منفي ۽ مثبت توانائيءَ ۾ ڦاٿل انسان!
ويمپائرز خون پيئندڙ ڏانئڻ يا ڊريڪولا کي چيو ويندو آهي، جيڪي هالي ووڊ جي فلمن ۾ اوهان ڏٺا هوندا. پر اهو لفظ تشبيھہ طور انھن ماڻھن لاءِ بہ استعمال ٿئي ٿو، جيڪي انساني قدرن ۽ روين جو لحاظ نہ ڪندا آهن. پنھنجن اڻ وڻندڙ روين سان هو ماڻھن جي اندر جي سڄي توانائي چوسي کين بي ستو ۽ ناڪاره بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. فطري لاڙا خاموشي ۽ غير محسوس طريقي سان ڪم ڪندا آهن. ان ڪري طبي توانائيءَ جي ڏي وٺ، چوري يا ان کي ڪنھن خون پياڪ ڊريڪولا وانگر پيئڻ ممڪن آهي.
اهو ئي سبب آهي جو اوچتو ڪڏهن اسان کي محسوس ٿيندو آهي تہ اسان اندران خالي ۽ ڪمزور ٿي ويا آهيون. ان جو مطلب آهي تہ ڪو هڪ ماڻھو يا اڪثريت ۾ اسان جي توانائيءَ تي جيئرا آهن. اهي حاسدي ۽ گهٽ سھپ رکندڙ اهڙا ماڻھو آهن، جيڪي محبت جو ويس پھري اسان جي زندگيءَ ۾ داخل ٿيندا آهن، پر ڪنھن بہ وقت پيرن هيٺان زمين کسڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. جنھن بہ ماڻھوءَ جي اندر گهري احساس محرومي، شڪ، نفرت، احساس برتري يا ٻٽو رويو آهي، اهو ماڻھو انرجي ويمپائر آهي.
اهڙا ماڻھو جيڪي هر وقت ٻين جون شڪايتون ڪندا آهن يا گلا غيبت ۾ رڌل هوندا آهن، اهي خاموشيءَ سان ماڻھن جي توانائي پنھنجي اندر منتقل ڪري کين ساڻو ڪري ڇڏيندا آهن. ڪو معنيٰ خيز جملو، منفي ڳالھہ جيڪا عزت نفس کي مجروح ڪري يا ڪنھن جي اندر ڪشمڪش هجي تہ اها سوچ اڏوهي بڻجي ٻڌندڙ جي وجود کي کاٽ هڻڻ شروع ڪري ٿي ڇڏي.
حقيقت اها آهي تہ انھن توانائي چوسيندڙن کي سڃاڻڻ ڪو ڏکيو ڪم نہ آهي. ڇو تہ اهي ماڻھو پرڪشش، بھادر ۽ ذهين هوندا آهن. هو جلد ماڻھن کي پنھنجي شخصيت جي ڄار ۾ ڦاسائي وٺندا آهن. اهي ماڻھو ڪا بہ ذميواري کڻڻ ناهين چاهيندا، جنھن جي ڪري ماحول ۾ بي اطميناني ۽ ويڙھہ شروع ٿي ويندي آهي. اهي پھريان تہ ڪنھن طريقي سان ماڻھن کي پنھنجو عادي بڻائيندا آهن، پوءِ سندن احساسن ۽ جذبن سان کيڏڻ شروع ٿي ويندا آهن. انھن وٽ خوشنما ڳالھين جو خوبصورت ڄار هوندو آهي. خوداعتمادي کان وانجهيل، خوفزد ۽ ناخوش ماڻھو ٻين جي توانائي ۽ ذهني صلاحيتن سان ڄورن وانگر چنبڙي پوندا آهن.
آمريڪي ليکڪ البرٽ بريسنٽائين اهڙن ماڻھن کي اموشنل ويمپائرز سڏي ٿو، جن جي گڏ رهڻ يا واسطي ۾ اچڻ سان ماڻھو ٿڪل، پريشان يا ذهني انتشار ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. ڇو تہ هر وقت منفي سوچ جو تڪرار يا مايوسي واريون ڳالھيون ٻڌندڙ تي ناخوشگوار اثر ڇڏين ٿيون. ايتريقدر جو جنھن ماحول ۾ حاسدي، شڪي، نفرت ڪندڙ ۽ احساس محرومي جو شڪار ماڻھو رهن ٿا، ان فضا ۾ بہ ڳريون ۽ ناخوشگوار لھرون هر وقت متحرڪ رهن ٿيون، جيڪي تابڪاري شعائن جھڙيون خطرناڪ ثابت ٿين ٿيون.
ان جو واحد حل اهو آهي تہ اهڙن ماڻھن کان پاسو ڪجي ۽ تڪراري ڳالھين جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. ڇو تہ اهي ڳالھيون اسان جي ذهن ۽ جسم کي ناڪاره بڻائين ٿيون. ان ڪري بھتر آهي تہ تصوير جو ٻيو رخ بہ ڏسڻ گهرجي. ڪنھن مفڪر چواڻي تہ: ”دوستن کان اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪيو، پر جيڪڏهن دوستي قائم رکڻي آهي تہ پوءِ انھن کي بہ اڳتي نڪرڻ جو موقعو ڏيو.“ اسان وٽ هڪ اهڙو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، جتي هر ماڻھو ڪنھن نہ ڪنھن احساس برتري ۾ مبتلا ٿيندو ٿو وڃي. پاڻ پڏائڻ يا پنھنجي تعريف ڪرڻ بہ حاسدي روين کي جنم ڏئي ٿو. ان ڪري اعتدال وارن روين سبب زندگيءَ ۾ اجايا مسئلا پيدا نٿا ٿين. جڏهن ماڻھوءَ جي توانائي اهي انرجي ويمپائرز ختم ڪري ٿا ڇڏين تہ پوءِ آخر کيس ڇا ڪرڻ گهرجي؟ توانائي حاصل ڪرڻ جا ڪيترائي ذريعا آهن، جن کان اڪثر ماڻھو واقف نہ آهن. مثال فطرت جا منظر يا فطري ماحول ماڻھوءَ جي مونجهه، پريشاني يا ويڳاڻائپ کي ختم ڪري ٿو. پنڌ ڪرڻ، گهرا ساھہ کڻڻ، ساوڪ، درياھہ يا مخلص دوست سان ڪچھري انسان جي توانائي بحال ڪري ٿي ڇڏي.
جديد علم يا علاج جا طريقا، توانائي جي فعال وهڪرن تي ٻڌل آهن. مثال طور ريڪي، ريمبو ريڪي، هپناسس، فينگ شوئي، ڪلر ٿيراپي، زمين، وڻن، پاڻي ۽ باھہ جي وسيلن تي دارومدار رکن ٿا. ڪنھن بيمار ماڻھوءَ جي ذهن ۾ چڱا خيال پيدا ڪري کيس توانائيءَ جي طاقت بخشي سگهجي ٿي. اهڙا مثبت خيال تيزيءَ سان سفر ڪن ٿا ۽ وڃي پنھنجي منزل تي پھچن ٿا. ڇو تہ خيال کي فنا ڪونھي. سٺي خيال وٽ توانائيءَ جون لھرون موجود آهن، جيڪي شفا بخش آهن. مثبت سوچ يا خيال توانائيءَ جو سرچشمو ٿين ٿا. سوچ جو شفاف هجڻ بہ اندر جي قوت ۾ اضافو ڪري ٿو. تڪليف جو احساس يا اڻوندڙ روين جو ذهن ۾ ورجاءُ مستقل جسم جي توانائي کي نقصان پھچائيندو رهي ٿو. ان ڪري انسان وٽ ٻيو ڪو حل نہ آهي سواءِ ان جي تہ هو پنھنجي ذهن جو رخ تبديل ڪندي، سٺن خيالن ۽ ڪارائتي سوچ کي پنھنجو ساٿي بڻائي. هر ماڻھوءَ کي احساس جو دڳ گهرجي. اظھار، ماڻھو کي ترتيب ۽ توازن ۾ آڻي ٿو. ان کان علاوہ ادب جو مطالعو يا ڊراما ڏسي پنھنجي زندگيءَ جو عڪس پسجي تہ دل جو بار هلڪو ٿي پوي ٿو. اڻ وڻندڙ يا تڪراري رويا جڏهن ذهن ۾ پختا ٿي وڃن ٿا تہ هڪ ڏينھن رک ۾ دٻيل چڻنگ جيان ڀنڀٽ بڻجي ڀڙڪي ٿا اٿن. ڏکوئيندڙ روين کي وڌي وڻ ٿيڻ نہ ڏجي. اسرڻ کان اڳ ئي سندن پاڙ پٽي ڇڏڻ گهرجي. جيئن سماجي زندگي انتشار جي حوالي نہ ٿي وڃي. ڇو تہ انرجي ويمپائر، گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ پلجن ٿا. استحصالي قوتون کين جنم ڏينديون آهن.
دنيا جي منظرنامي تي بہ اهڙيون قومون نظر اچن ٿيون، جيڪي ننڍين ۽ پوئتي پيل قومن جي توانائي چوسڻ ۾ مصروف آهن. جيڪي سندن احساسِ محرومي ۽ ذهني وڳوڙ مان فائدو وٺي رهيون آهن. اهي قومون، هر پوئتي پيل قوم ۾ پاڻ جھڙيون ڄورون پيدا ڪري رهيون آهن. ساڳيءَ ريت اسان جي ملڪ ۾ بہ استحصالي قوتون، عوام جي بدحاليءَ جي ڪري جيئريون آهن. ڪي قومون وري ايتريون هوشيار ۽ موقع پرست آهن، جيڪي ٻين جي ذهني توانائي تي دارومدار رکن ٿيون.
موجودہ وقت ۾ چوڌاري جيڪا حالت آهي، اها ڇڙوڇڙ ۽ ويڳاڻن روين تي مشتمل آهي. دراصل ماڻھو پاڻ ۾ نٿا وڙهن، پر سندن محروميون مستقل هڪٻئي سان ٽڪراءُ ۾ آهن. ان جو واحد حل اهو آهي تہ هڪ ٻئي کي صبر سان ٻڌڻ جو پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪجي. غيرجانبدار ڪنن سان سندن ڳالھہ ٻڌجي. ماڻھو اهو ئي تہ چاهين ٿا تہ سندن احساس يا اظھار کي مڃتا ملي. کين توجھہ ۽ همدردي سان ٻڌو وڃي. قومن جي زندگيءَ کي اندروني ويڙھہ کاٽ هڻي کوکلو ڪري ٿي ڇڏي. بلڪل ائين غير منطقي ۽ سرد جنگ سماج کي هر طرح سان نقصان پھچائي ٿي. علم، ادب ۽ فن بہ اهڙي ماحول ۾ غير موثر ٿيو پوي. احساس محرومي کي صحيح دڳ ملي تہ ان ڪميءَ جي پس منظر مان فرد ناقابل تسخير طاقت بڻجي اڀرندا آهن.