تاريخ، فلسفو ۽ سياست

خود شناسيءَ جو جوھر

محترمہ شبنم گل نھايت سنجيدہ ۽ مثبت سوچيندڙ ليکڪا آهي. ھن ڪتاب ۾ فڪري ۽ سماجي نفسيات جي مختلف رخن تي لکيل مضمون ۽ لکڻيون شامل آھن. مجموعي طور هن ڪتاب جو هڪ بھتر تاثر آهي، جنھن جو لب لباب اهو آهي تہ انسان فطرت کان پري ٿي، فطرت کي تباهہ ڪري، پنھنجي زندگي لاءِ ڪيترا ئي خطرا پيدا ڪري ورتا آهن. هن ڪتاب جا مضمون نفسيات جا اهم موضوع آهن، جيڪي عام زندگيءَ جا عام موضوع آهن، پر انھن جي پنھنجي اهميت آهي، جن کي اسان گهڻو ڪري اهميت نہ ڏيندا آهيون.

  • 4.5/5.0
  • 52
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خود شناسيءَ جو جوھر

لاشعور جي قوَتَ

علم کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو. هڪ عقل ۽ ٻيو شعور جو علم. پھرئين حصي ۾ سائنس ۽ فلسفو اچي وڃن ٿا. جڏهن تہ ٻيو حصو تصوف ۽ آرٽ تي مشتمل آهي.
ذهن جي طاقت کي سمجهڻ لاءِ شعور ۽ تحت الشعور کي سمجهڻو پوندو. شعور کي ظاهري ۽ لاشعور کي باطني فعل سڏيو وڃي ٿو. زندگيءَ جي مشاهدن ۽ تجربن کي شعوري طور محسوس ڪندا آهيون، پر شعوري ڄاڻ کي سھيڙي ۽ سانڍي نہ ٿو سگهجي. جڏهن تہ لاشعور جو ڪم شعور جي مقابلي ۾ وسيع آهي. سموري ڄاڻ کي استعمال ڪرڻ سان گڏ ان کي محفوظ بہ ڪري ٿو. تحت الشعور جو ڪم سمورن مشاهدن، تجربن ۽ معلومات کي ذهن ۾ سانڍي رکڻ آهي. يادگيريون شعور کان لاشعور ۾ محفوظ ٿيڻ بعد جڏهن ڪجهہ وقت تائين استعمال نٿيون ٿين تہ تحت الشعور جو حصو بنجي وڃن ٿيون. مثال ننڍپڻ جا واقعا اسان جي شعور ۾ محفوظ هجن ٿا. انھن جي نوعيت منفي ۽ ڏکوئيندڙ آهي تہ اهي احساس محروميءَ جو روپ ڌاري سڄي زندگي روين مان ظاهر ٿيندا رهن ٿا. شعوري سطح تي ٿيندڙ سٺا يا خراب مشاهدا ۽ تجربا، لاشعور ۾ محفوظ ٿين ٿا. لاشعور ئي انساني روين، مزاج ۽ عادتن جو تعين ڪري ٿو.
انسان جو ٻاهرين دنيا سان رابطو حواس خمسہ جي ذريعي جڙي ٿو، جنھن جي فعاليت ۽ سمجهہ بھتر ذهني ڪارڪردگيءَ جي طور تي ظاهر ٿيندي آهي. شعور (Consciousness) جا ڪجهہ اهم جزا هن ريت آهن:
داخليت (Subjectivity)
خودشناسي (Self -awareness)
حساسيت (Senstience)
دانائي (Sapienco)
ادراڪ (Perception)
اهي سمورا جزا عقل ۽ ڏاهپ جي واڌ ويجهہ ۾ مصروف رهن ٿا.
ڏٺو وڃي تہ داخليت ۾ ذاتي احساس، جذبا ۽ رويا ۽ رايا شامل ٿين ٿا. جڏهن تہ خودشناسي ذات جي سمجهہ ۽ مڪمل ڄاڻ آهي. 1977ع ڌاري ٻن نفسياتي ماهرن شيلي ۽ رابرٽ ذاتي آگهي جو نظريو متعارف ڪرايو هو، جنھن مطابق ”جڏهن اسان ذات تي توجھہ مرڪوز ڪيون ٿا تہ ان جو مطلب آھي تہ اسان پنھنجن روين جو تجزيو ڪيون ٿا ۽ انھن جي پنھنجي ذاتي معيار ۽ قدرن سان ڀيٽ ڪريون ٿا. اسان ذاتي طور تي پنھنجن عملن کان آگاھہ ٿيون ٿا ۽ اسان خارجي سطح تي پنھنجو تجزيو پڻ ڪريون ٿا.“
اهڙيءَ ريت حساسيت بہ ڄاڻ جي گھرائي ۽ داخلي روين جو نچوڙ ٿئي ٿي، جنھن ۾ گھرائي سان ذاتي ماحول جو مشاهدو ملي ٿو.
دانائي بہ ذهانت ۽ ڏاهپ جو مجموعو آهي. دانائيءَ جو اهم جزو آگاهي (Perception) آهي، جنھن ۾ حواس خمسہ وسيلي شين کي سمجهيو ۽ بيان ڪيو وڃي ٿو. پرسيپشن لاطيني لفظ آهي، جنھن وسيلي حسياتي ڄاڻ کي ذھن ۾ محفوظ ڪرڻ سان ان جي نشاندھي پڻ ڪئي وڃي ٿي. ٻين لفظن ۾ محسوسات وسيلي وجود ۽ ماحول جي ڄاڻ حاصل ڪبي آهي. عقل ۽ شعور جي ان علم وسيلي مشاهدي ۾ گھرائي ۽ تجربي ۾ وسعت حاصل ٿئي ٿي.
جيئن تہ مٿي بہ ذڪر ٿي چڪو آهي تہ علم جو ٻيو حصو تصوف ۽ فن سان لاڳاپيل آهي. هن طريقہ ڪار ۾ شعوري وارتا جا سمورا جزا شامل آهن، جيڪي صوفي يا ڪنھن تخليقڪار کي خيال جي لامحدود دنيا سان جوڙي ڇڏين ٿا.
فن جا داخلي ۽ خارجي ٻئي حوالا آهن. ائين نہ ٿو چئي سگهجي تہ داخليت ٻاهرين دنيا کان اتساھہ نہ ورتو هوندو يا خارجيت من جي وارتائن کان اتساھہ نہ ورتو هوندو. يا خارجيت ۾ ڪٿي بہ داخلي سمجهہ يا خيال جو تحرڪ شامل نہ ٿيو هوندو. داخليت اندر جي وارتا آهي، جيڪا باطني دريافت يا احساساتي ڪيفيت تي ٻڌل هوندي آهي. جڏهن تہ خارجيت، حقيقت پسندي، منطق ۽ تجزيي سان واسطي جو نالو آهي. فن ۽ فڪر جا اهي ٻئي پھلو هڪٻئي سان ڪنھن حد تائين لاڳاپو رکندي بہ پنھنجن نتيجن ۾ مختلف ڌارائون آهن. ٻنھي جا نقطہ نظر الڳ ۽ متضاد آهن.
لاشعور، داخليت پسندي، وجدان ۽ انفراديت جو ميڙ آهي. مشاهدو يا تجربو، هر ماڻھوءَ جو ٻئي جي نقطہ نظر کان مختلف ٿي سگهي ٿو. انڪري نظرياتي اختلاف جنم وٺن ٿا. ٻہ ماڻھو جن جو مشاهدو ساڳيو هوندو يا هڪ جھڙن تجربن جي عمل مان گذرن ٿا، هڪٻئي سان متفق ٿي سگهن ٿا. مثال ڪي ماڻھو ماورائي شين تي يقين رکن ٿا. جڏهن تہ اڪثريت ماورائيت کي ذهني بيماري جو فتور قرار ڏئي ٿي. تخليقي علم ۾ ٽي جزا ٿين ٿا:
تصورات (Imagination)
وجدان (Intuition)
خواب (Dreams)
ان جي وضاحت ائين ممڪن آهي تہ تصورات جي دنيا انتھائي وسيع آهي، تصور، زمان ۽ مڪان جي حدبندين کان آزاد ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ جو تصور جي ڪا سرحد نہ هوندي آهي. خيال تيزيءَ سان سفر ڪندي لمحي ۾ دنيا جو احاطو ڪري سگهي ٿو. روشنيءَ جي رفتار کان بہ تيز اُڏام ڀريندڙ اهو خيال اڻ ڏٺل دنيائن جو کوج لڳائي سگهي ٿو. پر اهو خيال ۽ تصور جي گهرائي ۽ سگهہ تي منحصر هوندو آهي. تصورات، تخليق جو سرچشمو آهن، جيڪي سوچ وسيلي عمل جو بنياد وجهن ٿا. ڪو بہ ڪم ڪرڻ کان اڳي ماڻھوءَ جي ذهن ۾ ان ڪم ڪرڻ جو خيال اچي ٿو. مثال: ماڻھو چانھن پيئڻ جو اول سوچي ٿو. ان بعد عمل وسيلي ان خيال کي حقيقت ۾ بدلائيندي ممڪن بڻائي ٿو. جيئن ڪو ٻار ننڍپڻ ۾ ڊاڪٽر ٿيڻ جو ارادو ڪري تہ کيس سمورو ذهني رجحان، رويا ۽ لاڙا ان پاسي ڪرڻا پون ٿا. ان ئي حساب سان هو وقت جي منصوبا بندي ڪري ٿو ۽ نيون سرگرميون ترڪ ڪندي، هو پنھنجي خواب جي ساڀيان پائڻ لاءِ ڏينھن رات جاکوڙ ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو.
ٻئي طرف وجدان يا وجداني ڪيفيت ان ڄاڻ جو نالو آهي، جنھن جو ڪو ثبوت يا جواز ڪونھي. اها انوکي ڄاڻ بنا ڪنھن مشاهدي يا سبب جي حاصل ٿئي ٿي. ان وارتا کي باطن جي ٽين اک يا باطن جو آواز بہ چئي سگهجي ٿو. اهو اندر جو آلاپ هر انسان جي من ۾ موجود رهي ٿو، جيڪو کيس حالتن ۽ واقعن جي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. هر غلط فيصلي يا عملن تي آواز اٿاري ٿو. انسان جي حالتن جي صحيح رخ تي راهنمائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اها ڪيفيت انگلينڊ جي مشھور ڊراما نگار مارلو جي ڊاڪٽر فاسٽس ۾ واضح طور تي محسوس ڪري سگهجي ٿي. انگريزي ڊرامي نويس ڪرسٽوفر مارلو جو ڪردار ڊاڪٽر فاسٽس، جادوئي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ جڏهن بدي جي قوت سان معاهدو ڪري ٿو تہ ان وقت منظرنامي تي ٻہ فرشتا ظاهر ٿين ٿا، جن ۾ هڪ نيڪيءَ جو فرشتو آهي ۽ ٻيو بديءَ جو. ان معاهدي جي خاتمي تي ڊاڪٽر فاسٽس کي دائمي طور تي جھنم رسيد ٿيڻو پوندو. ان لمحي نيڪي جو فرشتو کيس باطني آواز جيان اهو معاهدو رد ڪرڻ لاءِ زور ڀري ٿو جڏهن تہ بديءَ جو فرشتو کيس ورغلائي ٿو تہ کيس ان معاهدي جي موٽ ۾ عيش و عشرت جي زندگي ملندي. ڊاڪٽر فاسٽس لاشعور کي ماٺ ڪرائي، بديءَ جي فرشتي (شعور) سان سمجهوتو ڪري ٿو ڇڏي. ڇو تہ هر غلط فيصلو يا برائي شعوري طور تي سرزد ٿيندي آهي. جڏهن تہ ان جا مخفي سبب لاشعور ۾ موجود هوندا آهن.
شعوري طور تي ٿيندڙ هر عمل جي پٺيان ڪونہ ڪو لاشعوري محرڪ ڪارفرما هوندو آهي، جنھن کي ذات جي سمجهہ حاصل ڪرڻ کانسواءِ پرکڻ ناممڪن آهي. وجدان جو مرڪز ضروري ناهي تہ روحاني طاقت يا مذهبي لاڙا هجن. اهو ذهن جو حسياتي طور تي فعال رويو آهي. ذهني طور تي شفاف ۽ سگهاري ماڻھوءَ وٽ وجداني قوت موجود رهي ٿي. وجدان جو براھہ راست واسطو يڪسوئيءَ سان آهي. يڪسوئي نہ هئڻ جي صورت ۾ وجداني ڪيفيت جو طاري ٿيڻ ناممڪن آهي. يڪسوئي، غور ۽ فڪر يا مراقبي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. عبادت بہ ڌيان ۽ گيان حاصل ڪرڻ جو وسيلو سمجهي ويندي آهي.
ساڳيءَ ريت خواب بہ وجداني ڪيفيت جو حصو آهن. خواب، باطني آواز جيان اڳواٽ ايندڙ وقت يا موجودہ حالتن بابت لاشعوري طور تي ڄاڻ ڏين ٿا. سرئيلزم، انھن خوابن سان رابطي جو اظھار آهي. مصور ڊالي خوابن جي وارتا کي فن وسيلي مھارت سان چٽيو آهي. ساڳيءَ ريت انگريزيءَ جي شاعر وليم بليڪ جون ٺاهيل تصويرون توڙي شاعري سريئلزم جي نشاندهي ڪن ٿيون. هن جون اڪثر تصويرون سندس روحاني خوابن جو اظھار هيون. هو ننڍپڻ کان خواب ڏسندو هو، جيڪي سندس فن ۾ الھامي ڪيفيت طور ظاهر ٿيا. ولين ۽ صوفين جي زندگين ۾ بہ خوابن جا مختلف سلسلا ملن ٿا. کين خوابن وسيلي الھام ٿيندا هئا. انڪري خواب بہ وجداني سوچ جو اهم حصو آهن.
ادب ۾ لاشعوري تخليقن جو تذڪرو 1680ع کان 1880ع تائين نظر اچي ٿو، جنھن ذريعي پنجاھہ کن اديبن لاشعوري وارتائن جو پنھنجين لکڻين ۾ تذڪرو ڪيو آهي.
جڳ مشھور نفسياتي ماهر سگمنڊ فرائڊ ۽ ٻين فلسفين؛ لبنيز (Leibniz)، ڪانٽ (Kant)، هربرٽ (Herbert)، ونٽ (Wundt)، هيملٽن (Hamilton)، ماڊسلي (Maudsley)، ٿيوڊور لپس (Theodor Lipps) وغيرہ لاشعور جي اڻ ڏٺل دنيا کي تحريرن وسيلي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
فرائڊ يوناني المين تي مبني ڊرامن ۽ خاص طور تي شيڪسپئر جي ناٽڪن ۾ لاشعور جي حڪمراني ڳولي لڌي. انگريزي جي شاعرن جي شاعري حسايت ۽ وجداني احساس سان مالا مال آهي. انگريزي جي شاعر ڪولرج چواڻي تہ تخليق جو سرچشمو لاشعور آهي. ڪابہ سنجيدہ ۽ اُتم تحرير لاشعوري وارتا ٿي سگهي ٿي.
وليم ورڊز ورٿ چواڻي تہ تخليق بہ مشاهدي، جذب ۽ ٻيھر جنم جي مرحلي مان گذري ٿي. مشاهدي وقت شاعر ان موضوع کي پنھنجي ذهن ۾ جذب ڪري سھيڙي رکي ٿو ۽ مناسب وقت تي ان کي مختلف مرحلن مان گذاريندي، ڪنھن ميوي جيان پچائي راس ڪري ٿو. مشاهدي کان خيال جي ٻيھر جنم وٺڻ تائين اهو مستقل تخليقي مرحلو آهي، جنھن ۾ شاعر شعوري حالت ۾ لاشعور سان رابطو جوڙي ٿو. ٻين لفظن ۾ شعوري ۽ لاشعوري سگهہ جي فعاليت مان اثرائتي تخليق جنم وٺي ٿي.
اهو ئي سبب آهي تہ صوفي، سڪون، شڪر گذاري، عفو درگذر ۽ برداشت جي پرچار ڪندا رهيا آهن، جيئن ماڻھن جي ذهن جو اندريون مڪالمو مثبت طور تي جڙي سگهي. ماڻھو جي پاڻ سان گفتگو يا خودڪلامي، لاشعور ۾ پختي ٿيندي رهي ٿي. ڪابہ سوچ جيڪڏهن بار بار ذهن ۾ ورجائي وڃي تہ اها لاشعور ۾ پختي ٿي جذباتي طور تي سخت هاڃيڪار ثابت ٿيندي آهي ۽ هڪ ڏينھن لاشعور ٻرندڙ جبل جيان اٿلي چوڌاري انساني قدرن کي رک ڪريو ڇڏي.
هر نفسياتي بيماري گهڻي سوچ (Overthinking) جو رد عمل ٿئي ٿي. هر حساس ماڻھو، پاڻ سان ٿيندڙ غلط روين، زيادتين ۽ حادثن کي آسانيءَ سان نٿو وساري سگهي، جنھن جي ڪري هر تڪليف ڏيندڙ ياد ورجائي پنھنجي پاڻ کي اذيت پھچائي ٿو.
ڪي بہ ڏکوئيندڙ واقعا يا نامناسب رويا جيئن سامھون اچن تہ انھن کي مڪمل طور تي محسوس ڪري ذهن مان تڙي ڦٽو ڪجي. ٻي صورت ۾ لاشعوري طور تي روين مان واضح ٿيندا رهندا. لاشعور ۾ سھيڙيل تلخيون، روين جي تلخين طور ظاهر ٿينديون آهن. بنيادي طور تي ماڻھو تڪليف ڏيندڙ ڳالھين، روين يا حادثن کان فرار حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي. جيئن تڪليف ڏيندڙ ڪيفيت کان بچي سگهي. اهو فرار ڪو نشو يا غير سماجي عمل بہ ٿي سگهي ٿو. ائين ذهني ڀوڳنا جو تدارڪ ممڪن نٿو ٿي سگهي. هر ذهني پيڙا کي حقيقت جي تناظر ۾ ڏسڻ ضروري ٿيو پوي. پر بنيادي طور تي ماڻھو تڪليف کان ڀڄي ٿو. هر ماڻھو ذهني يا شخصي طور تي پختو نٿو ٿئي، جنھن ڪري منفي سوچ کي ذهن ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو ملي وڃي ٿو. ڪوبہ اڻ وڻندڙ خيال ذهن ۾ اچي ۽ ان کي بار بار روڪڻ جي ڪوشش ڪجي تہ اها ڪوشش ئي ان خيال کي پختو بڻائي ٿي. جيڪڏهن ماڻھو خوف ۾ ويڙهيل آهي يا کيس اونداهيءَ کان ڀو محسوس ٿئي ٿو تہ ان جو واحد حل اهو آهي تہ کيس اونداهيءَ جي حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو. اوندھہ هڪ علامت آهي اڻ ڏٺل خوف، موت ۽ لاشعوري مونجهارن جي. پر ساڳئي وقت اوندھہ سڪون، آرام ۽ سانت جو مجموعو پڻ آهي. پر انسان فقط هر معاملي جو هڪ پاسو ٿو ڏسي.
اهو ئي سبب آهي تہ ذاتي تجزيي جي صلاحيت ۽ لاشعور جي ٻرندڙ ڀنڀٽ کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ اڄ دنيا ۾ ڪيترائي علم موجود آهن، جن ۾ ريڪي، هپنو ٿراپي ۽ آٽو سجيشن وغيرہ شامل آهن. خود تلقيني (Autosuggession) بہ هڪ موثر علاج آهي. هڪ نفسياتي ٽيڪنيڪ آهي، جنھن وسيلي ذهن ۾ مثبت مڪالمو بار بار دهرائي بھتر نتيجو حاصل ڪيو ويندو آهي. ماڻھوءَ جي خودڪلامي، منفي ۽ مثبت رجحان تي مشتمل آهي، منفي سوچ نقصانڪار جڏهن تہ مثبت خيال زندگيءَ ۾ بھتريءَ جو ذريعو بنجن ٿا. خود تلقيني، مثبت خودڪلاميءَ جو انداز آهي، جنھن ۾ ماڻھو پاڻ کي بھتريءَ جي تلقين ڪري ٿو.