ٻار جي موثر تربيت
انساني شخصيت جي اوسر ۾ گهر، تعليمي ادارن ۽ ماحول جو عمل دخل ٿئي ٿو. گهر، ٻار جي پھرين درسگاھہ آهي. ٻار ماءُ جي آواز، تاثرات يا جسماني حرڪت وسيلي سکيا حاصل ڪري ٿو. محبت، تعين، توجھہ ۽ مثبت رويا اشارن جي خاموش زبان (Nonverbal Language) طور ٻار سکي ٿو، ڇو تہ احساس جي ڪا زبان نٿي ٿئي. اھا جنھن ۾ چھري جا تاثرات، جسماني حرڪت، اکين جو رابطو، جسماني ساخت، لھجو ۽ آواز جو گهٽ وڌ هجڻ وغيرہ شامل آهي. انھن تاثرات يا روين وسيلي ٻار جو Limbic Brain جنھن کي Emotional Brain بہ چيو وڃي ٿو، جي واڌ ويجهہ ٿئي ٿي. ٻار زندگي کي ماءُ جي اظھار وسيلي سمجهي ٿو. هڪ سال تائين ٻار ان خاموش زبان وسيلي گهڻو ڪجهہ سکي ٿو. ساڳي زبان ۾ اظھار جو جواب پڻ ڏيئي ٿو. جيئن مرڪ جو جواب مرڪ وسيلي يا ٽھڪن جو ردعمل ٽھڪن جي صورت ۾ ڏيکاري ٿو. ٻار جي سامھون ماءُ روئيندي تہ ٻار بہ روئڻھارڪو ٿي ويندو. اھي مثبت يا منفي تاثرات بہ ٻار جي ذهني صحت ۽ لاڙن جو تعين ڪن ٿا. جيڪڏهن ماءُ ناخوش آهي ۽ هوءَ پنھنجون ڪيفيتون لڪائي ٿي، ان جي باوجود بہ ٻار احساساتي طور تي اهي ڪيفيتون محسوس ڪندو رهي ٿو. اهڙي ريت ٽن سالن ۾ ٻار جي شخصيت جڙي راس ٿئي ٿي.
اهي شروعاتي ٽئي سال ٻار جي پالنا جي حوالي سان انتھائي اهم آهن. ماءُ ۽ پيءُ ٻنھي کي سوچڻ گهرجي تہ هو پنھنجي نسلن جي احساس جي نگهباني پيا ڪن يا کين ذهني ڀوڳنا جي اوڙاھہ ۾ پيا اڇلين. اهي ٻار اڳتي هلي نہ ڄاڻ تہ ڪيتريون انساني زندگيون تباھہ ڪندا! اها ڳالھہ ڪير نہ ٿو سوچي.
ٻارن يا نوجوانن تي پنھنجي سوچ مڙهڻ، کين پسند جا مضمون کڻڻ جو اختيار کسڻ يا بار بار اخلاقيات جا ليڪچر ڏيڻ اجايا آهن. اهي عمل جي طاقت سان تبديل ٿي سگهن ٿا، نہ ڪي لفظن سان. اهي ٻٽا رويا کين ميجر ڊپريشن ڏانھن ڌڪي ڇڏين ٿا. پر جيڪڏهن اهڙي ڏکئي موڙ تي کين سٺا استاد ۽ دوست ملي ويندا آهن تہ هو وڏي تباهيءَ کان بچي سگهن ٿا. ان صورتحال ۾ تعيلمي درسگاهون اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، پر جيڪڏهن ٻار يا نوجوان، تعليمي درسگاهن ۾ جسماني ۽ اخلاقي طور تي محفوظ نہ هجن تہ پوءِ سماج بدترين روين جو پاڳل خانو بڻجي ويندا آهن.
سمورا تڪليف ڏيندڙ رويا جھڙوڪ اناپرستي، نفرت، ڏاڍ، غرور، اڻ سھپ ۽ حسد ٻالڪپڻي جي برن تجربن جو ردعمل ٿين ٿا. والدين جي پالنا جو برو اثر، نسل درنسل ٻارن ۾ منتقل ٿيندو رهي ٿو. پوءِ ايندڙ نسل پُرسڪون حالتن ۽ سٺي پرورش باوجود بہ موروثي طور تي منتقل ٿيندڙ منفي روين جي اثر هيٺ رهندو. اڄ بہ هن سماج ۾ ڪيترا ماڻھو اهڙا آهن، جن کي ٻالڪپڻي ۾ والدين جي جهيڙن جهٽن ۽ تڪليف ڏيندڙ روين جو تجربو ٿيو هوندو. اهي ماڻھو اڄ بہ سماج کان ڪٽيل اندر جا قيدي آهن. انھن جا نسل پڻ موروثي زهر وگهي، انسانيت لاءِ عذاب بڻيل آهن. ماڻھو جيڪڏهن وقت تي پنھنجو پاڻ نہ ٿو سنڀالي يا پنھنجي روين جي چاڙھہ کي قابو نہ ٿو ڪري تہ اهو ڇڙوڇڙ سوچ ۽ ناڪامين جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
ڏٺو وڃي تہ سماج مائرن کي تربيت جي حوالي سان ناقص قرار ڏيئي ٿو، پر نفسياتي ماهرن مطابق گهر جي وڏي جي صورت، پيءُ تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي. هونئن بہ پيئتي سماج ۾ مرد، حاڪميت جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. سندس ويجهڙائي ٻار ۾ عملي سوچ، خود اعتمادي ۽ حڪمت عملي جوڙڻ جھڙا گڻ پيدا ڪري ٿي. ان ڪري جيڪڏهن ٻارن جي تربيت ۾ پيءُ جو برابر جو حصو نہ آهي تہ ٻارن ۾ ذات جي خوداعتمادي پيدا ٿي نہ سگهندي.
معاشري ۾ ۾ ٻارن جي ذميواري گهڻي ڀاڱي عورتن تي وڌي وئي آهي. پر اها حقيقت آهي تہ هڪ ذهني ۽ جسماني طور تي مضبوط ماءُ، ٻار جي بھترين تربيت ڪري ٿي. اها ماءُ، جنھن کي صنفي اڻ برابري جو عذاب نہ ٿو ڀوڳڻو پوي. جيڪا پنھنجن فيصلن ۾ خودمختيار هجي ۽ کيس گهر وارن جو مڪمل تعاون حاصل رهي ٿو، اهي مائرون معاشري کي اخلاقي طور تي مضبوط انسان ڏين ٿيون.
هن وقت جڏهن گهر جو ادارو منتشر آهي. گڏيل ڪٽنب جو نظام ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ رابطن جو اتساھہ اڻ لڀ آهي، اتي تعليمي درسگاهن کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. تعليمي ماھر مطابق تہ: ”اذيت پسندي وارا رويا 80 سيڪڙو ٻار، گهر مان ٿو سکي. ٻار درد جو سامان، گهرن مان تعليمي ادارن ۾ کڻي اچن ٿا ۽ ان بوجهہ کي گهٽائڻ لاءِ کين ڪا جاءِ نہ ٿي ملي.“ ان ڪري تعليمي ادارن ۽ استادن کي ان مسئلي جو حل ڪڍڻو پوندو. شاگردن سان جارحيت تي ٻڌل روين جو خاتمو ٿيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
انساني زندگيءَ لاءِ تڪليف ۽ پريشاني اڻٽر آهن. انسان جڏهن ڪم جي دٻاءَ، سماجي اڻوندڙ روين يا حالات جي ڪري ذهني ڀوڳنا جو شڪار ٿئي ٿو تہ حالتن جي ان موڙ تي تعميري سرگرميون يا مطالعو سندس رهنمائي ڪن ٿا. دنيا جي تاريخ ۾ اهڙن ماڻھن جا ڪيترا مثال ملن ٿا، جن ۾ ٻالڪپڻي جا تڪليف ڏيندڙ مشاهدا شامل آهن. پر اڄ اهي ماڻھو دنيا جون مشھور شخصيتون آهن، جن ۾ اوپرا ونفري، آئنسٽائن، جم ڪيري، بينجمن فريڪلن، ٿامس ايڊيسن ۽ ٻيا شامل آهن. اسان وٽ ٻار جي ناڪاميءَ جي حقيقت قبول نہ ٿي ڪئي وڃي. ٻار يا وڏا ڪنھن ذهني مونجهاري ۾ ڦاسي پون ٿا تہ سندن مذاق اڏائي کين بري انجام ڏانھن ڌڪيو وڃي ٿو.
اهڙي صورتحال ۾ صحيح ڄاڻ، انسان جي راهنمائي ڪري ٿي. پوءِ چاهي رهبر هجن يا ڪتاب، اهي منجهيل ۽ ويڳاڻي سوچ تي شفا عطا ڪري سگهن ٿا. اڄ ڳوٺن ۽ شھرن جا ڪتب خانا ايترا سرگرم نہ رهيا آهن، جيترا انٽرنيٽ ڪيفي دلچسپي جو مرڪز بڻيل آهن. اڻ وڻندڙ رجحان اسان جي اجازت سان سماجي عادتن جو حصو بڻجن ٿا، جنھن جو خاتمو بہ اسان ئي ڪري سگهون ٿا. اسان تعميري سرگرمين ڏانھن ٻارن/ نوجوانن کي مائل ڪري گهڻو ڪجهہ بدلائي سگهون ٿا.