پري ڊيٿ سنڊروم
هڪ طرف جتي روشني يقين بڻجي اُتساھہ بخشي ٿي تہ اتي ٻئي طرف اوندھہ آهي، جيڪا موت جي پراسراريت ڏانھن اشارو ڪري ٿي. ان موضوع تي ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ ناول پڻ لکيا ويا آهن. فرائڊ پاڻ موت جي خوف ۾ مبتلا هو ۽ اڪثر ان جو تصور ڪري بيھوش ٿي ويندو هو. ساڳئي خوف جو شڪار هٽلر پڻ هو، جنھن ان خوف کان بچڻ لاءِ خودڪشي ڪئي. گهڻا ماڻھو لمحو لمحو موت جي انتطار کان ڪيٻائيندا آهن ۽ پنھنجي هٿن سان زندگيءَ جو خاتمو ڪري ڇڏيندا آهن. حساس ماڻھو زندگيءَ جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦٿڪي اڻ وڻندڙ انجام کي پھچي ٿو.
ادب جي تاريخ ۾ اڪثر مھان ليکڪن جا موت عجيب حالتن ۽ اسرار جي ڌنڌ ۾ ويڙهيل نظر اچن ٿا، جن ۾ ايڊگر ايلن هيو، ڪرسٽوفر مارلو، شاعر شيلي، ورجينيا وولف، ارنيسٽ هيمنگري ۽ سلويا پاٿ وغيرہ شامل آهن، جن جي غير يقيني زندگين وانگر موت بہ هڪ ڇرڪائيندڙ حادثو هو.
تحقيق مطابق ماڻھو موت کان ڪجهہ عرصو پھرئين ”موت کان اڳ جي ڄاڻ“ (Pre-Death Syndrome) جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. نفسياتي ۽ اڪثر ان ڪيفيت کي مغالطو (Delirium) يا Organic Brain Syndrom (OBS) چيو وڃي ٿو. ٻنھي صورتن ۾ ماڻھو، موت کان اڳي حقيقت کان پري ٿي وڃي ٿو ۽ ننڊاکڙي جي صورت ۾ کيس ڏيکارا يا خيالي پاڇا نظر اچن ٿا. سائيڪياٽري (طبيب نفسي) انھن ڪيفيتن جو طبي بنيادن تي جائزو وٺي ٿي، جيڪي ذهن جي غيرفعال ڪارڪردگيءَ جو سبب بنجن ٿيون. پر پيرا سائيڪالاجي (مابعد از نفسيات) جا ماهر انھن ڪيفيتن کي مختلف انداز سان ڏسن ٿا. سندن چوڻ آهي تہ مرڻ کان اڳي (چاهي ماڻھو بيماري جي بستري تي نہ ھجي) ھو هڪ عجيب ڪيفيت ۾ لاشعور سان سلھاڙجي وڃي ٿو. اها ڪيفيت چند مھينن تائين تہ ڪڏهن ڪجهہ هفتن تائين برقرار رهي سگهي ٿي.
موت کان اڳي لاشعور متحرڪ ٿي وڃي ٿو ۽ شعور تان اڻڄاڻائيءَ جا پردا کڄڻ لڳن ٿا. انسان جي سوچ، سمجهہ ۽ ڇھين حس وڌيڪ متحرڪ ٿي وڃن ٿيون. جيئن وليم ورڊزورٿ پنھنجي شھر آفاق نظم Ode: Intimation of immortality from recollection of early childhood” ۾ بيان ڪيو آهي تہ ٻار جڏهن دنيا ۾ اچي ٿو تہ ڪافي وقت تائين، سندس تعلق آسماني نور سان جڙيل رهي ٿو. ڪجهہ عرصي بعد تجربي جي دنيا کانئس اها روشني کسي ٿي وٺي. ساڳيءَ ريت دنيا ڇڏڻ وقت ماڻھو ٻيھر وري ان روشنيءَ سان رابطي ۾ اچي ٿو وڃي جتان هو آيو آهي. ماڻھوءَ جي ذهن جي پروگرامنگ بہ لاشعوري طور تي طئي ٿئي ٿي. لاشعور ۾ محفوط واقعا، سندس روين کي ترتيب ڏين ٿا.
انسان ڪھڙي دنيا مان اچي ٿو؟ دنيا جي سڀني مذهبن جا ان باري ۾ مختلف عقيدا آهن. جڏهن تہ سائنس ان ڳجهہ کي اڃا تائين پرکي ناهي سگهي. هڪ دوست مرڻ کان مھينو اڳي خواب ڏٺو تہ هر طرف عجيب ڪوهيڙو ڦھليل آهي. زمين کان آسمان تائين کيس ڏاڪڻ نظر آئي. ان ڏاڪڻ جا اڃا ڪجهہ ڏاڪا ئي مس طئي ڪيائين تہ سندس اک کلي وئي. صبح جو پاڻ ان خواب جو ذڪر مڙس سان ڪيائين تہ هن مذاق ۾ کيس چيو تہ ”تنھنجو وقت دنيا ۾ ختم ٿيڻ وارو آهي.“ اها ڳالھہ ڪندي ۽ مڙس جي مذاق بابت سڀني کي ٻڌائيندي، سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. ان وقت هوءَ بيمار نہ هئي. پر جلد ئي کيس دل جي بيماري جي خبر پئي. ائين هوءَ مھيني کن ۾ خالق حقيقي سان وڃي ملي.
هوءَ مھينو اڳي پري ڊيٿ سنڊروم جي عمل مان گذرڻ لڳي هئي. اها فقط طبعي ڪيفيت نہ آهي، پر ان موقعي تي، انسان لاشعور سان رابطي ۾ اچي ٿو وڃي. لاشعور، جيڪو ادراڪي ڪيفيت جو مرڪز آهي. ماورائي سوچ، خيال، وجدان ۽ روحانيت لاشعوري وارتا آهي. اها ڪيفيت، ڏٺل کان اڻ ڏٺل دنياتائين شعور جي منتقلي چورائي ٿي. اسان حال ۾ شعوري حالت ۾ موجود آهيون. ائين اسان جا تجربا ۽ مشاهدا، لاشعور ۾ غير محسوس انداز ۾ منتقل ٿيندا رهن ٿا.
ذهن جو هڪ حصو مشاهدي کي محسوس ڪري ٻئي حصي يعني لاشعور ۾ منتقل ڪري ٿو. اهو هڪ غير محسوس عمل آهي. پر غيرمحسوس رويا، مشاهدا ۽ وارتائون جڏهن ظھور پذير ٿين ٿيون تہ اسان فقط طبعي حقيقتن ۽ مشاهدن کي محسوس ڪرڻ جي اهليت رکون ٿا. جڏهن تہ غير محسوس رويا، مشاهدا ۽ واقعا فقط ان وقت پرکي سگهجن ٿا، جڏهن اسان شعور ۽ لاشعور سان هڪ ئي وقت ۾ رابطي ۾ هجون. ٻين لفظن ۾ انساني احساس ۾ وسعت ۽ سمجهہ مٿانھين درجي تي هجي. جيڪو اتم وجود (Higher Self) آهي. اهڙي ڪيفيت ۾ انسان جسم کان مٿانھون ٿي سوچي ٿو ۽ ٻيھر پنھنجين جڙن سان تعلق ۾ اچي ٿو. اهي جڙون هڪ اڻ ڏٺل دنيا ۾ کتل آهن، جيڪا احساساتي روشني ۽ يقين جي ٿنڀن تي بيٺل آهي.
ڪافي ماڻھن کي موت کان اڳي، پنھنجا ويجها مائٽ نظر اچڻ شروع ٿيندا آهن. يا ننڊاکڙي ڪيفيت ۾ هو ڪيترن عزيزن جا نالا وٺندا آهن. ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ سندن لاشعور جي وهڪري گهري اٿل کاڌي هجي. سندن احساس ۾ هڪ ڇڪ پيدا ٿي پوندي آهي. بيشڪ موت هڪ عام حقيقت آهي، پر جنھن تي گذري، ان لاءِ وڏو سانحو هوندي آهي. هو جنھن دنيا، منظرن ۽ رشتن سان احساساتي طور تي مڪمل طور تي ڳنڍيل هوندو آهي، انھيءَ تند جو ٽٽڻ هڪ احساساتي ڇڪ آهي. اهو ئي سبب آهي تہ موت واقع ٿيڻ کان ڪجهہ سال اڳ ئي ماڻھو ماضيءَ ۾ هليا ويندا آهن. يا وري ننڍپڻ جي دور ۾ وڃي پھچندا آهن. مان پنھنجي اُن سھيليءَ جي ماءُ کي، جڏهن سندس بيماريءَ دوران پڇڻ ويس تہ سندس بيڊ جي سائيڊ ٽيبل تي اهي شيون رکيون هيون، جيڪي هوءَ ننڍپڻ ۾ شوق سان کائيندي هئي. هن جي ڪيفيت ۽ حرڪتون عجيب و غريب هيون. اوچتو ويٺي ويٺي ڪجهہ ڳولڻ لڳندي هئي تہ ڪڏهن وهاڻو کڻي ان کي جانچڻ لڳندي هئي.
مون کي اُتي ائين محسوس ٿي رهيو هئو، ڄڻ هوءَ گذريل وقت ۾ وڃايل واقعا ڳولھي رهي هجي. ڪڏهن پنھنجي زندگيءَ جا گذريل مختلف واقعا ٻڌائيندي هئي. سندس دماغ ۾ ساروڻين جو ڄڻ ڪو ٽيپ رڪارڊ وڄندو هو. بنا تسلسل جي بي ربط ڳالھيون ورجائيندي هئي. ڪڏهن ننڍپڻ تہ ڪڏهن جواني جا واقعا، پر حال جي ڳالھہ گهٽ ڪندي هئي. اهڙن تجربن مان گذرندڙ ماڻھن جي ذهن مان حال غائب يا غير موجود ٿي ويندو آهي. ”ماضيءَ جي پچار“ (Nostalgia) ۾ مبتلا، انھن ڪيفيتن مان وڌيڪ گذرندا آهن.
انساني دماغ رڳو طبعي طور تي هلندڙ مڪينزم نہ آهي. بلڪہ اهو معجزاتي تخليق آهي، جنھن ۾ سموري ڪائنات سمويل آهي، جنھن اندر پورو ماضي سھيڙيل آهي. هر خوشي، هر ڏک ۽ حادثو دماغ ۾ ساھہ کڻندو رهي ٿو. اهو حال ۾ ڪھڙيءَ ريت ظاهر ٿئي ٿو، زندگيءَ کي ڪيئن متاثر ڪري ٿو يا روين جو ڪھڙي نموني تعين ڪري ٿو. ان امر کان هر ماڻھو واقف نہ آهي.
اها حقيقت آهي تہ انساني روين جي پٺيان ماضي لڪل رهي ٿو. اُهو ماضي جيڪو لاشعور (Subconscious mind) ۾ جذب ٿيل آهي. ماضيءَ جا تجربا، مشاهدا جھڙيءَ ريت حال تي اثر انداز ٿين ٿا. اهي واقعا هڪ مرندڙ ماڻھوءَ جي ذهن تي پڻ هڪ فلم جيان اڀرن ٿا ۽ سندس ذهن جي اسڪرين تان منظر اڀرندا ۽ غائب ٿيندا رهندا.
جيڪڏهن انسان کي خبر پئجي وڃي تہ هو سڀاڻي نہ رهندو يا ايندڙ هفتي يا مھيني اندر دنيا ڇڏي ويندو تہ انسان جي اکين تي خوش گماني ۽ غلط فھمي جو پردو پيل آهي سو کڄي ويندو. جيئن بلائنڊ ڊاٽ اکين ۾ هوندي بہ محسوس نہ ٿو ٿئي، بلڪل ائين موت اسان جي رڳن ۾ ساھہ کڻندي بہ اسان زندگيءَ جي دائمي هجڻ جي مغالطي ۾ مبتلا رهون ٿا. جيڪڏهن اسان موت کي سمجهڻ شروع ڪيون تہ سمجهہ جي ان منزل کانپوءِ زندگيءَ جو هر لمحو اهم، معتبر ۽ عزيز ٿي ويندو. اسان پئسي جي پٺيان ڀڄڻ ڇڏي ڏينداسين. رشتن جي ويساھہ ۾ زندگي جي هر خوشي محسوس ٿيڻ لڳندي ۽ اُها خوشي دائمي هوندي.