پاڻي قوت جو عظيم سرچشمو
پاڻي ڪڏهن بہ سڌو ناهي وهندو، هڪڙي ڦڙي جو تخليقي عمل بہ ڦيردار قوت ۾ لڪل آهي. پاڻيءَ جو Spiral Rhythem چڪردار آهنگ جي شڪل ۾ رستو بڻائيندي زندگيءَ کي توانائي بخشيندو رهي ٿو. قديم دور کان وٺي روحاني مفڪر اهو چوندا پيا اچن تہ فطرت اندر هڪ گول گهمندڙ چڪرو آهي، جنھن کي پڻ هندو يوگي چڪرو ئي چوندا آهن، جنھن جي معنيٰ ڦيٿي جي آهي. سندن چوڻ آهي تہ اهو ڪن يا ڀنورانسان جي جسم ۾ بہ گردش ڪندو آهي ۽ انھيءَ محور جي چوڌاري پوري ڪائنات ڦري ٿي.
آڳاٽن وقتن کان فطرت جي مظھرن جي پوڄا ڪندا آيا آهن. ڪو ڳجهہ ۽ غيب آهي، جيڪو انھن کي بيچين ٿو رکي. زندگيءَ جي حقيقت جي راز کي فاش ڪرڻ لاءِ هو ڪائنات جي خلقڻھار جي ڳولا ۾ سج، چنڊ، تارن، پھاڙن، دريائن ۽ زمين تائين جي پوڄا ڪندا رهيا آهن. انھن پنھنجي وجود جي هجڻ جي سبب جي تلاش ڪندي، آسمان جي وحشتن ۽ زمين جي خوفناڪين ۾ مذهبي عقيدتن کي پوئي ڇڏيو. زندگيءَ جي راز تان پردي کڻڻ جي ڌن ۾ بار بار فطرت جي دروازي تي دستڪ ڏيندا هئا. ان ۾ ئي دل جو سڪون جي تلاش ڪندي ان کي ئي پنھنجو رهبر سمجهندا هئا. گهڻا ديومالائي قصا پاڻيءَ سان منسوب ٿيل آهن. ڇاڪاڻ جو پاڻي هر تھذيب جي توجھہ جو مرڪز رهيو آهي. اها حقيقت آهي تہ چار دريا ڪيلاش پھاڙ مان ٿا وهن. ديو مالائي قصي مطابق سنڌو دريا شينھن جي وات مان ٿو وهي. مغرب کان هاٿيءَ جي منھن مان ستلج درياھہ رستو بڻائيندو اڳتي وڌي ٿو. ڏکڻ کان ڪرنالي دريا مور جي چهنب مان نڪري ٿو. ۽ مشرق ۾ برهمپترا گهوڙي جي منھن مان وهندو وڃي گنگا ۾ ٿو ڇوڙ ڪري. ڏٺو وڃي تہ هندو ديومالائي قصن ۾ اهي سمورا جانور ئي مقدس ڪوٺجن ٿا.
سنڌو درياھہ صدين کان اڃايل ڌرتيءَ کي سيراب ڪندو پيو اچي، جنھن کي شينھن درياھہ بہ چئجي ٿو. اهو اترائون علائقن جي خوبصورتيءَ مان ڪنھن شينھن جيان گجگوڙ ڪندو نڪري ٿو ۽ سنڌ جي سرزمين کي ساوڪ سان ڍڪي ٿو ڇڏي. سنڌ جي خوشحالي سنڌو درياھہ جي بدولت آهي. رگ ويد ۾ سنڌو درياھہ جو ذڪر هن ريت ملي ٿو:
”اي سنڌو! جڏهن تون ميدانن مان وهين ٿي تہ پاڻ سان گڏ الاهي سارو کاڄ جو سامان پڻ آڻين ٿي، تنھنجو پاڻي اتم آهي، تنھنجو حسن ڪنھن ڪنوار جيان آهي، تون سدا جوان ۽ خوبصورت آهين، تون ماکي ڏيندڙ گلن سان ڍڪيل رهين ٿي. “
موهن جي دڙي جي تھذيب مان بہ پاڻيءَ جي پوڄا جا آثار ملن ٿا. نيل ندي بہ قديم مصري تھذيبن ۾ مذهبي روايتن جي ساک ڀري ٿي. گنگا بہ هزارين سالن کان وٺي عقيدتمندن جي توجھہ جو مرڪز رهي آهي، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اها انسانن جي گناهن کي ڌوئي پاڪ ٿي ڪري. ڏٺو وڃي تہ ايشيا جا ڪيترا ئي اهڙا ملڪ آهن، جيڪي پاڻيءَ مان روحاني تحرڪ حاصل ڪن ٿا. جيئن هتي جا ماڻھو وڏڙن جي روايتن مطابق، پاڻيءَ سان پنھنجي پاڻ کي ويجهو ٿا رکن. شنٽو مذهب جا پيروڪار مقدس پاڻيءَ سان ذهن ۽ روح جي آبياري ڪندا آهن. صبح ساڻ چشمي جي پاڻيءَ جي وهندڙ وهڪري جي قوت، سندن جسمن اندر منتقل ٿي ويندي آهي. وهندڙ پاڻي پنھنجي اندر ۾ زندگيءَ لاءِ حرارت سمائي رکي ٿو. ان جي خاصيت ۾ فطرت جو بنيادي قانون ساھہ ٿو کڻي. جنھن ۾ وجود رکڻ، وڌڻ ويجهڻ، عمل ڪرڻ ۽ ٻيھر پيدا ٿيڻ وغيرہ شامل آهي.
توانائيءَ جو روپ بدلجندو رهڻ بہ زندگيءَ جي اهم ضرورت آهي. پاڻيءَ سان قرب انسان کي گهڻو ڪجهہ سيکاري ٿو. پاڻي جي وهڪري ۾ مضبوط قوت ۽ هلچل شامل آهن. هڪ ترغيب جيڪا انسان کي اڳيان وڌڻ لاءِ اتساهي ٿي. پاڻي، ذهني تخليق کي فروغ ڏئي ٿو ۽ ذهن بہ پاڻيءَ جون خوبيون اختيار ڪري ٿو. جيڪي ساڪن، ڳجهيون، منتظر ۽ اوتار وٺي روپ بدلائيندو رهن ٿيون. اهو ئي سبب آهي تہ ذهني دٻاءَ ۾ مبتلا ماڻھن کي هائيڊرو ٿيراپيءَ سان علاج ڪيو ويندو آهي ۽ يورپ ۾ هربل باٿ کي صحت بخش عمل قرار ڏنو ويو.
پاڻيءَ جي آوازن کي ٻڌڻ وسيلي ذهني طور تي منتشر مريضن جو علاج ايشيا ۽ يورپ ۾ مروج آهي، جنھن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي لئہ ۽ آبشارن جي ترنم کي رڪارڊنگ وسيلي ٻڌرايو ويندو آهي. انھن آوازن کي Healing Sounds يعني شفا ڏيندڙ آوازون ڪوٺيو وڃي ٿو. تبت ۽ چائنا جي طبعي فلاسافرن جو چوڻ آهي تہ ڪائنات جي سمورن فطرتي مظھرن جون آوازون انساني رنج، خوشي ۽ بيماري جي جذبن جون عڪاس آهن. تيراڪيءَ کي بہ جسم ۽ ذهن جي فعال ڪارڪردگيءَ جو موثر وسيلو سمجهيو وڃي ٿو. جنھن سان ساھہ کڻڻ جي سرشتي جي ڪارڪردگي بہ بھتر ٿيندي آهي ۽ ذهني دٻاءُ جو خاتمو ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي تہ ايشيا ۽ يورپ ۾ پاڻيءَ جا گهرا جزيرا سدائين کان سياحن جي توجھہ جو مرڪز رهندا آيا آهن.
اٽليءَ جي سائنسدانن يورپ جي ڪيترن ئي شفا بخشيندڙ پاڻين جي ويجهو رهي تحقيق ڪئي، جن مان Lourades ڍنڍ بہ هڪ آهي، جنھن جو پاڻي شفا سان ڀرپور مڃيو وڃي ٿو. سائنسدان ان ڍنڍ جي پاڻيءَ تي تحقيق ڪرڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پھتا تہ مقدس پاڻين جا اهي چشما، نديون يا کوھہ عام پاڻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ صحت بخش ثابت ٿيا آهن. انھن جي خيال موجب تہ انھن دڳن تان ملندڙ پاڻيءَ اندر شفا ڏيندڙ معدنيات (Minerals) هوندا آهن. جيئن جرمينيم (Germanium) وغيرہ جي موجودگي سان پاڻيءَ ۾ آڪيسجن جي وڌيل سطح بحال رهي ٿي ۽ پاڻيءَ ۾ شفا بخش جزا وڌي وڃن ٿا. ان تحقيق مطابق شفا جو حقيقي سبب باهمي ربط آهي، جيڪو پاڻي ۽ علاج جي خواهشمند ماڻھن جي وچ پيدا ٿي ويندو آهي. يعني جنھن پاڻيءَ سان محبت ڪجي ٿي ان مان شفا ملڻ جو يقين هئڻ سبب، اُهو پاڻي پوءِ انسانن کي مايوس نٿو ڪري.
سنڌ ۾ بہ جتي ڪٿي شفا ڏيندڙ پاڻيءَ جا ذخيرا موجود آهن. پاڻيءَ جو اهڙو ئي هڪ چشمو سيوهڻ جي ويجهو لڪي شاھہ جي پھاڙن جي وچ ۾ وهي ٿو. پري پري کان ماڻھو شفا حاصل ڪرڻ جي لاءِ هن چشمي تي اچن ٿا.
پاڻيءَ جي ديوتائن جا قصا هر مذهب ۾ موجود آهن. جھڙوڪ سنڌ ۾ اُڏيرو لعل يا خواجہ خضر جي درگاھہ عقيدتمندن سان ڀريل هوندي آهي. اڏيرو لعل حيدرآباد کان 56 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هيءُ مزار هندو ۽ مسلمان قومن ۾ برابريءَ جي بنياد تي مقبول آهي. هندو کيس جهولي لال، درياھہ شاھہ، اڏيرو لعل ۽ زنده پير جي نالي سان ڪوٺين ٿا، جڏهن تہ مسلمان خواجہ خضر ڪري سڏين ٿا.
اڏيرو لعل جا مڃيندڙ مھيني ۾ هڪ ڀيرو چنڊ جي آخري رات تي درياھہ جي ڪناري تي جمع ٿي ڏيا ٻاري پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪندا آهن. جمعي جي ڏينھن سڀئي مريد مڇي کي ان پاڻيءَ مان ملندڙ ثمر طور واپرائيندا آهن. هر شام جو عورتون درياھہ ۾ چانور ۽ کنڊ نذراني طور وجهنديون آهن. يوناني ديومالائي قصن ۾ سمنڊ جي ديوتا پوسائيڊن جو ذڪر ڪثرت سان ملي ٿو. جيڪو رستو ڀلجي ويندڙ ٻيڙين جي راهنمائي ڪندو هو، جنھن جي ويجهو سمنڊ جي مخلوق نرتيه ڪندي آهي. مسافر هن ديوتا کي پنھنجي تصور ۾ آڻي عافيت سان سفر مڪمل ٿيڻ جون دعائون ڪندا آهن. گهوڙو، ڊولفن مڇي ۽ صنوبر جو وڻ هن ديوتا سان منسوب علامتون آهن. اهي يوناني ديومالائي قصا، جيڪي پوسائيڊن سان منسوب آهن، خواجہ خضر يا اڏيرو لعل سان جڙيل قصن ڪھاڻين سان بہ ڪنھن قدر مشابھت رکن ٿا.
ٿاڻي بولا خان جي ويجهو مول شريف جي مندر تي بہ هر سال اڏيرو لعل کي مڃڻ وارا درشن لاءِ ايندا آهن. بلوچستان جي سنگلاخ پھاڙن تي واقع هنگلاج ماتا جي مندر تي، پوري دنيا مان هزارين ياتري پنھنجي عقيدتن جي اظھار لاءِ جمع ٿيندا آهن. هن مقام تي مقدس پھاڙي چشما وهن ٿا، جن ۾ انيل ڪن انتھائي مشھور آهي. ياتري، انيل ڪن ۾ تڙ ڪندا ۽ تبرڪ طور پاڻي ساڻ کڻي ويندا آهن.
اڏيرو لعل جي مزار تي بہ مقدس کوھہ موجود آهي. ان کان علاوہ ڪاٺ جا جوتا، نغارہ ۽ وڻ زائرين جي توجھہ جو مرڪز آهن. وڻن تي رنگ برنگي اڳڙين سان باس جون ڳنڍون ٻڌي ماڻھو هليا ويندا آهن. ائين لڳي ٿو ڄڻ انھن رنگين اڳڙين ۾ ماڻھو پنھنجين منتظر اکين جا خواب ٻڌي هليا ويندا هجن. مزارن جون بہ الگ رمزون آهن. هتي ماڻھو گهڻو ڪري پنھنجي دل جي وڃايل سڪون جي ڳولا ۾ ايندا آهن ۽ مقدس پاڻيءَ جي ٿڌي مٺي تاثير ۾ ڏکن جي باھہ ۾ پڄرندڙ روح کي سيراب ڪندا آهن.