ذهني انتشار کي ڪيئن مُنھن ڏجي؟
دنيا هڪ عجيب مرحلي ڏانھن وڌي رهي آهي. هڪ ئي وقت ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، جنھن ۾ اندروني خانہ جنگي، نسلي ۽ مذهبي جهيڙا ۽ جنگيون وغيرہ شامل آهن. انسان پاڻ کي هن ڌرتيءَ جي گولي تي غير محفوظ سمجهڻ لڳو آهي. دنيا جي گلوبل وليج بڻجي وڃڻ سبب حادثن بابت خبرون پوري دنيا ۾ تيزيءَ سان ڦھلجي وڃن ٿيون، جنھن جي ڪري خوف ۽ هراس وڌي ٿو. موجودہ حالتن ۾ اسان کي فرد جي ذهني ڪيفيتن کي سمجهڻو پوندو. بين الاقوامي طور تي ٿيندڙ واقعا بہ انفرادي طور تي خوف ۽ هراس پيدا ڪن ٿا.
اها حقيقت آهي تہ خوف، ذهني عارضن کي بنياد فراهم ڪري ٿو. خوف (Phobia)، بيجا وهم ۽ وسوسن کي هٿي ڏيئي ٿو. خوف جا مختلف قسم ۽ حوالا آهن، جن کي سمجهڻو پوي ٿو، خوف بہ بي يقيني ۽ عدم تحفظ جي پيداوار ٿئي ٿو. هڪ محفوط گهر ۾ ويٺل ماڻھو جيڪڏهن خوف جو شڪار آهي تہ اها ڪيفيت سندس وهم ۽ وسوسن جي پيداوار ٿئي ٿي. يا محض ذهني آسائش. پر گهر کان ٻاهر، رات جي اونداهي يا خطرن کي منھن ڏيندڙ ماڻھو وڌيڪ حقيقت پسنديءَ سان ان صورتحال جو مقابلو ڪري ٿو. ڇاڪاڻ جو هن لاءِ خوف ڪو وهم ۽ ذهني ڪيفيت نہ آهي. بلڪہ هڪ کُلي حقيقت آهي. فرد کي جڏهن آسائشون، سھولت ۽ فرصت ملي ٿي تہ هو ذهني مونجهارن ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. بنسبت ان ماڻھوءَ جي، جيڪو ذميدار ۽ فعال آهي. ساڳيءَ ريت جديد دور ۾ اڪثر ذهني بيماريون محض فيشن بڻجي ويون آهن، جنھن ۾ ڊپريشن بہ شامل آهي. غربت ۽ بدحاليءَ جو شڪار ماڻھو، جيڪڏهن ڊپريشن جو شڪار ٿئي تہ ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي ٿي. پر خوشحال ماڻھن جو بيشمار نعمتون هئڻ جي باوجود بہ ان بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ سمجهہ کان ٻاهر آهي. مثال هنن وٽ ڏهن مان ست سُٺا موقعا آهن، پر ٽي فيصد ڪي ڪميون يا ناڪاميابيون بہ آهن، پوءِ هو ست فيصد سھولتن ۽ چڱاين تي شڪر ڇو نٿا ڪن؟ ٻئي پاسي هڪ ماڻھوءَ وٽ فقط ٽي فيصد سٺا موقعا آهن ۽ ست فيصد ڏک ڏاکڙا ۽ مسئلا آهن، پر هو ان جي باوجود بہ خوش ۽ مطمئن رهي ٿو.
جيڪڏهن اسان جي ماحول ۾ ماڻھو مثبت سوچ، پاڻ ڀرائي ۽ شڪر گذاريءَ جھڙيون وصفون پنھنجي اندر پيدا ئي نہ ڪندا تہ پوءِ سماجي نفسيات صحيح خطن تي ڪيئن اُسرندي؟
ان مان اها ڳالھہ واضح ٿي تہ ذهني بيمارين جا ڪارڻ ڪنھن حد تائين پالنا، فرد جي حساسيت ۽ ماحول ٿين ٿا. جيڪڏهن پرورش ۾ ڪا ڪوتاهي آهي، پر ٻار ذهني ۽ جسماني طور تي مضبوط آهي تہ هو پنھنجو دڳ پاڻ ڳولي لھي ٿو، جنھن ۾ استادن جا روشن خيال رويا ۽ رهنمائي پڻ شامل آهي. ٻئي پاسي جيڪڏهن پرورش سٺي آهي، پر ٻار حساسيت ۽ منفي سوچ جو شڪار آهي تہ پوءِ هن تي ٻاهرين ماحول جو وڌيڪ اثر ٿيندو. ٻار جو اسڪول ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ نفسياتي ٽيسٽ ٿيڻ گهرجي. موجودہ حالتن ۾ هر تعليمي اداري ۾ هڪ نفسياتي ماهر جو موجود هجڻ ضروري آهي. داخلا وقت انٽرويو ۾ بہ ان ماهر جي موجودگي ضروري آهي. ان موقعي تي ٻارن ۽ نوجوانن کان سوالناما ڀرايا وڃن، جن سان سندن ذهني مونجهارن ۽ مسئلن جي خبر پئجي سگهندي.
اڄ اسان هڪ سنگين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، جنھن ۾ اسان جا ٻار غلط هٿن ۾ هليا وڃن ٿا، جنھن جو سبب اهو آهي تہ والدين ۽ استاد سندن ذهني گهرجن کان اڻ واقف رهن ٿا. اڳتي تعليمي سال دوران پڻ انھن تعليمي ادارن ۾ سندن ڪائونسلنگ نفسياتي ماهرن کان ڪرائي وڃي. خاص طور تي هاسٽل ۾ رهندڙ ٻارن لاءِ نفسياتي صلاحڪار هئڻ گهرجن.
ٻارن ۽ نوجوانن ۾ اينگزائٽي ۽ ڊپريشن ماضيءَ جي مقابلي ۾ وڌيا آهن، جنھن جي ڪري هو سگريٽ نوشي يا مختلف نشو واپرائڻ تي مجبور آهن. اسان هڪ اهڙو تعليمي نظام جوڙيو آهي، جيڪو محض اعليٰ ڊگرين ۽ پئسي ٺاهڻ جون مشينون پيو تيار ڪري. ٻارن تي زوريءَ مضمون مڙهيا وڃن ٿا. ميڊيڪل ۽ انجينئرنگ جون ڊگريون اعليٰ سمجهيون وڃن ٿيون. اهي ڊگريون جيڪڏهن اهم ۽ فعال هجن ها تہ اڄ بيمارين جو تعداد ايتري تيزيءَ سان نہ وڌي ها. يا روڊ رستا، بجلي يا پاڻي جو نظام ايترو پوئتي پيل نہ هجي ها. اعليٰ ڊگري يافتہ ماڻھن جيڪا گهرن ۽ ملڪ جي حالت ڪئي آهي سا ڪنھن کان ڳجهي ڪانھي گهر ذهني مريضن سان ڀريا پيا آهن ۽ سماجي نفسيات جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي.
اڪثر ٻار اهليت جي بنياد تي نہ، پر اثر رسوخ ۽ سيلف فنانس تي اهي اعليٰ ڊگريون حاصل ڪري رهيا آهن. ڇو تہ اڄ جيتري تعليم تي سيڙپ ٿي آهي. ڪالھہ ان کان ڏهوڻو ڪمائيندا. انھن ڊگرين جي پٺيان انساني ۽ اخلاقي قدر زوال پذير آهن، پر توهان ڪڏهن سوچيو آهي تہ اڄ جو ٻار ڇو نہ ٿو پڙهي؟ ان جو واحد سبب سندس ڊپريشن جو شڪار هجڻ آهي. هو ڊپريشن جي ڪري مستقل اداسي، بي يقيني، منفي سوچن ۽ فيصلي ڪرڻ جي قوت کان محروم آهي.
ڊپريشن جو شڪار ٻار ڪڏهن بہ پڙهائيءَ ۾ دلچسپي نہ وٺندو. ٻئي پاسي اينگزائٽي ۾ ورتل ٻار آهن، جيڪي ننڊ جي ڪمي، ساھہ جي مونجهہ، دل جي دهڪي ۽ جسماني مشڪن جي ڇڪتاڻ جو شڪار آهن. اهي ٻار هڪ پاسي ميٽرڪ ڪن ٿا تہ ٻئي پاسي او ليولز جا امتحان بہ ڏين ٿا. گهرن ۽ تعليمي ادارن ۾ بيمار روين کي الڳ ڀوڳين ٿا. نجي تعليمي ادارن جي ڪارڪردگي گهٽ فعال آهي. سندن ڪم آهي انگريزي ۾ جديد تعليم ڏيڻ، نہ ڪي ٻارن کي انگريزي ڪلچر ۽ رهڻي ڪھڻي جو مداح بنائڻ. نجي ادارن ۾ پڙهندڙ ٻارن جي گفتگو، رهڻي ڪھڻي ۽ رويا ڇا غلام قومن جھڙا نہ آهن، جيڪي پنھنجي تاريخ، ثقافت، ٻولي ۽ ادب کان تہ پري آهن، پر ڌارين قومن جي ثقافتي ورثي کي وڌيڪ ويجهو آهن، پوءِ والدين جون رڙيون اجايون آهن. ڪاغذي گلن کان خوشبو جي توقع اجائي آهي. پوکيو ٿوهر ٿا زمين ۾ پوءِ گلاب تہ نہ اسرندا. جيڪا پوک پوکينداسين اها ئي لڻنداسين.
اسان جا ٻار ۽ نوجوان توڙي وڏا ذهني مونجهارن ۽ عارضن ۾ مبتلا آهن. مشھور ليکڪ اسٽيفن آر. ڪووي لکي ٿو تہ منھنجي پٽ ڪاليج ڇڏي ڏنو. سندس ذهني حالت خراب ٿي وئي، ميرا سيرا ڪپڙا پائي ڦرندو وتندو هو. ڏاڙهي ٺھرائڻ ڇڏي ڏنائين. ان جو حل اهو ڪڍيم تہ کيس سمجهائڻ بدران سندس حال تي ڇڏي ڏنم. تقريباً ڇھن مھينن بعد منھنجو پٽ پڙهائيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ۽ رواجي زندگي ڏانھن موٽي آيو.
ساڳيءَ ريت جڳ مشھور سائنسدان آئنسٽائن، ٿامس ايڊيسن، بل گيٽس، مارڪ زڪر برگ ۽ اسٽيو جابس بہ پڙهائي ڇڏي ڏني هئي، پر والدين ۽ دوستن جي تعاون سان مونجهاري جي ڪُنَ مان ٻاهر نڪري آيا. حقيقت تہ اها آهي تہ ٻارن يا ماڻھن کي منفي رويا اسان وٽ ضايع ڪري ٿا ڇڏين. جيستائين اسان ٻارن، نوجوانن يا وڏن کي ذهني آزادي نہ ڏينداسين، ذهني مونجهارا ۽ عارضا ساڳيا رهندا. هر ماڻھو کي ذات جي وٿي گهرجي، جتي هو پنھنجي مرضيءَ سان ساھہ کڻي ۽ جي سگهي.