دفاعي روين جي نفسيات (Defense Mechanism)
هر ماڻھوءَ جو مزاج ۽ منفي روين تي ردعمل مختلف ٿئي ٿو. روشن خيال سوچ رکندڙ ماڻھو منفي روين ۽ ڳالھين تي سخت ردعمل ڏيکارڻ بدران انھن جو پس منظر سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو. پر غير حقيقي سوچ رکندڙ ماڻھو، حقيقتن کي سمجهڻ بدران فراريت تي ٻڌل رويا اختيار ڪندو آهي. ناپسنديدہ يا اڻ وڻندڙ صورتحال کي ماڻھو ڪيئن ٿو سنڀالي. اهو هنر فقط اهو ماڻھو ڄاڻي ٿو، جيڪو انساني ڪمزورين ۽ خطائن کي سمجهڻ جي صلاحيت رکندو آهي.
دفاعي روين ۾ ڪنھن بہ سچائي يا حقيقت کان انڪار جي ڪيفيت ملي ٿي، جنھن جون ڪڙيون اڪثر ننڍين جي دور سان وڃي ملنديون آهن. هر ماڻھو پنھنجي علم ۽ ساڃھہ مطابق ورتاءُ ڏيکاريندو آهي. علم جو مطلب آهي سمجهہ ۽ ساڃھه، جنھن مطابق منفي روين جي موٽ ساڳي انداز سان ڏبي تہ معاملا ويتر خراب ٿيندا. ان معاملي جي بگاڙ يا روين جي بدصورتيءَ جي پس منظر کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، حقيقت ۾ اهو سڀ ڪجهہ سمجهڻ ۽ سھيڙڻ تمام ڏکيو آهي. ڇو تہ انساني زندگي عمل ۽ رد عمل جو اولڙو آهي. برداشت گهٽ هئڻ سبب سماج نفرت جو اوڙاھہ بنجي وڃي ٿو. سماجي ٻٽن روين زندگيءَ جي هر شعبي کي متاثر ڪيو آهي. ڪوڙ ۽ منافقت اهي وچ جا رستا آهن، جيڪي بنا جاکوڙ جي ماڻھوءَ کي ڪاميابي ڏيارين ٿا.
غلط ڳالھين تي يقين ڪرڻ بہ سھل پسندي آهي. ڇو تہ سچ جي پرک لاءِ محنت ڪرڻي پوي ٿي. ان ڪري بنا ڪنھن تصديق جي يقين ڪرڻ جديد دور جو الميو آهي، جنھن مان ڪيئي غلط رجحان ۽ حادثا جنم وٺن ٿا. نفس حرڪي (Psycho Dynamic Theory) مطابق اڻ وڻندڙ صورتحال کان جان ڇڏائڻ لاءِ ماڻھو بچاءَ جا طريقا ڳولي ٿو ڪڍي. اهو عمل لاشعوري طور تي سرزد ٿئي ٿو.
تلخ حقيقت کي قبول ڪرڻ بدران ماڻھو يا تہ انھن کي نظرانداز ڪري ٿو يا وري ناپسنديدہ معاملن کي مسترد ڪري ٿو ڇڏي، جنھن مطابق هو حقيقتن کي سمجهڻ ئي نہ ٿو چاهي.هُن لاءِ اڻ وڻندڙ حقيقت، ڏک، تنقيد يا ڌڪار ڄڻ وجود ئي نٿا رکن. ان جو سبب غير حقيقي انداز ۾ ٿيل پرورش ۽ ننڍپڻ جا واقعا آهن. جڏهن ٻار وڏن کي غلط روين جا جواز ڏيندي ڏسي ٿو، يا هو اهڙي ماحول ۾ رهي ٿو، جتي ڪاوڙ، گوڙ گهمسان يا جارحيت وڌيڪ آهي، اتي ٻارن اندر دفاعي رويا جنم وٺن ٿا. ۽ ٻار بہ پنھنجي ڪنھن بري عمل، غلطي يا عادت تي شرمسار ٿيڻ بدران ان لاءِ جواز پيش ڪرڻ لڳي ٿو.
ڪنھن عمل يا عادت جي بري هجڻ جي باوجود بہ ان کي پنھنجيءَ ذات لاءِ سٺو سمجهڻ، ۽ ان عمل تي قائم رهڻ لاءِ ماڻھو ڪيترا بهانا يا عذر پيش ڪندي پنھنجي پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهي رويا اسان جي روزمرہ زندگيءَ جو حصو بڻجي ويا آهن، جتي ڪوڙ کي مصلحت پسندي ۽ سمجهوتي جو نالو ڏنو وڃي ٿو.
اها حقيقت آهي تہ مونجهاري ۽ مشڪل صورتحال جي پيدا ٿيڻ جو سبب بہ اهو ماڻھو آهي، جيڪو ٻين کي ڏوھہ ڏئي ٿو. پر پاڻ اهو معاملو سمجهڻ يا حل ڪرڻ نٿو چاهي. پريشاني يا مسئلا، سگمنڊ فرائڊ مطابق Id, Ego, Supergo جي پيداوار آهن، جنھن مطابق ذهن ڳڻتي يا پريشانيءَ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. بجاءِ جو شعوري طور تي ان معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪجي. اهي مونجهارا ذهن ۾ قيد ٿي وڃن ٿا. پوءِ چاهي علامتي خوابن وسيلي ظاهر ٿين يا اهو ماڻھو ٻين سان برو سلوڪ ڪري ذهني سڪون ڳولي. ڪٿي ماڻھو لفظن سان اظھار ڪرڻ بدران ڪانہ ڪا جارحيت ڏيکاريندا آهن، جيئن ديوار کي ڌڪ هڻڻ يا ڪاوڙ مان زمين تي ڪا شيءِ اُڇلائڻ وغيرہ. اهڙيءَ صورتحال ۾ هن جي ڪاوڙ ٿڌي ٿي ويندي، پر اهو مسئلو حل نہ ٿيندو، جنھن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو وڃي ٿو. اهڙا معاملا ٿڌي دماغ سان فقط ملي ويھي حل ڪري سگهجن ٿا. پسند جي شيءِ نہ ملڻ تي ٻار جو روئڻ، پڻ دفاعي مڪينزم جو حصو آهي. پاڻ کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش يا خوداذيتي بہ غيرحقيقت پسندانہ روين جو اُهڃاڻ ٿئي ٿي.
ڪنھن بہ معاملي کي سمجهڻ بدران جڏهن ان کان فرار حاصل ڪجي تہ اها لاتعلقي معاملن کي سنوارڻ بجاءِ وڌيڪ بگاڙي ٿي. اهڙا ماڻھو خيالي دنيا ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن ۽ پاڻ کي منفرد سمجهندا آهن. اهاآئڊيلزم ۽ تصوراتي دنيا کين حقيقتن کي سمجهڻ جو موقعو نہ ڏيندي آهي. اهي پاڻ کي وقتي طور تي حقيقت کان ڪٽي جڏهن عارضي پناھہ وٺندا آهن تہ کين وقت گذرڻ جي خبر نہ پوندي آهي. جڏهن ٻيھر حقيقت جي دنيا ۾ واپس ايندا آهن تہ مسئلن جو آڪٽوپس کين ٻيھر وڪوڙي ويندو آهي. مشاهدو آهي تہ انھن ماڻھن جو ننڍپڻ ۾ تمام ڏکيو وقت گذريل هوندو آهي. ٻالڪپڻي جون مارون، ڌڪا، ٿاٻا ۽ محروميون کين خيالي دنيا ۾ پناھہ وٺڻ تي مجبور ڪنديون آهن.
اڪثر ماڻھن کي لاحق طبي بيماريون جھڙوڪ کنگهہ يا ٻي ڪا تڪليف بہ انھن دفاعي روين جو سبب ٿي سگهن ٿيون. سگمنڊ فرائڊ مطابق، جڏهن ماڻھو ڪنھن اڻ وڻندڙ صورتحال جي باري ۾ پنھنجن خيالن جو اظھار نٿو ڪري يا ان جو ڪو حل نہ ٿو ڪڍي سگهي تہ پوءِ کيس طبيبن جي درن جا چڪر لڳائڻا پون ٿا. انھن بيمارين جو حقيقت سان واسطو ناهي هوندو. رڳو علامتون موجودہونديون آهن. پر مڪمل تپاس ڪرائڻ کانپوءِ بہ ڪا طبعي بيماري ناهي ظاهر ٿيندي. فقطي ذهني اذيت انھن عارضن جو سبب ٿئي ٿي، جنھن لاءِ کين مسئلن يا پريشانين کي هڪ نئين نقطہ نظر سان ڏسڻو پوندو. اهڙيءَ صورتحال ۾ جڏهن ماڻھو دل جي ڳالھہ چئي نہ سگهي، ڪوشش جي باوجود وڙهي يا بدلو نہ وٺي سگهي. ڪا خواهش سماج جي خوف کان تڪميل تائين نہ پھچي سگهي تہ پوءِ ماڻھو مختلف روين وسيلي پنھنجي اندر جي اُڌمن جو اظھار ڪندو آهي. اڻ وڻندڙ رويا، بريون عادتون ۽ غير واضح ورتاءُ مٿي ٻڌايل سببن ڪري ئي ماڻھو اختيار ڪري ٿو. اجائي نفرت ۽ ناپسنديدگي جي پويان بہ اهڙا منفي محرڪ ٿين ٿا، جيئن ماڻھو ڪنھن سان ريس يا حسد محسوس ڪري، ڇو تہ هو ان عروج تي نٿو پھچي سگهي. ڪيترا مسئلا احساس ڪمتري، برتري، خانداني رتبي، عھدي، سماجي حيثيت يا اناپرستيءَ جي پيداوار ٿين ٿا. سوچ کي ٻين تي مسلط ڪرڻ ۽ ذات جي نفي ڪرڻ ٻئي رويا نقصان ڏيندڙ آهن. اظھار جي آزادي نہ هئڻ سبب بچاءَ وارا رويا، سماجي زندگيءَ جو حصو بنجي وڃن ٿا. فرائڊ مطابق: ”زندگيءَ جي مسئلن، ڏکن يا تضادن کي منھن ڏيڻ لاءِ انسان جي انا مدافعتي رويا اختيار ڪري ٿي.“
جتي ڪنھن مجبوري يا فائدي جي ڪري ماڻھو کي اڻ وڻندڙ صورتحال سان گڏ هلڻو پوي ٿو. اتي اهي رويا ٻيائي، منافقت يا خوشامد جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا آهن، يا وري شڪايتي روين جي روايت دهرائيندا رهن ٿا. شڪايت بہ خود اعتمادي جي ڪميءَ جو اهڃاڻ آهي. پنھنجي ڳالھہ ان ماڻھو تائين پھچائڻ گهرجي، جنھن کان شڪايت آهي. اهو ماڻھو ئي مسئلي جو حل ڪڍي سگهي ٿو، پر ذهني بحران جو شڪار ماڻھوءَ ۾ حل ڳولي لھڻ جي صلاحيت گهٽ هوندي آهي. جڏهن روين جي بدصورتي انتھا تائين پھچي ٿي تہ طنز مزاح ۽ جمالياتي ذوق ٻہ اهڙا رويا آهن، جيڪي ماڻھوءَ کي ڏکن يا بدصورت روين کان بچائين ٿا. زندگي جي نواڻ ۽ خوبصورتي جي پٺيان ڪٿي نہ ڪٿي تڪليف ڏيندڙ لمحا نظر ايندا آهن. اهو انسان جي سوچ ۽ سھپ تي منحصر آهي تہ هو ڪيئن حالتن جي ور وڪڙ رستن مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو.
پر ساڳئي وقت هڪ رويو حالتن پٽاندر رنگ اختيار ڪرڻ وارو دفاعي طريقو (Adaptive Defence Mechanism) پڻ آهي، جنھن ۾ ماڻھو پنھنجي ڏک ۽ پيڙا کي مثبت توانائي يا تعميري سرگرمي ۾ بدلائڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا. جنھن کي George Vaillant اهڙن روين طور ڏسي ٿو، جيڪي ذهني پريشاني جو ٽوڙ ٿين ٿا. هُو ان کي پختو دفاعي طريقي (Mature Defence Mechanism) جو نالو ڏيئي ٿو.
مزاح ۽ ادب پڻ ڏکين ۽ اڻ وڻندڙ حالتن جو ردعمل آهن. مزاح بہ دفاعي روين جو اظھار آهي. جڏهن اڻ وڻندڙ انسان حالتن کي قابو نٿو ڪري سگهي تہ مزاح جي حس ڏکن کي سھڻ ۽ سھيڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ان ڪري زندگيءَ جا ڪڙا سچ ۽ تلخ حقيقتون، مزاح وسيلي بيان ڪيون وينديون آهن. اهو ئي سبب آهي تہ نفسيات، انسان کي ذات ۽ حالتن جي سمجهہ عطا ڪري ٿي. ڇو تہ پاڻ کان بيخبر ماڻھو، اخلاقي قدرن جي پامالي جو سبب بڻجي ٿو.