ تہ هو زبان وسيلي پنھنجي تاريخ، ثقافت ۽ تھذيب جي ويجهو رهي ٿو، ٻي صورت ۾ هو ڌارين زبانن جي سحر ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو.
مادري زبان جي اهميت کي سمجهندي، اقوام متحده پاران هر سال مادري زبان جو ڏهاڙو ملھايو ويندو آهي، اهڙن ڏينھن تي مادري زبان جي اهميت تي روشني وڌي ويندي آهي، پر نجي اسڪول ۾ پڙهندڙ جديد دور جو سنڌي ٻار ڪورس جي ڪتاب ۾ مادري زبان کي شامل نہ ٿو ڏسي تہ ڇا ايندڙ وقت ۾ هو پنھنجي ثقافت سان تعلق جي اهميت ۽ ڌرتيءَ جي ڪشش کي محسوس ڪري سگهندو!