وقت جو پنجون ڏاڪو
ٿيوري آف ريليٽوِٽي مطابق اسپيس يا خال دنيا جي ڊهڻ بعد وجود ۾ آيو. سڄو مادو ٻيھر هڪ ننڍڙي نڪتي ۾ بدلجي ويندو، جنھن بعد وقت جي تصور جي پڄاڻي آهي. آئنسٽائن ماضي، حال ۽ مستقبل کي پُرفريب خيال سڏي ٿو. سندس خيال ھو تہ روشني زمين تائين پھچڻ ۾ اٺ منٽ لڳائي ٿي، سج اٺ منٽ ۽ ويھہ سيڪنڊ پراڻو آهي. اسان اهو منظر ماضي ۾ ڏسون ٿا.
وقت جي تاريخ پراسرار ۽ لامحدود آهي. وقت ماضي، حال ۽ مستقبل تي مشتمل آھي، جيئن ڪجهہ ماڻھو ماضي تہ ڪي حال يا مستقبل ۾ رهندا آهن. ماضيءَ ۽ مستقبل ۾ رهڻ وارن جون عادتون ۽ رويا مختلف ٿين ٿا. ساڳيءَ ريت حال ۾ رهندڙن جي سوچ ۽ ورتاءُ پڻ الڳ آھن. وقت، عمر، ڪيفيت ۽ حالتن جو رخ طئي ڪري ٿو. سمجهو تہ وقت جي انساني ذهن کان ٻاهر ڪابہ اهميت نہ آهي. ذهني ڪيفيت مطابق، وقت سست ۽ تيز رفتار ٿي سگهي ٿو. جيئن جسم جي درجي حرارت ۾ اضافي سان وقت جي رفتار سست محسوس ٿيندي. وقت جي ھر پھر دوران جسم جو ڪيميائي عمل بہ مختلف ھوندو آھي.
جڳ مشھور سائنسدان آئنسٽائن، وقت جي مختلف پيمانن (Dimensions) جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي انسان جي طبعي، ذهني ۽ روحاني پھلوئن جي نمائندگي ڪن ٿا. وقت جي سمجهہ سان شعوري ارتقا جو سفر بہ شروع ٿيو. ايڊنبرگ، اسڪاٽلينڊ جي باغن جي سپرنٽنڊنٽ جان مڪ هيٽي (John McHattie) اوڻھين عيسوي صديءَ ڌاري، گهڙي ساز جيمز رچي (James Ritchie) جي سھائتا سان ”فلورل ڪلاڪ“ (Floral Clock) ايجاد ڪيو. ان طرز جو گهڙيال اڳ بہ موجود هو، پر هي جديد ۽ مڪمل فعال گهڙيال هو، جنھن ۾ گلن جي ٽڙڻ جي مختلف اوقات وسيلي وقت جو ڪاٿو لڳايو ويندو هو. ان کانپوءِ جلد ئي پوري دنيا ۾ اهي گهڙيال باغن ۾ لڳايا ويا.
برقي مقناطيسي قوت ۽ ڪائناتي لھرون کوجنا جي ان سفر ۾ اهميت رکن ٿيون. ان لحاظ کان انسان هجي يا نباتات، سندن اندريون جسماني گهڙيال (نظام) چوويھن ڪلاڪن سان رابطي ۾ رهي ٿو. وقت جو ڦيرو، قدرتي طور تي انساني ذهن سان لاڳاپي ۾ رھندو اچي.
ساڳيءَ ريت پکين جي هجرت، ميلاپ ۽ آکيرن جوڙڻ جو ڏانءُ بہ موسم آهر طئي ٿيل آهي. موسمن جو انساني مزاج تي اثر پوڻ ڪري، جسم تي مختلف ڪيميائي رد عمل ظاهر ٿين ٿا، جيڪي طبعي ۽ نفسياتي حوالن سان ذهني و جسماني ڪارڪردگي جو رخ ترتيب ڏين ٿا. انڪري انسان کي نہ فقط وقت کي سمجهڻ گهرجي، پر وقت جي ڪانٽن سان گڏ هلڻ جو ڏانءُ پڻ سکڻ گهرجي.
ڊائمينشن لفظ ماپ طور لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. جھڙوڪ: ڊيگهہ، ويڪر ۽ گهرائي وغيرہ، اهو زندگيءَ جو طريقي ڪار پڻ آهي، جنھن ۾ فطري خاصيتون، واڌ ويجهہ، لاڙا ۽ ذهني وسعتون اچي وڃن ٿيون.پھريون يا ٻيو ڊائمينشن زندگيءَ جي بنيادي مرحلن سان تعلق رکي ٿو، جنھن ۾ خوراڪ، نسلي واڌ ۽ بقا وغيرہ شامل آهن، پر وقت جا اهي شروعاتي ٻئي رخ، محدود ۽ سطحي آهن، جنھن جي ڪري محدود سوچ يا سطحي قسم جي ماڻھن کي ون ڊائمنشنل (1D)يا ٽو ڊائمنشنل (2D) سڏيو وڃي ٿو، جيڪي ذاتي تجزيي يا سمجهہ جي صلاحيت کان محروم، رڳو کاڌي، آسائشن۽ ضرورتن تائين محدود رهندا آهن.
وقت جا اهي مختلف وهڪرا مستقل انساني سوچ، سمجهہ، مشاهدي ۽ کوجنا جو رخ ترتيب ڏيندا رهن ٿا. ٽيون ڊائمينشن (موجودہ دور) وجود، ڪائنات ۽ زندگيءَ جي سمجهہ جو وسيع دائرو آهي. اهو انسان تي منحصر آهي تہ هو ساعتن جي سمجهہ بنا زندگي گذاري يا وقت سان گڏ ھلي، جيئڻ کي ڪا معنيٰ عطا ڪري، ڇو تہ جنھن دور ۾ انسان موجود آهي، ان جي سمجهہ سندس فن ۽ فڪر تي گهرا اثر ڇڏي ٿي. دورجي مشاهدي کانسواءِ فڪري اوسر ممڪن نہ آهي. پنھنجي سڃاڻپ کانپوءِ جيون ۽ سنسار کي سمجهڻ ڪو ڏکيو ڪم نہ آهي.
چوٿون درجو (Fourth Dimension) هڪ طلسماتي دنيا آهي، جنھن ۾ داخل ٿي، انسان وجود کان مٿانھون ٿي سوچي ٿو. اها خيال جي وحدت آهي، جيڪا انسان کي زمان ۽ مڪان جي حدبندين کان آجو ڪري ٿي ڇڏي. هر دريافت پٺيان اُتم شعوري ڪيفيتون ملن ٿيون. اها تخليق جي الھامي ڪيفيت مختلف شعبن ۾ نظر اچي ٿي. مثال ”ٿيوري آف رليٽوٽي“ کي آئنسٽائن پنھنجي خواب وسيلي دريافت ڪيو هو. ان خواب ۾ هو ۽ سندس دوست برف جي پھاڙيءَ تان ترڪي ۽ ٻيھر چڙهي رهيا هئا. هو جيئن ترڪندو تيزيءَ سان هيٺ آيو تہ کيس ائين لڳو ڄڻ تہ هن لاءِ روشنيءَ جي رفتار کي ڇھڻ ممڪن ٿي پيو آھي. مٿي ستارن ڏانھن ڏٺائين تہ انڊلٺ ورنا رنگ نظر آيس. هو لکي ٿو تہ: ”هن جي سموري زندگي ان خواب جي سحر ۾ گذري. جيترو خواب جي باري ۾ سوچيندو هو، اوترو ان نظريي جون رمزون سمجهہ ۾ اينديون وينديون هيس. هڪ لحاظ کان خواب بہ زمان ومڪان جي حد بندين کان آجا آهن.
ساڳيءَ ريت شعوري سگهہ جي وسعت کي بيان ڪندي، ماهر نفسيات ڪارل يونگ چوي ٿو تہ ”خواب حال جي واقعن جي پيداوار آهن، پر انھن ۾ مستقبل جي اڳڪٿيءَ جو ڳُجهہ لڪل هوندو آهي.“ ٻين لفظن ۾ لاشعور، انسان جي مختلف طريقن سان رهنمائي ڪري ٿو، جنھن مطابق انساني خيال پنھنجي حقيقت پاڻ ٿو تخليق ڪري.
اسان وقت جي پنجين ڏاڪي کي ان وقت سمجهي سگهنداسين، جڏهن اسان وقت جي پھرئين، ٻئين ۽ ٽئين ڪاٿي کي پوري طرح سمجهي وٺنداسين. اسان وقت جي ٽئين ڊائمنيشن ۾ موجود آهيون، جنھن ۾ اسان کي وجود، ماحول ۽ فطرت جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. زميني حقيقتن سان ويجهڙائپ جو مرحلو طئي ڪرڻ، شعوري اُڏام جو پھريون ڏاڪو آهي. پنجون ڊائمنيشن سوچ جي وحدت جو محور آهي. جنھن مطابق Law of one، Quantum Unified Field يا Theory of Everything کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. حقيقت ۾ فزڪس فيلڊ قوت جي زير اثر اها جاءِ آهي، جنھن ۾ ڪشش ثقل يا برقي مقناطيسي لھرون وغيرہ اچي وڃن ٿيون. ٿيوريڪٽيڪل فزڪس جي ماهرMichio Kaku چواڻي تہ: ”اسان ان نظريي تحت ڪنھن حد تائين خالق ڪائنات جي ذهن کي پڙهي سگهون ٿا.“
ڏٺو وڃي تہ جيمز ڪلرڪ ميڪس ويل ارڙهين صديءَ ڌاري، برقي مقناطيس جي حوالي سان پھرين ”فيلڊ ٿيوري“ متعارف ڪرائي هئي، جنھن کانپوءِ آئنسٽائن جي جنرل ”ٿيوري آف رليٽوٽي“ سامھون آئي. يونيفائڊ فيلڊ ٿيوري آئنسٽائن جي پڻ ڏنل آهي، جنھن مطابق برقي مقناطيسي قوت ۽ ڪشش ثقل هڪ هوندي بہ اظھار جون مختلف ڏسائون رکن ٿا. ان موضوع تي ڪم ڪندڙ مشھور رياضي دان ۽ سائنسدان Edward Witten جو String Theory، Quantum Gravity ۾ وڏو ڪم ٿيل آھي. ان نظريي تي ڊاڪٽر عبدالسلام پڻ بھترين نتيجا حاصل ڪيا. سوچ جي وحدت تي ٻڌل اهو نظريو ادب ۾ بہ نظر اچي ٿو.
چاهي وليم ورڊز ورٿ جو پينٿئزم (وحدت الوجود) جو نظريو هجي، جنھن مطابق ڪائنات ۾ خالق جو عڪس نظر اچي ٿو. يا وليم بليڪ جو مسٽسزم هجي، جنھن ۾ ھو واريءَ جي ذري ۾ پوري ڪائنات جي جهلڪ پسي ٿو ۽ آسمان کيس جهنگلي گل سمان ڀاسي ٿو. هو لامحدوديت کي مٺ ۾ جهلي سگهي ٿو ۽ دائميت هن لاءِ لمحي جو کيل آهي. شاھہ سائين بہ ساڳي ڳالھہ ڪري ٿو:
وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي مَ ڀُلُ
هُو هَلاچو هُلَ، باﷲ سندو سڄڻين.
جڏهن اسان وقت جي پنجين ڊائمنيشن ۾ داخل ٿيون ٿا تہ باطن جي اک متحرڪ ٿي وڃي ٿي. يوگي، صوفي ۽ وجداني تخليقڪار وقت جي ان حصي ۾ رهندا آهن. مثال ٽئين ڊائمنيشن ۾ رهندڙ ماڻھو ڪمري ۾ ويٺو آهي تہ هو فقط ڪمري تائين محدود رهندي اھي منظر ڏسي سگهي ٿو، پر پنجين رخ ۾ رھندڙ ذهن، ڪمري ۾ رهندي بہ پوري ڪائنات سان احساساتي طور تي ڳنڍيل رهي ٿو.
وقت جي ان حصي ۾ رهندڙ، انسانيت سان غير مشروط محبت ڪندا آهن. اهي سڀني منفي روين کان مٿڀرا آهن. ھنن لاءِ محبت هڪ طاقت آهي، جيڪا ڪائنات جي توانائيءَ سان رابطي ۾ رهي ٿي. محبت، مثبت توانائي جو وهڪرو آهي، جنھن جو ذڪر ڪوائنٽم فزڪس (Vibrational Force) لھرن جي طاقت جي صورت ۾ ڪري ٿي. محبت، ڪشش ثقل يا برقي مقناطيسي لھرن وانگر پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿي. ماڻھو جيڪڏهن محبت کان پري آهي تہ هو زندگيءَ جي سچ کان بہ پري آهي.
محبت، سوچ جي وسعت آهي. اها ذهن کي تصور جا لامحدود پرَ عطا ڪري ٿي.
محبت جو دائرو وسيع آهي، جيڪو پوري ڪائنات جو نيوڪليس آهي. پر انسان ان محبت کي طلب ۽ شرطن جي پيماني ۾ قيد ڪري ٿو ڇڏي. محبتي، ساڃاھہ وند ماڻھو پنھنجي ذات ۾ خالص ۽ دائم آهي، سندس احساس ۾ دائميت پيدا ٿئي ٿي. فاني فقط جسم آهي. جڏهن تہ احساس، زمان و مڪان کان مٿانھون آهي. انسان ۾ فنا ۽ بقا جو عنصر ساڳئي وقت موجود رهي ٿو.
موجودہ وقت، جنھن ۾ اسان جيون گهاريون پيا، اسان جو ڪل سرمايو آهي. چاهي ان کي ضايع ڪيون يا هر لمحي مان ڪجهہ نہ ڪجهہ پرائيندا رهون. پنجين ڊائمينشن ۾ رهندڙ ماڻھو، ماضي ۽ مستقبل جي سمجهہ کڻي مڪمل طور تي حال جي لمحن ۾ جيئي ٿو، جنھن جي ڪري هو فطرت، ڪائناتي اصولن ۽ توانائي جي ويجهو آھي. ذهني سڪون ۽ يڪسوئي، وقت کي تابع بنائي ٿي. وقت، انساني ذهن جي ڪيفيتن جھڙوڪ، سڪون ۽ انتشار جي ڪيفيتن مطابق گذري ٿو. ان موڙ تي وقت جي واڳ جيڏانھن چاهي ورائي سگهجي ٿي.
حقيقت اها آهي تہ چوٿين يا پنجين ڊائمنيشنن تي ڪيترن جديد علمن جو بنياد رکيل آهي، جن ۾ مائنڊ پاور سائنس پڻ شامل آهي. جنھن جون مختلف شاخون: ريڪي، هپناٽزم، ميڊيٽيشن، سائيڪو ڪنيسز، پري ريڪگنيشن وغيرہ آهن. پيراسائيڪولوجي پڻ ڪوائنٽم فزڪس مان لاڀ حاصل ڪيو آهي.
جديد علمن ۾ Chronokinesis هڪ اهڙو طريقي ڪار آهي، جنھن کي سکي وقت کي پنھنجي تابع بنائي سگهجي ٿو. ڪرونو جو مطلب وقت ۽ ڪنينسر مان مراد چرپر آهي، جنھن مطابق زمان ۽ مڪان کان بالاتر ٿي، وقت تي حڪمراني ڪري سگهجي ٿي. اها احساساتي سگهہ آهي، جيڪا وقت کي فتح ڪري سگهي ٿي. اسپيس ٽائيم (خلا جي وقت) سان هلڻ کي ٽيلي پورٽيشن يا ٽائيم ٽريول سڏجي ٿو، جيڪا صلاحيت تصوراتي سگهہ ۽ مابعد الطبعيات سان تعلق رکي ٿي. مثال انسان ڪمري ۾ رهندي بہ احساساتي طور تي سڄي ڪائنات سان رابطي ۾ رهي سگهي ٿو. هو تصور ۾ خلا ۾ اڏامي سگهي ٿو، جهنگن، بيابانن ۽ دريائن جو سير ڪري سگهي ٿو. انسان جن سان محبت ڪري ٿو، اهي کانئس تمام گهڻو پري ڇو نہ رهندا هجن، پر هو فاصلن جي قيد کان آزاد ٿي، ساڻن ذهني رابطي ۾ رهي سگهي ٿو.
حال جي لمحن سان هلندڙ ذهن، وقت تي عبور رکي ٿو. وقت جي ساڃھہ، گهڙي ڏسڻ بنان وقت جو صحيح اندازو ۽ ذهني سمجهہ مطابق ڪم ختم ڪرڻ جي صلاحيت سان زندگيءَ جا ڪم سھيڙڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. بي چين ۽ منتشر ذهن اها رمز نہ ٿو سمجهي سگهي، نہ ان طريقي ڪار تي عمل ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ذهن پرسڪون ۽ فعال آهي تہ هو وقت جي هر لمحي کان گهڻو ڪجهہ پرائي ٿو. ڪرونو ڪنيسس ۾ سکيا ۽ مشقن وسيلي وقت تي عبور حاصل ڪرڻ جو ڏانءُ سيکاريو ويندو آهي. جيئن گهڙيال جي آواز کي ڪجهہ دير غور سان ٻڌڻ ۽ يڪسوئي وڌائڻ جون مشقون وغيرہ.
اڄ ايشيا ۽ سائوٿ ايشيا جون قومون وقت سان گڏ هلڻ جو ڏانءُ سکي ويون آهن. جتي ماڻھو رات جو جلد سمھڻ ۽ صبح جو جلدي اٿڻ سبب سڄو ڏينھن فعال رهن ٿا، پر اسان وقت جي گهرج جي ابتڙ وڃي رهيا آهيون. اهو ئي سبب آهي تہ سماجي زندگي موڳي، بيزار، بيمار، بي حس، ناراض ۽ منفي روين جو شڪار ٿي چڪي آهي. جيڪا فطري قانون جي ڀڃڪڙي جي سزا آهي.
جيڪي سماج ماضي ۾ رهن ٿا، انھن ۾ نفرت، حسد، جارحيت ۽ منفي روين جو رجحان وڌيڪ ملي ٿو. ماضي ۾ رهندڙ قومون جديد علمن ۽ وقتائتي سوچ کان پري رهنديون آهن.