سياري جي مند جو تخليقي سحر
سياري جي موسم ۾ فطرت غوروفڪر، ڏاهپ ۽ سمجهہ جو ڏانءُ ورهائي ٿي. خزان ۽ سياري جا ڏينھن واڌ ويجهہ جي ڳجهي عمل ۾ مصروف رهن ٿا. ان دوران زمين خواب ڏسي ٿي ۽ فطرت جي تخليقي منصوبا بندي دوران، زمين ۽ سمورا منظر ڊنل، ننڊاکڙا ۽ هراسيل لڳن ٿا. تخليق ۽ سرجڻ واري عمل کان اڳ اهي رويا فطري آهن.
تيز هوائون وڻن جا پن ۽ ٻج ڇاڻي زمين تي نڇاور ڪن ٿيون تہ زمين جي ڪُک مان زرخيزيءَ جو ٻج ڦُٽي ٿو. ڌرتي جي خوابن کي آسمان، بادلن جي تعبير عطا ڪري ٿو. بادلن کانسواءِ زمين اڌوري آهي. ڪائنات جي هر شيءِ تڪميل لاءِ ٻين ذريعن تي انحصار ڪري ٿي. فطرت جي وجود ۾ اتحاد ساوڪ، خوشحالي ۽ سونھن کي فروغ ڏئي ٿو.
جيڪو زمين جي حقيقت کي نہ ٿو سمجهي يا فطري قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو، اهو روح بنان هڪ بيمار جسم آهي. فطرت مڪمل ضابطہ حيات رکي ٿي، جتي هر شيءِ پنھنجي مدار ۾ ڦرندي، تور تڪ جي هنر کان آگاھہ آهي.
سياري دوران فطرت فن و فڪر کي اُتساهي ٿي. سيارو سنجيدہ، بامعنيٰ ۽ فڪر انگيز ماحول جي تشڪيل ڪري ٿو. مشرق و مغرب جي تخليقڪارن ان موقعي تي بامعنيٰ ۽ اُتم ويچار سرجيا آهن. سيءَ سبب ماڻھو گهرن اندر محدود ٿي باھہ جي چوڌاري مڙي ويھندا آهن. اهي مَچَ ڪچھريون سنڌ جي تھذيب جو اڻمٽ حصو آهن. انھن ڏينھن ۾ سگهڙن جي سوچ کي تحرڪ ملي ٿو. ميڙ ۽ ميڙاڪن جو ڪلچر اُسري ٿو. حقيقت ۾ باھہ جي قربت انسان کي جذباتي طور تي مستحڪم ڪري ٿي. زندگيءَ جي هن حيران ڪندڙ منظرنامي ۾ پنجن قوتن جون ڌارائون: ڌاتو، پاڻي، وڻ، باھہ ۽ زمين موجود آهن. قوت جا اهي پنج وهڪرا، هڪٻئي سان گھرو تعلق رکندي، جياپي جا اسباب ميسر ڪن ٿا. مشرق جون قديم تھذيبون فطرت جي تنظيم جي ويجهو رهيون آهن، ان ڪري ذهني، جسماني ۽ روحاني طور تي سگهاريون آهن.
ماڻھو جيترو فطرت کان پري هوندا، اوترائي سطحي نظر ايندا ۽ منجهن اوپرائپ اچي واھيرو ڪندي. سڃاڻپ زندگيءَ مان موڪلائي ويندي، ذهني خلش ۽ روح جي تانگهہ وڌنڌي. انھن پنجن قوتن جي وهڪرن ۾ آڳ، انساني جيوت جي واڌ ويجهہ ۽ توانائيءَ جو ڪارڻ آهي. جنھن جي ويجهو ڪم ڪرڻ وارا ماڻھو ذهني طور تي سگهارا ٿين ٿا. عورتن جي جذباتي طور تي مضبوط هجڻ جو هڪ سبب باورچي خاني ۾ ٻرندڙ باھہ بہ آهي. باھہ ذهني، جذباتي ۽ روحاني ڪارڪردگيءَ جو مضبوط اُهڃاڻ ليکي وڃي ٿي. زندگيءَ کي شعور جي سگهہ عطا ڪري ٿي، جنھن جي ڪري انسان زندگيءَ جي رمزن کي سمجهڻ شروع ڪري ٿو. باھہ اظھار جي سگهہ، احساس جي ورڇ ۽ ساڃاھہ جو اھڃاڻ ڄاتي وڃي ٿي.
دنيا جي گهڻن مذهبن جھڙوڪ هندوازم، ٻڌمت ۽ زرتشتن وٽ باھہ کي روحاني اهميت رهي آهي. ڪيتريون مذهبي رسمون باھہ ٻاري ادا ڪيون وڃن ٿيون. چيو وڃي ٿو تہ باھہ ماحول کي شفاف بڻائي بري چاڙھہ کي رفع دفع ڪري ٿي، باھہ کي انرجي ڪلينزر سڏيو وڃي ٿو. ذهني يڪسوئي ۽ طاقت لاءِ شمع بيني جي مشق ڪرائي ويندي آهي. اها مشق هپناٽزم سکندڙن لاءِ اهميت جي حامل آهي.
ٻھراڙين ۾ سرد راتين ۾ باھہ جو وڏو مچ ٻاري گهر ڀاتي چوڌاري مِڙي ويھندا آهن. ساڳيءَ ريت اوطاقن ۾ اها مچ ڪچھري شعر و شاعري، بيتن، ڳجهارتن، پرولين ۽ خيالن جي ڏي وٺ جو اهم مرڪز هوندي هئي. پر وقت گذرڻ سان گڏ اھي ميڙاڪا جهڪا پئجي ويا. سٺين روايتن کي جيارڻ لاءِ وڌي جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي. انھن مچ ڪچھرين لوڪ ڏاهپ ۽ لوڪ ادب کي جياريو آهي. خاص طور تي ڳجهارتون ۽ پروليون ذهن جي سٺي مشق آهن، جيڪي ذهني قوت ۽ سمجهہ کي وڌائين ٿيون. انھن ۾ ٻار جي بھتر ذهني تربيت ٿئي ٿي. ميڙن مان اُسرندڙ ماڻھو ڪردار جي حوالي سان سگهارو ٿئي ٿو.
سياري جي اُس بہ ذهني ۽ جسماني سگهہ لاءِ ڪرشماتي اثر رکي ٿي. اُس ۾ ويھي موسميون ۽ نارنگيون کائڻ جو پنھنجو الڳ مزو آهي. اُس جسم ۾ وٽامن ڊي جي پيداوار جو بھترين ذريعو آهي. سياري جو ميوو سٽريس فروٽ موسميون ۽ نارنگيون وٽامن سي جي تازگيءَ سان ڪيميائي تحرڪ پيدا ڪن ٿيون. ان کان علاوہ مڱيرا، سُڪو ميوو، چانھن ۽ ڪافي بہ سياري جي موسم جو مزو وڌائين ٿا.
مون کي ياد آهي تہ ڳوٺ ۾ سياري جي مند ۾ بُسري پچائي ويندي هئي. ڳڙ جي چانھن، ماکي،تاهري ۽ رٻ جو استعمال بہ ٿيندو هو. خاص طور تي تاهري ۾ ڳُڙ، سونف، ڦوٽي ۽ کارڪن جو استعمال گهڻو ٿئي ٿو. رٻ ۾ بہ ڳُڙ استعمال ٿئي ٿو. ڳڙ واپرائيندڙ ماڻھو صحتمند ۽ توانا رهن ٿا. جيڪو انساني مدافعتي نظام کي بھتر بنائڻ سان گڏ جسم کي مئگنيشم ۽ ڪئلشيم جي مناسب مقدار پڻ فراهم ڪري ٿو. ان مان جسم کي چاليھہ سيڪڙو آئرن پڻ ملي ٿو. ڳڙ، ڳڻتي (Anxiety) ۽ پريشاني (Depression) جھڙن ذهني مونجهارن ۾ جهڪائي آڻي ٿو. جيڪو سياري دوران ٿيندڙ عارضن لاءِ دوا طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ان کان علاوہ سرنھن جو ساڳ، لوڻڪ، پلي، پالڪ، جوئر ۽ چانورن جي ماني پڻ ان مند ۾ وڌيڪ استعمال ٿيندا آهن. اسان جا شھر انھن کاڌن جي اهميت ۽ افاديت کان محروم ٿي چڪا آھن.
جن علائقن ۾ برف پوي ٿي يا ٿڌ جو وڌيڪ اثر ڇانيل رهي ٿو، اُتي ماڻھن ۾ موسمي اثرن جي ڪري مزاج جون خرابيون وڌيڪ ٿين ٿيون. سج کان محروم انھن علائقن ۾ ڊپريشن جو علاج لائٽ ٿيراپي وسيلي ڪيو وڃي ٿو.
سيء جي موسم اڻ چيل اداسي ۾ ويڙهيل رهي ٿي. شامون ۽ راتيون ڄڻ ڪنھن سوچ ۾ گم، خاموش ۽ ويڳاڻيون لڳنديون آهن. سياري جا طويل ۽ خاموش لمحا تخليقي اثر رکندا آهن. تنھائيءَ ۾ انسان کي سوچ ويچار ۽ خودڪلامي جو موقعو ملي ٿو. اڪيلائي ۽ اداسي ۾ تعميري سگهہ لڪل آهي. ان دوران نوان خيال سرجن ٿا ۽ سوچ تصوراتي پکيءَ جيان تخليق جي آسمان کي ڇھڻ لاءِ اُڏام ڀري ٿي.
سرد موسم ايندي ئي يادن جون دريون ٻيهر ماضيءَ ڏانھن کُلي وڃن ٿيون، ڇو تہ سيارو ۽ يادگيريون گڏ وگڏ هلندا آهن. گهري سانت ۾ خيال ذهن جي ٽاريءَ تان ڇڻندي محسوس ٿيندا تہ ڪنھن مھل دل ننڊاکڙي اداسيء ۾ ويڙھجي ويندي. اڄ بہ ذهن ۾ ڳوٺ ڏانھن ويندڙ رستي جي سونھن هري ٿي. ان رستي ۾ ڪٿي ڪنول جا گل جرڪندا هئا. ڪٿي زمين، پاڻي ۽ ساوڪ جي مخصوص مھڪ ساهن کي اُجاريندي هئي. خوبصورت ۽ سفيد پکي، پاڻي ۽ ساوڪ تي لھندا هئا. انھن پکين جي اُڏام ۾ عجيب ڪشش هئي.
وڻن پٺيان لھندڙ سج، احساس سان لڪ لڪوٽي کيڏندو هو. سمورا منظر-رنگن ۾ ويڙهيل، گهرا، بامعنيٰ ۽ الھامي اثر ۾ ويڙهيل لڳندا هئا. ڳوٺ جي اڱڻ ۾ ٻرندڙ سج جي چوڌاري پنھنجائپ جي روشني هوندي هئي. اها پرھہ ڦُٽيءَ جي منظرن جي سونھن ڪٿي ٻئي هنڌ بہ نظر نہ آئي. اهي محبتون، ويڙها ۽ احساس جا ميڙ ۽ ميڙاڪا ساڳيا ناهن رهيا.
محسوس ڪرڻ جو ڏانءُ ساڳيو نہ هجي تہ منظر بہ بدلجي ويندا آهن. نہ ئي اُتي اُهي ماڻھو نظر اچن ٿا، جن جي ڪري احساس کي آٿت ملندي هئي. پر يادن ۾ حسين موسمن جو هر پل محفوظ آهي.
سياري جي ڏينھن سان انيڪ، اڻ وڻندڙ يادون بہ وابستہ آهن. انھن موسمن ۾ محترمہ بينظير ڀٽو جي شھادت جي غم پوري قوم کي نھوڙي ڇڏيو هو، جنھن جي ريٽي رت سان جمھوريت جو گلاب نسريو. قوم سندس ڏنل عظيم قرباني ڪڏهن بہ نہ وساريندي. هر سال آلين اکين ۽ عقيدت جي گلن جي ڀيٽا ڏيڻ پوري ملڪ مان قافلا سندس مزار تي پھچندا آهن.
اُهي اداس راتيون بہ ياد اچن ٿيون، جڏهن ڪوئيٽا واسي پيارن جا مڙھہ احتجاجاً سامھون رکي، عورتون ۽ ٻار سيءُ سان مقابلو ڪندا رهيا. گذاريل سال، سفاڪ لھرن ڪيترن گهرن جون خوشيون کسي ورتيون. 2014ع ۾ پشاور سانحي هر دل کي گهايل ڪري وڌو. ڪا اک اهڙي نہ آهي، جيڪا آلي نہ هجي. هن ملڪ جا حسين موسم اداسي، خوف ۽ بي يقينيءَ جي ڌنڌ ۾ وڃائجي ويا آهن.
برف پوندي ئي ڪرسمس جي رنگن ۽ رونقن سان گڏ سمورا پھاڙ برف جي اڇي چادر سان ڍڪجي وڃن ٿا. وڻن جون شاخون خالي آهن ۽ لمحا بي ثباتيءَ جي خلش ۾ ڪٿي گم آهن، پر تبديلي زندگيءَ جو اهم حصو ٿئي ٿي. نئون سال، نوان خواب کڻي وقت جي چانئٺ تي بيٺو آهي. ڪوبہ منظر دائمي نہ آهي. جيئن سج نڪرندو تہ برف رجڻ لڳندي ۽ برف جي ماڪ ڦڙن مان ڪر ورائي ٻيھر زندگيءَ جا رنگ جرڪي اٿندا.