توھم پرستيءَ جو مضبوط حصار
مشرق هجي يا مغرب ماڻھو بديءَ جي قوتن، برن اثرن ۽ غير مرئي طاقتن تي يقين رکن ٿا. پر جتي ماڻھو عملي طور تي وڌيڪ سجاڳ آهن، اتي ذات جي خود اعتمادي ۽ يقين انھن سمورن وهمن ۽ وسوسن تي حاوي ٿي وڃن ٿا.
سنڌ ۾ اڄ بہ ڪيترائي ماڻھو موجود آهن، جن تي جنن جو اثر ٻڌايو وڃي ٿو. انھن ۾ نوجوان ڇوڪرين ۽ عورتن جو وڏو تعداد شامل آهي. عورتن ۾ نفسياتي بيماريون شيزوفرينيا ۽ هسٽيريا عام آهن. خاص طور تي شيزوفرينيا جا مريض خيالي فريب (Hallucination) ۾ مبتلا هوندا آهن. جنھن ۾ مريض کي عجب شڪليون نظر اينديون آهن ۽ غير حقيقي خيال ايندا آهن. اهي مريض پنھنجو پاڻ سان ڳالھائيندا آهن. شڪي مزاج هوندا آهن. کين محسوس ٿيندو آهي تہ ڪو ماڻھو يا سڄي دنيا سندن خلاف سازش ڪرڻ ۾ مصروف آهي. کين ڪنن ۾ آواز پڻ اچن ٿا.
انھن سمورين ڪيفيتن کي ماورائي واقعن سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. جڏهن تہ اهي نفسياتي بيماريون آهن، جن جو علاج ممڪن آهي. زمين کان آسمان تائين هن ڪائنات جي هر شيءِ مثبت يا منفي اثر رکي ٿي. قبرستان ۾ ويران ۽ ڀوائتو ماحول ٿئي ٿو. جڏهن تہ باغ سونھن ۽ فطري توانائيءَ جو محور هوندا آهن.
جيڪڏهن ڪنڊن جي تصور کي ذهن ۾ آڻبو تہ ڪنڊا محسوس ٿيندا ۽ جيڪڏهن گلاب جي باري ۾ سوچبو تہ رنگ، خوشبو ۽ نزاڪت سان احساس واسجي ويندو. فطرت ۾ موجود فطري توانائي، جا منفي ۽ مثبت وهڪرا پڻ انسان جي سوچ ۽ مزاج تي اثرانداز ٿين ٿا. ڪڏهن تہ انسان پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪندو آهي تہ ڪڏهن سندس حالت خراب ٿيڻ لڳندي آهي. ان جو تعلق بہ گهڻو ڪري ماحول، موسمياتي تبديلين ۽ جاگرافيائي حالتن سان آهي.
Dr. Patrick جي مطابق، جڏهن ڪنھن جڳھہ تي تمام گهڻو ذهني ۽ جذباتي دٻاءُ محسوس ٿئي يا انساني جانن جو زيان ٿئي تہ ان زمين تي منفي اثر موجود هوندو آهي، جيڪو صحت ۽ مزاجن تي اثر رکي ٿو، جنھن جو مثال جنگ جا ميدان آهن. ذهني ۽ جذباتي هيجان هڪ ڄميل، بيچين ۽ لاتعلق قوت کي حاوي رکي ٿو.
سنڌ جي هر مزار تي حالتن جا ستايل ماڻھو نظر اچن ٿا. سجاول کان ڪجهہ ميلن جي فاصلي تي شاھہ يقيق جي مزار آهي. ڪجهہ عرصو اڳ ان مزار تي وڃڻ جو اتفاق ٿيو. هڪ نوجوان ڇوڪري، جنھن جا پير اگهاڙا هئا ۽ سندس ڊگها وار هوا ۾ اُڏامي رهيا هئا، ان مزار جي چوڌاري ورانڊي ۾ چڪر ڪاٽي رهي هئي. هڪ عجيب تڙپ سندس آواز جي پڙلاءَ ۾ محسوس ٿي رهي هئي. سندس تيز ساهن ۾ هو... هو.... هو جو ورجاءُ ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. اکين ۾ ٽانڊا ٿي ٻريس. چھري تي وحشت جا آثار نمايان هئس ۽ مسلسل ڊوڙي رهي هئي. انھن ساحلي علائقن جون هوائون ايتريون تيز آهن جو لڳندو آهي تہ ڄڻ گنھگار روح ماتم ڪري رهيا هجن. ان وقت عجيب پراسراريت محسوس ٿي رهي هئي. ان ڇوڪريءَ کي گهر وارا جن ڪڍرائڻ لاءِ وٺي آيا هئا.
اتي ٻيا بہ ڪيترائي پيرسن ماڻھو هئا، جن ٻڌايو تہ کين اولاد يا ڪن کي مٽ مائٽ هتي ڇڏي ويا آهن ۽ وري موٽي حال نہ پڇيو اٿن. انڪري اڪثر انھن مزارن تي ’اولڊ هومز‘ جو گمان ٿيندو آهي. هونئن بہ سنڌ جي ٻھراڙين ۾ پيرسن ماڻھن لاءِ اولڊ هومز جو ڪو تصور ئي نہ ٿو ملي. نہ يتيم ۽ لاوارثن لاءِ ڪي سٺا ادارا وجود رکن ٿا. ياد آهي تہ ننڍپڻ ۾ اسان جڏهن سيوهڻ ۾ رهندا هئاسين تہ امان اڪثر قلندر جي مزار تي وٺي ويندي هئي. سنڌ جي مختلف مزارن تي بہ ساڻس وڃڻ جو اتفاق ٿيو.
مون مزارن جي ڪلچر کي ويجهو کان ڏٺو آهي. فقيرن جي صوفي ڪلامن جي آلاپن ۾ سنڌ جي فضائن کي وجد جي ڪيفيت ۾ رقص ڪندي محسوس ڪيو آهي. مزارون رڳو گلن، اگربتين جي سرهاڻ ۽ دعائن جو مرڪز نہ آهن. بلڪہ اهي مزارون سماجي هلچل ۽ رابطن جو محرڪ پڻ آهن. انھن تي ٿيندڙ ميلا ملاکڙا، ادبي ڪچھريون، صوفي فقيرن جو ڪلام ۽ لوڪ ورثي جو ورجاءُ ٿيندو رهي ٿو.
هونئن بہ چيو وڃي ٿو تہ عبادت گاهون مثبت قوت سان مالا مال ٿين ٿيون. ڇو تہ اتي ماڻھن جي ميڙ جي طاقت موجود رهي ٿي. پر ماڻھن جو اهو عقيدو تہ کين سک ۽ خوشيون مزارن تان ملنديون؛ بيمارن کي شفا بہ اتان ئي ملندي تہ اھو تصور غلط آھي. شفا انسان جي اندر جي يقين جو نالو آھي. جڏهن تہ انھن ذھني و جسماني پيڙا ۾ مبتلا ماڻھن کي ترت طبي امداد جي ضرورت هوندي آهي.
سيوهڻ ۾ لعل شھباز قلندر جي مزار تي هر خميس تي ڌمال ٿيندي آهي. اتي ڪيف ۽ مستيءَ جو عجيب منظر ايندو. هڪ ئي ردم تي ڌمال وجهندڙ ماڻھو تڙپ، جستجو ۽ اندر جي اڌمن تي سرمستيءَ جي ڪيفيت ۾ جهومندا آهن. جنن ورتل ڇوڪريون ۽ عورتون اڪثر ڌمال هڻندي بيھوش ٿي وينديون آهن. عورتن جي هجوم ۾ هڪ ڳاڙهو وڳو پاتل ڪنوار نظر آئي. گهر جي عورتن جي ميڙ ۾ بي ستي ليٽي پئي هئي. ڇوڪري تمام گهڻي خوبصورت هئي. کيس دورو پئجي ويو هو. هڪ پيرسن گلاس ۾ پاڻي کيس پيارڻ لڳو ”هي ڪير آهي؟“ ڀرسان ويٺل عورت کان پڇيم.
چوڻ لڳي، ”اهو سندس مڙس آهي.“
اهو حالتن جو جن هن ڇوڪري کي ماري وجهندو!
اهو سوچي خاموشي سان ان ڪنوار کي ڏسڻ لڳس، جنھن جي اکين ۾ جستجو هئي. تڏهن محسوس ٿيو، ڄڻ جن جو لفظ ڏکن جو استعارو هجي.
هڪ تمثيل هجي هجر جي،
منتشر خوابن جي ڄڻ ڪا تشريح هجي. جڏهن رشتا هڪٻئي کي سمجهي نٿا سگهن، سک بدران عذاب ورهائڻ لڳن تہ اهي ڏک، جنن جو روپ ڌاري وٺندا آهن. عورت لفظ کان کين خوف ايندو آهي. اهو لفظ سندن جسمن کي زخمن سان ڀري ڇڏيندو آهي. سندن اکين ۾ خوف ليئا پائيندو آهي. ڪو جرم نہ ڪرڻ جي باوجود پاڻ کي ڪمتر سمجهڻ تي مجبور ٿي وينديون آهن. پوءِ جڏهن مرد جي آواز ۾ ڳالھائينديون آهن تہ هر ڪو سندن خيال رکي ٿو. هو ڄاڻي واڻي اهو ورتاءُ نہ ٿيون ڪن. پر لاشعور کانئن اهو عمل ڪرائي ٿو.
بيماريءَ جي شروعاتي ڏينھن ۾ جڏهن انھن عورتن کي جن جو سايو هئڻ جي خبر پوي ٿي تہ سندن ذهن هڪدم ان ڳالھہ جو اثر قبول ڪري وٺي ٿو. هنن جي پنھنجي مشاهدي ۾، جنن ورتل ماڻھن جو تصور، رويو، گفتگو جو طريقو محفوظ آهي. پوءِ هو لاشعوري طور تي اهي رويا اختيار ڪري وٺن ٿيون. اڪثر نظر انداز ٿيل ٻار توڙي وڏا مستقل بيمار رهندا آهن. هو گهر وارن جي توجھہ حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن.
هسٽيريا ۽ شيزوفرينيا جي شروعاتي ڏينھن ۾ مريضن جو هڪدم علاج ڪرايو وڃي تہ بيماريءَ جو خاتمو ڪنھن حد تائين ممڪن آهي. ڪجهہ عرصو اڳ جي ڳالھہ آهي تہ مون هڪ اهڙو معاملو ڏٺو، جنھن لاءِ گهر وارن جو خيال هو تہ کيس جن جو اثر آهي. ان ڇوڪريءَ کي تيز بخار بہ رهندو هو. گڏوگڏ عجيب و غريب شڪليون نظر اينديون هيس. اسان سندس گهر وارن کي مشڪل سان سمجهائي کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايو. پوءِ ڊاڪٽر ٻڌايو تہ سندس ڪرنگهي ۾ پاڻي ڀرجي ويو هو، جنھن کي Cerrebro Spinal Fluid چوندا آهن. ان بيماريءَ ۾ بہ مريض کي هيليوسينيشن ٿيندي آهي. يعني هو عجيب و غريب شڪليون ڏسندا آهن، جنھن کي ماورائيت سان منسوب ڪيو ويندو آهي.
ڊاڪٽرن جو خيال هو تہ اها رات ڇوڪريءَ جي زندگيءَ جي آخري رات ثابت ٿئي ها، جيڪڏهن کيس اسپتال نہ آندو وڃي ها! ڪجهہ طبي حالتن ۾ بہ مريض جي اهڙي ڪيفيت ٿي وڃي ٿي، جنھن جون ڪڙيون توھم پرستيءَ سان ملايون وڃن ٿيون. اهو ئي سبب آهي تہ اڪثر بروقت علاج نہ ٿيڻ سبب اهي ذهني ۽ جسماني بيمار ماڻھو اجل جو شڪار ٿي ويندا آهن.