تاريخ، فلسفو ۽ سياست

خود شناسيءَ جو جوھر

محترمہ شبنم گل نھايت سنجيدہ ۽ مثبت سوچيندڙ ليکڪا آهي. ھن ڪتاب ۾ فڪري ۽ سماجي نفسيات جي مختلف رخن تي لکيل مضمون ۽ لکڻيون شامل آھن. مجموعي طور هن ڪتاب جو هڪ بھتر تاثر آهي، جنھن جو لب لباب اهو آهي تہ انسان فطرت کان پري ٿي، فطرت کي تباهہ ڪري، پنھنجي زندگي لاءِ ڪيترا ئي خطرا پيدا ڪري ورتا آهن. هن ڪتاب جا مضمون نفسيات جا اهم موضوع آهن، جيڪي عام زندگيءَ جا عام موضوع آهن، پر انھن جي پنھنجي اهميت آهي، جن کي اسان گهڻو ڪري اهميت نہ ڏيندا آهيون.

  • 4.5/5.0
  • 52
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خود شناسيءَ جو جوھر

خود شناسيءَ جو جوهر

خودشناسيءَ جو مطلب پنھنجو پاڻ سڃاڻڻ آهي. ذات جي سمجهہ يا ڪائنات جي پرک، حواس خمسہ ذريعي ممڪن ٿي سگهي ٿي. حسياتي محرڪ وسيلي اسان جو تعلق ڪائنات سان جڙي ٿو. حواس خمسہ جا پنج ذريعا آهن، جن ۾ ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، سنگهڻ ۽ ڇھڻ جون حِسون شامل آهن. انھن وسيلي اسان روزمرہ جي زندگيءَ جو ويجهو کان مشاهدو ڪريون ٿا، جيڪي اسان جي تجربن جو نچوڙ ٿين ٿيون.
ٻين لفظن ۾ اهي حسياتي محرڪ يعني سوچ، سمجهہ، پرک، مشاهدو، تصور ۽ وجدان ڏاهپ جو اُهڃاڻ آهن. حواس خمسہ جي بھترين ڪارڪردگي ڇھين حس کي جلا بخشي ٿي، جيڪا فھم و فراست، ادراڪ ۽ وجداني ڪيفيتن سان سلھاڙيل آهي. اڳي ٻار جي اهڙيءَ ريت تربيت ڪئي ويندي هئي جيئن سندس ذاتي سمجهہ ۾ اضافو ٿئي. هو پاڻ مشاهدو ڪري سگهي ۽ فيصلي ڪرڻ جو ڏانءُ سکي. حڪمت عملي جوڙڻ جو فن سکي. نہ ڪي اڄ جي دور وانگر، جنھن ۾ مائٽ هٿ پڪڙي ٻار کي وٺي هلن ٿا. نہ هن ۾ پاڻ ڀرائيءَ جو احساس ٿو اُسري ۽ نہ ئي ذاتي خود اعتمادي جو عڪس سندس ذات ۾ نظر اچي ٿو. انڪري سندن ذات ۾ عام سمجهہ (Common Sense) جي ڪمي واضح طور تي نظر اچي ٿي.
اها حقيقت آهي تہ ڪي ڳالھيون واضح ۽ حقيقت جي ويجهو هونديون آهن. ۽ انھن کي بنان سمجهاڻي يا وضاحت جي سمجهڻ گهرجي. اها سمجهہ مشاهدي جي محتاج ٿئي ٿي. ڊگريون فقط ڪتابي علم ڏين ٿيون. جڏهن تہ فڪري ۽ عملي مشاهدن ۾ تجزياتي سوچ جو فقدان نظر اچي ٿو.
سنڌ جو مزاج، خودشناسيءَ جي جوهر تي منحصر هو. زندگيءَ جو معيار ذهني ۽ اخلاقي طور تي موجودہ دور کان بھتر هو. رابطا فعال، سماجي زندگي مضبوط ۽ ذهن پُرسڪون هو. ان دور ۾، شخصيت جي اوسر ۾ فطري ماحول جي ڄاڻ، آکاڻين ۽ والدين جي مثبت روين جو وڏو هٿ هو. زندگي سادي ۽ مونجهارن کان پري هئي. پر جيئن بناوٽ معاشرتي زندگيءَ جو در کڙڪايو، انسان هر طرح جي مونجهارن ۾ وڪوڙجي ويو. جيڪڏهن ان دور ۾ ڪا ڪمي ۽ محرومي هئي بہ تہ اها احساساتي سگهہ جو ذريعو بڻبي هئي.
اهم ڳالھہ اها آهي تہ فطري مشاهدن، سادگي، تنھائي ۽ ذهني سڪون بنان حواس خمسہ متحرڪ نٿا ٿين. جھڙيءَ ريت پروليون، ڳجهارتون ۽ حساب ذهني ڪارڪردگيءَ کي وڌائين ٿا. ساڳيءَ ريت ساوڪ حسياتي طور تي فعال بڻائي ٿي. روزمرہ زندگيءَ سان رابطي بنان خودشناسي جو تصور غير مڪمل رهجي وڃي ٿو.
هڪ لحاظ سان چئي سگهجي ٿو تہ عام زندگيءَ سان ويجهڙائي ۽ ذهني يڪسوئي ذات جي سمجهہ يا ساڃھہ عطا ڪن ٿا. ذاتي تجزيي جي صلاحيت ۾ اضافو ٿئي ٿو، جنھن کي موجودہ لمحي جي طاقت (Power of Present Moment) چيو وڃي ٿو. هڪ لمحي ۾ زندگي بدلجي ٿي. ڪڏهن تہ سالن تائين ماڻھو اڻڄاڻ رهي ٿو تہ ڪڏهن لمحي ۾ کيس عرفان حاصل ٿئي ٿو. رڳو انسان کي وقت سان هلڻ جو هنر اچڻ کپي. کيس وقت جي هر پهر جي طبي و روحاني رمز کان واقفيت حاصل هجي. اهي پهر انساني روين، صحت ۽ ذهن تي مختلف اثر ڇڏين ٿا. چوڻي آهي تہ: ”جنھن نہ سڃاتو وقت کي حيف آ ان جي بخت تي.“ اسان کي ان سان گڏ ذهن جي ڪارڪردگيءَ کي بہ سمجهڻو پوندو، جيڪو هڪ طرف جسماني مڪينزم آهي تہ ٻئي پاسي ڏات ۽ ڏانءُ جو سنگم پڻ ٿئي ٿو. مشھور نفسيات دان سگمنڊ فرائڊ شعور، لاشعور ۽ تحت الشعور جي وضاحت ڀرپور انداز ۾ ڪئي آهي. هن ذهن کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي:
1. شعوري ذهن: موجودہ وقت ۾ اسان شعوري حالت ۾ آهيون. جيئن توهان هي مضمون پڙهي رهيا آهيو. چوڌاري زندگيءَ جي چرپر جاري آهي. موجودہ وقت ۾ سمجهہ سان موجود هئڻ کي شعوري مشاهدو چيو وڃي ٿو. انڪري شعور هڪ ئي وقت ۾ اندرئين ۽ ٻاهرئين دنيا سان رابطي ۾ رهي ٿو. ان جو اظھار، گفتگو، تصويرن، لکڻين، جسماني تحرڪ ۽ خيال وسيلي ڪيو وڃي ٿو.
2. تحت الشعور: ذهن جي ان حصي ۾ تازين يادن وسيلي، شعور سان رابطو بحال رهي ٿو. ضرورت مطابق اهي يادگيريون ٻيھر، ذهن جي سطح تي تري اچن ٿيون. جيئن ٽيليفون نمبر، ايڊريس، روزمرہ جي معاملن جي تفصيل، خيال، رويا، عادتون ۽ جذبا وغيرہ ڪنھن نہ ڪنھن محرڪ وسيلي پنھنجو ڪم ڏيکاريندا رهن ٿا.
3. لاشعوري ذهن: ذهن جي هن حصي ۾ سموري زندگيءَ جا واقعا، حادثا، مشاهدا ۽ اڻوڻندڙ يادون محفوظ رهن ٿيون. شعور هر پل لاشعور سان رابطي ۾ رهي ٿو. لاشعور کي سمجهڻ ڏکيو عمل آهي. سگمنڊ فرائڊ، لاشعور کي دٻيل خواهشن ۽ جذبن جو قيد خانو سمجهي ٿو. جنھن جي ڇنڊ ڇاڻ کي نفسياتي تجزيي (Psycho Analysis) جو نالو ڏئي ٿو. فرائڊ جو خيال هو تہ ماڻھن جي لاشعور کي شعوري سطح تي آڻي سندن علاج ڪجي، جنھن جو مقصد دٻيل خواهشن کي سامھون آڻڻ هو. برٽرينڊ رسل چواڻي تہ: ”ڪو وقت اهڙو ايندو جو تحليل نفسي منافع بخش ڪاروبار بڻبو ۽ ماڻھو پنھنجين محرومين ۽ اندر جي غبار جي اظھار لاءِ بي چين هوندا ۽ آٿت ڏيندڙ نفسياتي ماهرن کي پئسا ڏيڻ لاءِ آمادہ هوندا.“ ان جو سبب اهو آهي تہ زندگيءَ جي مصروفيتن سبب پنھنجائپ ۽ حال اورڻ جا سلسلا ختم ٿيندا رهيا. ساڳئي وقت ڪارل يونگ ”لاشعور کي ڏاهپ جو مرڪز سڏي ٿو.“ هن لاشعور کي ٻن حصن ۾ ورهايو. هڪ حصي کي ”ذاتي شعور“ سڏي ٿو، جيڪو دٻيل خواهشن جو مرڪز آهي. جڏهن تہ ٻيو حصو جنھن کي ”اجتماعي لاشعور“ جو نالو ڏئي ٿو، جنھن ۾ اجتماعي رويا ۽ تجربا شامل آهن. فرائڊ، فرد کي سمجهڻ لاءِ سندس ماضيءَ جو سھارو وٺي ٿو. جڏهن تہ ڪارل يونگ شعور وارتائون سمجهندي مريض جي اندر جو انت لھي وٺندو هو.
ڏٺو وڃي تہ لاشعور اهم طبي ڪم سرانجام ڏيئي ٿو، جنھن ۾ ساھہ کڻڻ، دل جو ڌڙڪڻ ۽ جسم جي مدافعتي نظام وغيرہ شامل آهن. عيسائي مذهبي مبلغ E. Stanley Jones مطابق: ”شعور انساني عمل جو تعين ڪري ٿو ۽ لاشعور رد عمل ڏيکاري ٿو. رد عمل جيڪڏهن اهميت جو حامل آهي تہ عمل پڻ اثر انگيز محرڪ آهي. انڪري جيستائين شعور ۽ لاشعور جي پاڻ ۾ دوستي نہ آهي تہ خودشناسي جو جوهر پيدا ٿي نہ سگهندو.“
ضروري نہ آهي تہ تعميري سوچ فقط ادب تخليق ڪري، پر اها سوچ عمل، زندگي ۽ رشتن ۾ سونھن ۽ توازن برقرار رکڻ جو ڪارڻ بہ بڻجي سگهي ٿي. قديم زماني جي يوگين ۽ صوفين کي نفسيات جي ڄاڻ نہ هئي، پر سندن علم، فطرت جي اصولن سان هم آهنگ هو. مثال هو عفو و درگذر جو درس ڏيندا هئا. جيئن ذهن ۾ مسئلا وڌي وڻ نہ ٿين. نہ ئي زهر ۾ بدلجي ذهن ۽ جسم کي مستقل ڏنگيندا رهن. سندن اهو اصول پڻ هو تہ عمل سٺو رکجي تہ جيئن رد عمل بہ بھترين سامھون اچي. ٻيءَ صورت ۾ انسان جيڪا پوک پوکيندو سا لُڻندو. سندن چوڻ هو تہ مرڪز جي خالص پڻي، احساس جي سونھن يا سوچ جي وحدت کان پري نہ ٿيو. ٻين لفظن ۾ ڌرتي، فطرت ۽ ڪائنات کي سکيا جو ذريعو بڻايو. ان ساڳي ڳالھہ جو پرچار جديد نفسيات ڪري ٿي، پر ان جا اصول قديم خطن تي ترتيب ڏنل آهن. اهي انھن ساڳين روين جو نچوڙ آهن، جيڪي آفاقي حيثيت رکن ٿا. سچ کي ڪنھن بہ وضاحت جي ضرورت نٿي پوي. سونھن جو اثر دائمي ٿئي ٿو ۽ تعلق جي روشني ذهن کي انتشار مان ڪڍي وحدت عطا ڪري ٿي.