منجهيل ساهن جي ڪٿا
اهو جسم جو مڪينزم آهي. Dr. Sarah Brewer پنھنجي مضمون (The Art of breating) ۾ لکي ٿي تہ: ”اسان مان گهڻا ماڻھو چڱي نموني ساھہ نہ ٿا کڻن، نہ وري کين خبر آهي تہ ساھہ ڪيئن کڻجي، جنھن جي ڪري جسم ۾ آڪسيجن جي کوٽ سبب ٿڪاوٽ ۽ بيماري پيدا ٿيو پوي. انسان-خوف، ذهني دٻاءَ ۽ اندروني ڪشمڪش جو شڪار آهي. اهي پريشانيون براھہ راست ساھہ جي سرشتي تي اثرانداز ٿين ٿيون. ان ڪري دٻيل، جهڪا، جهيڻا ۽ هيڻا ساھہ جسم جي پڃري ۾ پکيءَ جيان قيد آهن.
انساني ذهن ۾ ڪيتريون ئي حدبنديون، ڳنڍيون ۽ رڪاوٽون موجود آهن، جن جو سبب ٻاهريون حالتون ٿين ٿيون، جنھن جي ڪري جسم ۾ رت جي گردش کان وٺي ساهن جا وهڪرا شديد متاثر ٿين ٿا. هر انسان ڏينھن ۾ عام طور تي 25000 ڀيرا ساھہ کڻي ٿو. جيڪڏهن رت جي دوري جو سرشتو (Circulatory System) صحتمند آهي تہ ماڻھو ڊگهي عمر ماڻي سگهي ٿو. ساھہ کڻڻ جي صحتمند طريقه ڪار سبب، آڪسيجن جسم جي خلين تائين پھچي ٿي. جن وٽ پوري ڄاڻ آهي تہ سندن گُهرج ڇا آهي، جنھن مطابق اهي گهربل آڪيسجن ۽ غذائي جزا کڻي باقي زهر آلود مواد جو اخراج ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. جڏهن تہ زهر گاڏڙ جزن جي جسم ۾ موجودگي، آڪسيجن لاءِ رُڪاوٽ بڻجي ٿي. اهو سمورو Lymph System گهرن ۽ روان دوان ساهن تي دارومدار رکي ٿو. ان ڪري ساهن جي وهڪري ۾ جيڪڏهن رواني نہ آهي تہ جسم بيمار ٿيو پوي.
جديد دنيا ۾ ماڻھو مشينن جي ويجهو رهي ٿو. موبائيل، ڪمپيوٽرز ۽ بجلي تي هلندڙ ٻيون ڪَلون اسان جي زندگيءَ جو اهم حصو بڻجي چڪيون آهن، جيڪي اسان کي پاڻ سان ڳالھائڻ يا روزمرہ جي زندگيءَ جي مشاهدي کي حسياتي طور غير فعال ڪن ٿيون. جڏهن حواس خمسہ جي پنجن حسن جو استعمال نہ ٿيندو تہ انسان جي اندر بيحسي ۽ لاتعلقي اچي واهيرو ڪندي، جنھن جي ڪري، ماڻھن مان احساس ختم ٿيندو پيو وڃي. ايئن سندن ورتاءُ بہ مشيني ٿي چڪو آهي. هو فقط فائدي يا نتيجن جي باري ۾ وڌيڪ فڪرمند رهن ٿا، پر ساهن جو سرشتو مشيني هوندي بہ انساني احساس سان جڙيل آهي. ذهني دٻاءُ، خوف، ڳڻتي ۽ منفي سوچ ساهن جي روانيءَ تي اثر انداز ٿئي ٿي. ساهن جي وهڪري ۾ رڪاوٽ، هڪ پاسي جسم جي مدافعتي نظام کي متاثر ڪري ٿي تہ ٻئي طرف ذهني صحت کي پڻ نقصان پھچي ٿو. ڊاڪٽر ڪينڊس پرٽ مطابق ”ذهن جو جسم جي خليي ۾ ساھہ کڻي ٿو.“ ان ڪري هر سُٺي ۽ بري سوچ جو اثر براھہ راست جسم تي پوي ٿو، جنھن جي ڪري ساھہ کڻڻ جو نظام متاثر ٿئي ٿو.
مثبت احساس، خوبصورت خيال، تعلق ۽ رابطي جو فعال هجڻ، ساهن جي رواني ۽ تسلسل برقرار رکن ٿا. پر ڏٺو وڃي تہ اڄ جو انسان گهڻي ڀاڱي تخريبي سوچ جي اثر هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي. اهي سوچ جا ور وڪڙ رستا جن کي بار بار ذهن ۾ ساڳيا خيال اچڻ (Obsessive Compulsive Thoughts) چيو وڃي ٿو، جيڪي ذهني صحت لاءِ بدترين ثابت ٿين ٿا. اها انساني فطرت آهي تہ هو سُٺي احساس جي ڀيٽ ۾، برن روين کي وڌيڪ ساريندي پيڙا جي عمل مان گذري ٿو، حالتن کان وڌيڪ انسان جو پنھنجو ذهن ئي منفي سوچ جي ڪوڙڪيءَ ۾ جلد ڦاسي پوي ٿو.
ساھہ اڪثر نڪ سان کنيو وڃي ٿو، مائنڊ پاور سائنس جي ماهر ڊاڪٽر معيز مطابق، ”جيڪڏهن نڪ بند آهي تہ سمجهو عقل تي تالو پئجي ويندو“، جنھن جو حل ٻڌائيندي هن چيو تہ: ”صبح ساڻ ئي نارمل سلائن يا لوڻ مليل پاڻي جا ڦڙا نڪ ۾ اوتڻ سان بھتري اچي ٿي.“ چوندا آهن تہ جنھن ماڻھوءَ جي سنگهڻ جي حس تيز هوندي آهي، اُن ۾ تصوراتي ۽ وجداني صلاحيت بہ وڌيڪ هوندي. خاص طور تي جن جانورن ۾ سُنگهڻ جي حس تکي آهي، اُهي ماحول ۾ موجود منفي اثر جلدي محسوس ڪري سگهندا آهن. ٻلين لاءِ چيو ويندو آهي تہ هو ماحول ۾ موجود، اهي شيون ڏسي وٺن ٿيون، جن کي انساني اک ڏسڻ کان قاصر آهي.
اها حقيقت آهي تہ نڪ بدران، وات ذريعي ساھہ کڻڻ سبب صحت جا ڪيترائي مسئلا پيدا ٿين ٿا. ساھہ کڻڻ لاءِ صاف شفاف ماحول گُهرجي، پر موجودہ ماحولياتي گدلاڻ سبب اهو ناممڪن آهي. ڪجهہ دير باغ ۾ گذارڻ سان، ساهن جي رواني ۾ ڪافي بھتري ايندي. ان ڪري اسان جي ماحول ۾ ساوڪ جو هئڻ تمام ضروري آهي. ڇو تہ نباتات ماحولياتي گدلاڻ سان وڙهڻ جي ڀرپور سگهہ رکي ٿي. معاشري ۾ شڪ، فسادي مزاج، غلبو ۽ نرگسي رويا گهڻا وڌيڪ آهن. ساڳئي وقت اهي ذهني بيماريون بہ آهن، جن ۾ مبتلا ماڻھن کي ڊرامي باز يا جذباتي گروھہ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، جن ۾ بارڊر لائن ڊس آرڊر، شيزوفرينيا، هسٽيريا ۽ نرگسيت جو انتشار بہ ساهن جي ڪارڪردگيءَ تي اثرانداز ٿئي ٿو.
اڄڪلھہ متبادل علاج (Alternative therapies) وسيلي ماڻھو فائدو حاصل ڪن پيا، جنھن ۾ خوشبو (Aroma therapy) وسيلي علاج بہ شامل آھن، جن ۾، گلاب، موتئي، صندل ۽ ٻين سحرانگيز گلن جي سرھاڻ شامل آھي. خوشبوءِ سان واسيل هوا ۾ ساھہ کڻڻ سان نہ فقط ذهني دٻاءُ ۾ ڪمي اچي ٿي، پر ساڳي وقت جسماني طور تي بہ فعال محسوس ڪجي ٿو. خوشبوءِ کي محسوس ڪرڻ ۽ چکڻ جون حسون بنيادي طور تي طاقتور ۽ هڪٻئي سان ويجهڙائپ رکن ٿيون. ڊوريل هال ڪتاب ”مراقبي“ ۾ لکي ٿي: تيزيءَ سان محسوس ٿي ختم ٿيندڙ خوشبوءِ، جذبن ۽ يادگيرين کي جلد اڀاري ٿي. ڪيترن مذهبن ۾ خوشبوءِ جو واس روحاني قوت ۽ وجداني صلاحيت ۾ اضافي جو باعث سمجهيو وڃي ٿو.“ پوري دنيا ۾ نباتات کان فائدو حاصل ڪيو وڃي ٿو سواء اسان جي. ھتي اڪثر ماڻھو ڀاڄين، ميون ۽ جڙي ٻوٽين جي افاديت کان محروم آھن.
ڪجهہ وقت اڳ جي ڳالھہ آهي تہ منھنجي هڪ ڊاڪٽر ساهيڙيءَ جو فون آيو، جنھن جي ڀاڻيجي Deep vein Thrombosis جھڙي پيچيدہ بيماريءَ جو شڪار ٿي چُڪي هُئي، جنھن ۾ نسن ۾ رت جو ڳوڙھو (Clot) ٺھي ويندو آهي. سندس حالت تشويشناڪ هُئي. کيس بستري تي چرپر جي ھدايت نہ ھئي. منھنجي ساهيڙيءَ جو چوڻ هو تہ جيئن تہ مان الٽرنيٽِو ٿيراپيز جو مطالعو ڪندي رهان ٿي. ان ڪري شايد سندس ڪا مدد ڪري سگهان. ان ڪري هڪ ڏينھن گڏجي ويٺاسين حل ڳولھڻ جي لاءِ. بھرحال، مريضہ سوڄ جو دفاع ڪندڙ (Anti-Inflammatory) غذا، تنتي سرشتي (Nervous System) کي شفا ڏيندڙ ڀاڄين ۽ Diaphragmatic Breathing جي مشق وسيلي ڏهن ڏينھن ۾ گهمڻ ڦرڻ جي قابل ٿي وئي. سندس ڊاڪٽر بہ حيران ٿي ويا. ساھہ کڻڻ جي هن طريقي ڪار مطابق، ڦڦڙن ۾ هوا پوريءَ طرح سان داخل ٿيندي، سيني کي اڀاري ٿي ۽ ساڳئي وقت پيٽ کي مڪمل طور تي پکيڙي ٿي. ائين ڪرڻ سان آڪسيجن جسم جي سمورن جيوگهرڙن تائين پھچي ٿي. ڊائفريگميٽڪ بريدنگ جو طريقو يوٽيوب تي موجود آهي. پر اها مشق دل جا مريض نٿا ڪري سگهن. جسماني مشقن، پنڌ، صحتمند غذا ۽ يوگا وسيلي ڪافي فائدو ٿئي ٿو. خاص طور تي يوگا جي Pranayama ذريعي ساهن تي ظابطي ۽ رواني آڻڻ لاءِ مختلف مشقون سيکاريون وينديون آهن.
ڏينھن ۾ کنيل پنجويھہ هزار ساهن ۾ چند شعوري طور کنيل گھرا ساھہ، جسم ۾ زندگيءَ جو روح ڦوڪي سگهن ٿا. ماضيءَ سان پيار ڪندڙ، ڏکويل ماڻھو بہ رکي رکي ٿڌا ۽ گھرا ساھہ کڻندا آهن. کين اندازو بہ نہ هوندو تہ اهي ساھہ سندن زندگيءَ جو عرصو وڌائي رهيا آهن. انسان ڏُکن ۾ گهڻو عرصو جي سگهي ٿو. پر خوشين ۽ خواهشن جي پورائي ۾ سندن صحت جلد زوال پذير ٿيو وڃي. زندگي فقط خالي ساهن جي تسلسل جو نالو ناهي!