جيوپيٿڪ اسٽريس (Geopathic Stress)
جيوپيٿڪ اسٽريس (Geopathic Stress) کي برقي مقناطيسي فيلڊ (Electromagnetic Field) جو نالو ڏنو ويو آهي، جنھن جي فريڪوئنسي، ڪنھن حد تائين انساني ذهن جي الفا لھرن (Alpha Brain Waves) سان ٺھڪي اچي ٿي. زمين تي ڪنھن بہ قسم جي ڀڃ ڊاھہ ٿيڻ جي صورت ۾، اھو منفي چاڙھہ انسانن کي نقصان رسائي سگهي ٿو. زمين تي ٺھيل انڊرگرائونڊ ريلوي اسٽيشنز، موٽر ويز، کاڻيون، ٽنلز، بجلي، پاڻيءَ جون لائنون وغيرہ انساني ضرورتن جون اهي ايجادون آهن، جيڪي جيوپيٿڪ دٻاو جو ڪارڻ آهن. اهي زمين جي فطري فريڪوئنسي ۾ رخنو وجهن ٿيون.
جيوپيٿڪ يوناني لفظ آهي. “Geo” معنيٰ زمين ۽ “Pathos” بيماري يا تڪليف جي صورت کي ظاھر ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب ”زمين جي تڪليف“ طور ورتو وڃي ٿو. ان کي منفي توانائي يا زمين کي نقصان رسائيندڙ وهڪرو پڻ سڏيو ويندو آهي. زمين جي توانائي سٺي، خراب يا غير جانبدار ٿي سگهي ٿي. صنعتي ۽ ٽيڪنالاجي جي انقلاب کانپوءِ، دنيا غيرفطري ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار بڻجي وئي. موجودہ دور ۾ ماحولياتي گدلاڻ بہ فطري ماحول سان هٿ چراند جو نتيجو آهي. اهڙي ماحول ۾ وقت گذاريندڙ ماڻھو، غير محسوس طور تي مونجهاري جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
چين يا جاپان جي ماڻھن،جيومينسي جي علم مان وڏو فائدو ورتو آهي. جيومينسي (Geomancy) زمين جي حالتن کي سمجهڻ جو علم آهي. جنھن جو دائره ڪار فقط طبعي دنيا تائين محدود ناھي بلڪہ احساساتي سمجهہ جو ڪرشمو پڻ آھي. ھي موضوع حواس خمسہ جي فعال ڪارڪردگي جو نتيجو آھي، جيڪو زمين جي مخفي قوتن جي نشاندھي ڪري ٿو.
چيني قوم جيوپيٿڪ اسٽريس کي ”اجگر جو چنبو“ سڏيندي آهي. ڪي قومون وري ان ڪيفيت کي زميني بدروح طور ڏسن ٿيون. هيپوڪريٽس عمارت جي تعمير لاءِ صحيح مقام جي چونڊ تي گهڻو زور ڀريو آهي. 1952ع ڌاري جرمن فزڪس جي ماهر سائنسدان W.O.Schumann ان موضوع تي ڪافي کوجنا ڪئي ۽ زميني ميگنيٽ فيلڊ ۽ ان جي انساني صحت تي اثرن بابت ڄاڻ ڏني.
هونئن ڏٺو وڃي تہ انسان جو جسماني نظام هڪ مڪمل هم آهنگي تحت هلي ٿو. ڪوبہ هڪ عضوو جيڪڏهن صحيح ڪم نہ ٿو ڪري تہ سمورو اعصابي نظام منتشر ٿيو پوي. اهڙيءَ ريت، هن ڪائنات ۾ موجود سڀئي شيون هڪٻئي تي دارومدار رکن ٿيون. زمين جي ساوڪ ڪڪرن جي محتاج آهي تہ ڪڪر وري سمنڊ تي ڀاڙين ٿا. ائين زندگيءَ جو سمورو ڦيرو ڪٿي نہ ڪٿي جزن ۾ ٻڌي يا مرڪزيت تي دارومدار رکي ٿو. انسان بہ ائين ئي زمين ۽ ڪائنات سان جڙيل آهي. چاهي هو ان ايڪي کان بي خبر ئي ڇو نہ رهي.
چيني جيومينسي (Chinese Geomancy) علم جي مطابق، زميني حالتون انسان جي مزاج ۽ روين تي اثر انداز ٿين ٿيون. اهو علم يورپ ۾ Protestant Reformation دوران متعارف ٿيو. اجتماعي شعور جي اوسر، حقيقت پسندي ۽ صنعتي ترقيءَ ماڻھن ۾ وجود ۽ ماحول جو شعور بيدار ڪيو. فينگ شوئي (Feng Shui) هڪ تعميري فن آهي. اهو چائنيز جيومنسي مان ئي اُسريل آهي. هن موضوع جي اوسر چين ۾ ٿي بعد ۾ اھي لاڙا يورپ ۾ بہ مقبول ٿيا. هن علم جو مقصد انساني توانائيءَ جي آسپاس جي ماحول سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي. مثال جيئن گهر جو باغ آهي، اهو اسان کي احساس جي مرڪز جي ويجهو وٺي ٿو اچي.
فينگ شوئي مطابق زرخيز زمين تي گهر ٺاهڻ گهرجي، ڇو تہ ماڻھو سرسبز زميني توانائي سان جلد مانوس ٿي وڃي ٿو. جيستائين ماڻھو ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ طاقتور رشتو پيدا نہ ٿو ٿئي، تيستائين هو بي چين رهي ٿو. جڏهن تہ وارياسي ۽ پٿريلي زمين تي ٺهيل گهر مختلف ٿين ٿا. اهڙي زمين تي تعمير ٿيل گهرن جا رهاڪو، زمين سان گهٽ تعلق هجڻ سبب بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا. ان ڪري اهڙن گهرن ۾ فينگ شوئي شيون جھڙوڪ: ڇانو جا ٻوٽا (انڊور پلانٽ)، آئينا، ڊور بيلز وسيلي توانائيءَ جو وهڪرو فعال بڻايو ويندو آهي.
ڪائنات ۾ قوت جون لھرون (Vibrational force) هر وقت تحرڪ ۾ هونديون آهن. سج، چنڊ، تارا ۽ سيارا وقت جي ڦيرگهير ۽ آسماني قوتن جا مظھر آهن. ڪائنات جا اهي اثر- زمين، نباتات ۽ انسانن تي حاوي رهن ٿا. ساڳيءَ ريت زمين هيٺ عمل پذير ڪيميائي اثر ۽ پاڻي جا وهڪرا پڻ انساني مزاج کي متاثر ڪندا آهن.
گهر، اهڙي جڳھہ آهي، جنھن سان انساني پنھنجائپ ۽ قربت جو انوکو رشتو قائم ٿئي ٿو. گهرن ۾ روشني ۽ هوا جو مناسب انتظام بہ اتي موجود متضاد توانائي جي وهڪري کي رستو مھيا ڪري ٿو. ننڊ نہ اچڻ جو سبب بہ ڪمري جي ماحول سان هم آهنگي نہ هجڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو. گهر هجي يا آفيس، جيستائين ان جڳھہ ۾ موجود توانائي جي لھرن سان رابطو نہ ٿو جڙي، اُها جڳھہ ناخوشگوار علامتن جو سبب بڻجي ٿي.
اها حقيقت آهي تہ ذهني مونجهارن جو اثر بہ ماحول تي پوي ٿو، جنھن ڪري فينگ شوئي گهرن ۾ دريون ۽ در ڪشادا رکيا ويندا آهن. درين جو آمھون سامھون هجڻ لازمي هوندو آهي تہ جيئن ھاڃيڪار سوچ کليل رستي وسيلي ٻاهر نڪري وڃي.
ڪو بہ اڻ وڻندڙ سوچ رکندڙ انسان جيئن پنھنجي چؤڌاري بي چيني پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو، جيو مينسي جي اصولن مطابق ائين جڳھين ۾ ڦاٿل متضاد توانائي، مزاج ۽ صحت کي متاثر ڪري سگهي ٿي. هڪ باغ ۽ قبرستان جي قوت ڌارا بلڪل مختلف ٿئي ٿي. باغ ۾ ذهني سڪون ملي ٿو، جڏهن تہ قبرستان ۾ وحشت محسوس ٿيندي آھي. ائين ئي جنگي ميدانن ۾ مايوس لھرن جو وهڪرو هر وقت حملي ڪرڻ لاءِ تيار نظر اچي ٿو.
ساڳيءَ ريت، جيڪڏهن ڪنھن گهر ۾ ڪو قتل ٿيو ھجي يا جهيڙا وغيرہ عام ٿيندا رهن ٿا تہ اتي جيوپيٿڪ اسٽريس ظاهر ٿيندو آهي. جيستائين جسم، ذهن ۽ روح ۾ وحدت پيدا نہ ٿي ٿئي، ماڻھو ماحول جي اثر کان غافل رهي ٿو. ڪنھن بہ گهر يا جاءِ ۾ ڪوبہ اڻ وڻندڙ واقعو، حادثو، نااتفاقي يا جذباتي گهُٽ جا اثرات موجود هجن تہ ان جي لاءِ جڳھہ کي شفاف بنائڻ (Space Clearing Techniques)جهڙا حل ڳوليا ويندا آهن. اھي روايتون دنيا جي ھر مذھب ۾ ملن ٿيون. جيئن نئين گهر ۾ منتقل ٿيڻ وقت قرآن خواني ڪرائي ويندي آهي. اگر بتيون ٻاريون وڃن ٿيون. بلڪل ائين فينگ شوئي جي قاعدن مطابق، متاثر جڳھين تي جڙي ٻوٽين جو واس ڏنو ويندو آهي. ان کان علاوہ لوڻ جو ٻرڪڻ، ميڻ بتيون ٻارڻ يا موسيقي وسيلي فضا کي صاف ڪيو ويندو آهي. ڊور بيلز جي ايجاد پڻ ان مقصد سان ڪئي وئي هئي. موسيقي، ماحول جي منفي اثر کي وکيري ڇڏي ٿي.
جيڪڏهن محسوس ٿيڻ لڳي تہ ڪو گهر يا جاءِ جتي گهڻو وقت گذري ٿو، انساني ذهني يا جسماني صحت لاءِ موافق نہ آهي، تہ کيس اها جڳھہ تبديل ڪرڻ گهرجي. ڇو تہ اڪثر اهڙيون تبديليون موافق نتيجا کڻي اينديون آهن. ذھني دٻاءَ جي حالت ۾ باغ ۾ وقت گذارڻ گهرجي. درياھہ، پھاڙ ۽ ساوڪ وارا علائقا توانائيءَ جا سگهارا مرڪز (Energy Power Centers) سمجهيا وڃن ٿا. خاص طور تي ساوڪ انساني مزاج ۽ روين جو توازن برقرار رکي ٿي. جيڪڏهن انھن هنڌن تي گهڻو وقت گذاريو وڃي تہ هر قسم جي ذهني ۽ جسماني دٻاءَ کان نجات ممڪن آهي.
باغ فطري توانائيءَ جو مرڪز هوندا آهن. پر اسان وٽ انھن جو وجود نہ هئڻ جي برابر آهن. اڄوڪي دنيا ۾ اڪثر ماڻھو عام ڪاروباري ذهنيت رکن ٿا. اهي پلازہ، شاپنگ سينٽرز ۽ وڏين هوٽلن جي رواج کي رائج ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندي، ان قسم جي تعميراتي ترقيءَ کي همٿائين ٿا. پر باغن لڳائڻ جي رجحان کي تمام گهٽ فروغ ڏنو ويو آهي. اهڙا باغ ڪجهہ شھرن ۾ موجود آهن، جيڪي هر عمر جي ماڻھوءَ لاءِ دلچسپيءَ جو مرڪزآهن. اهي باغ تفريح سان گڏ ڪمائيءَ جو ذريعو پڻ آهن.
اسان کي ذاتي طور تي بہ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. گهرن، گهرن کان ٻاهر، جڳھہ نہ ھئڻ جي صوررت ۾ گهر يا فليٽ جي ڇتين تي باغ لڳائي سگهجن ٿا. ساوڪ ماحولياتي گدلاڻ ۽ گرمي سان وڙهڻ جي صلاحيت پڻ رکي ٿي. ٻئي طرف مناسب ذهني اوسر ۽ تخليقي واڌ ويجهہ لاءِ پوک جي وندر بھترين سمجهي ويندي آهي.