جنريشن گئپ
فرد جي مزاج تي دور جون حالتون اثرانداز ٿين ٿيون. دور بدلجڻ سان سوچ، ثقافت، اخلاقي قدرون ۽ زندگي گذارڻ جا انداز ساڳيا نہ ٿا رهن. جنريشن گئپ واري ٿيوري 1960ع ۾ متعارف ٿي. ان دور واري نسل سوال اٿاريندڙ ۽ باغي خيال جي حامل هئي. نوجوانن جا مذهبي، سياسي ۽ اخلاقي لاڙا تبديل ٿي رهيا هئا. سندن رهڻي ڪھڻي ۽ موسيقيءَ جو ذوق بہ ساڳيو نہ رهيو هو. صنعتي انقلاب، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور کان پوءِ دنيا تڪڙي تبديل ٿيڻ لڳي.
ماديت پرستي ۽ مارڪيٽ جي اهميت وڌي. مارڪيٽ ۾ مقابلي جي ڪري اشتهاري ترغيب ماڻھوءَ جي مزاج تي اثر وڌو، جنھن ڪري خريداريءَ جو چاھہ وڌيو. انفراديت پسندي اُسري، جنھن ڪري اجتماعي سوچ ۽ لاڙا ساڳيا نہ رهيا. جديد دور ۾ انفرادي سوچ ۽ فائدي کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. اهي رويا دوستي، رشتن ۽ ناتن لاءِ هاڃيڪار آهن. مطلب پرستي ۽ خود غرضي ذاتي مفاد جو پرچار ڪري ٿي، جنھن سان روحاني خلا وڌي ٿو. جڏهن نئون نسل مستقبل ۾ رهندو هجي ۽ پراڻو نسل ماضيءَ مان ٻاهر نہ نڪري تہ پوءِ ٻنھي جي وچ ۾ ذهني ويڇا وڌن ٿا.
پراڻو نسل جڏهن پنھنجا فيصلا نئين نسل تي مڙهيندو آهي تہ ذهني ڇڪتاڻ وڌندي آهي. وڏن جي دنيا، ٻارن کي عقل، تھذيب ۽ اصول سيکارڻ ۾ مگن رهي ٿي. ائين ٻار جو خوبصورت دور، فطري خوشيءَ کان محروم رهجي وڃي ٿو. ھو وڏن جي اکين سان دنيا کي ڏسندي، اڳتي هلي مختلف انداز سان سوچڻ لڳن ٿا. ان موڙ تي ٻارن ۽ والدين جي وچ ۾ ٽڪراءُ وڌي ٿو.
اڪثر والدين پنھنجي پسند جا مضمون ٻارن تي مڙهيندا آهن. کين پنھنجن خوابن جو مرڪز سمجهندا آهن. ٻئي پاسي زوريءَ کنيل مضمون ۽ ناپسنديدہ پيشو کين بي اطميناني ۾ مبتلا ڪري ٿو ڇڏي. ٻارن کان سٺي رزلٽ جي توقع ۽ سندن سٺين يونيورسٽين ۾ داخلا ٿيڻ؛ اُهي اوچا معيار آهن، جيڪي نوجوانن کي ذهني بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اُهي بغاوت ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. روين جي اها تبديلي ۽ بغاوت حقيقت پسندانہ انداز سان نہ ٿي ڏٺي وڃي تہ ان مان ڪيترا الميا جنم وٺن ٿا. اجائي سختي، لفظن جو غلط استعمال، سوچ جو ورجاءُ ۽ فيصلا زوريءَ مڙهڻ سبب غلط نتيجا سامھون ايندا آهن. والدين جي مار ۽ غير منطقي روين سبب خودڪشي جھڙا سنگين واقعا عام ٿي ويا آهن. سماج جو ٻٽو رويو غلطين، خامين ۽ ڪوتاهين کي قبول نٿو ڪري، جنھن سبب لڪي ڏوھہ ڪرڻ جي روايت جنم وٺي ٿي ۽ ٻھروپين جو ڪلچر اُسري ٿو. انھن روايتي ۽ ناسمجهيءَ تي مشتمل روين سبب سماجي زندگي افراتفريءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿي.
شھري سماج ۾ جتي زال مڙس ٻئي ڪم ڪن ٿا، اُهي ٻار کي وقت ڏيڻ کان قاصر آهن. ٻار کي جڏهن مناسب وقت نہ ٿو ڏنو وڃي تہ هو ٻاهرئين ماحول جي اثر ۾ جلدي اچي ٿو وڃي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا ماڻھو ٻارن جي نفسيات، ذهني ۽ جسماني تبديلين کان آگاھہ آهن؟ ڇا هو انھن تبديلين ۽ تضادن کي حقيقتن جي روشني ۾ پرکڻ جو ڏانءُ رکن ٿا؟ يا اُهي ٻار جي نفسيات کي سمجهڻ بنان پنھنجن نظرين جو غلام بنائڻ چاهين ٿا. ٻار وٽ جڏهن پنھنجون اکيون ۽ ذهن آهي تہ هو ٻئي جي اکين سان ڪيتري دنيا ڏسندو!
نفسيات جي ٿيوري مطابق ٻار والدين جي پيروي ڪندي بلوغت واري دور ۾ هڪدم بغاوت تي لھي اچي ٿو. هو والدين جي ٻڌايل ڳالھين ۽ پنھنجن مشاهدن جو تجزيو ڪري ٿو. سڀني روين کي ڀيٽي پنھنجي لاءِ الڳ راھہ جو انتخاب ڪري ٿو. ان موڙ تي والدين جڏهن سندس ڳالھہ نٿا سمجهن ۽ سخت رويو اختيار ٿا ڪن تہ سندس عزت نفس مجروح ٿئي ٿي. پوءِ ٻار ۾ احساس ڪمتري پيدا ٿئي ٿي، جيڪا اڳتي هلي اجائي ڏيکاءُ ۽ احساسِ برتري جو روپ ڌاري وٺي ٿي. والدين وٽ ان موڙ تي چونڊ جو اختيار هوندو آهي تہ هو ٻار جي عزت نفس مجروح ڪن يا سندس احساس کي تحفظ عطا ڪن ٿا.
نئون دور باغي، پرجوش ۽ منتشر ٿئي ٿو. نئين ۽ پراڻي دنيا ۾ ٽڪراءُ وڌي ٿو. انھن ٻنھي دنيائن ۾ توازن برقرار رکي نہ سگهڻ سبب ڪيترائي ذهني مونجهارا ۽ غلط فھميون پيدا ٿين ٿيون.
ترقي يافتہ معاشرن ۾ ٻار جي ذهني ۽ شخصي آزادي جو احترام ڪيو وڃي ٿو. اُتي سندن خامين، ذهني مونجهارن ۽ جسماني تبديلين جي اثر کي حقيقت پسندانہ انداز ۾ ڏٺو وڃي ٿو. ان ئي دور ۾ ٻار شرم، ندامت، احساس ڪمتري، احساس محرومي، ذات جي شناخت جھڙن مونجهارن ۾ مبتلا رهن ٿا.
اٺن سالن کان ارڙهن سالن جو اهو دور ٻار جي زندگي ۾ اهم ٿئي ٿو. جنھن دوران ٻار سڌرندا آهن يا راھہ تان ڀٽڪي ويندا آهن. ان دور ۾ صحت بخش غذا، مناسب ننڊ، جسماني مشقن، راند روند ۽ مثبت روين جي وڏي اهميت ٿئي ٿي. والدين ان عرصي دوران ٻارن کان غافل ٿي وڃن ٿا. ٻار جيئن پاڻ ڀرو ٿئي ٿو، ماءُ پيءُ سک جو ساھہ کڻن ٿا.
حقيقت ۾ اٺن کان ارڙهن سالن، تائين والدين کي ٻارن کي ويجهو رکندي ساڻن پاڇي جيان گڏ هلڻ گهرجي. ان دوران محبت، شفقت، پنھنجائپ، دوستي ۽ يقين جھڙن خوبصورت روين جي واڌ ويجهہ، نئين نسل جي احساس ۽ اعتبار جي نگهباني ڪري ٿي. دير سان شادين سبب ٻار ۽ والدين جي عمرن ۾ واضح فرق بہ ذهني وڇوٽي جو سبب بنجي ٿو، ٻار خوشي، ٽھڪ ۽ تفريح جا طلبگار ٿين ٿا. جڏهن تہ وڏا پنھنجين احساس محرومين، مسئلن ۽ پنھنجي دور جي المين کي ورجائيندا رهندا آهن.
ان موڙ تي تازگي ۽ ٿڪاوٽ جو ٽڪراءُ، رشتن ۾ ويڇا پيدا ڪري ٿو، جنھن جي ڪري ٻنھي پيڙهين ۾ رابطي جو خال (ڪميونيڪيشن گئپ) وڌي وڃي ٿو. گفتگو جو اعليٰ معيار زندگيءَ جي بھتر معيار جي ضمانت ڏئي ٿو. پر ڳالھين ۽ گفتگو وسيلي مسئلن کي سلجهائڻ جي اسان وٽ روايت قائم ٿي نہ سگهي آهي. جارحيت، بي سبب ڪاوڙ، جذباتي پڻو، هيسائڻ ۽ تشدد جھڙا اڻ وڻندڙ رويا هر طرف عام آهن. ان ڪري ٻار ۽ نوجوانن جي ذهني، اخلاقي ۽ جذباتي سکيا لاءِ مثبت روين ۽ مثالن جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي.
اڄ موبائيل يا انٽرنيٽ علم ۽ سکيا بدران ذهني آسودگي ۽ تفريح لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن، جنھن جي ڪري گهر جي ڀاتين ۾ فاصلا وڌيا آهن. ويجهڙائي، گفتگو ۽ مثبت رابطي سان نہ فقط رشتا فعال ٿين ٿا، بلڪہ هڪٻئي کي سمجهڻ جو بہ موقعو ملي ٿو. موثر اظھار پيڙهين جي فرق کي گهٽائي ٿو. گفتگو ۽ هدايتون ڏيڻ ٻہ مختلف رويا آهن. ٻارن ۽ نوجوانن کي هدايتن بدران ڳالھہ ٻولھہ جي ضرورت ٿئي ٿي. جيئن کين لڳي تہ ڪابہ سوچ انھن تي مڙهي نہ ٿي وڃي بلڪ کين مشورو ڏنو وڃي ٿو. سوچ مڙهڻ يا مشورو ڏيڻ ٻہ الڳ ڏسائون آهن. نوجوانن کي هدايتن کان سخت چڙ ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هو دوستن جي ميڙ ۾ پناھہ ڳوليندي، اڪثر غلط صحبت جو شڪار ٿي ويندا آهن.
والدين سان گڏ استادن جو ڪردار، ٻار جي ذهني ۽ روحاني اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پر استادن جا رويا اڪثر سخت هجڻ سبب، ٻارن جو رجحان پڙهائيءَ ڏانھن گهٽ ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن استاد شفيق آهي ۽ ٻار جي نفسيات کي بہ سمجهي ٿو تہ هو هڪ انسان کي ڀٽڪڻ کان بچائي ٿو وٺي. هو صرف هڪ ٻار کي نہ پر پوري خاندان کي تحفظ ڏئي ٿو. شاگردن ۽ استادن جي وچ ۾ ڳالھہ ٻولھہ جي ڪمي ڪيترن ذهني مونجهارن کي جنم ڏئي ٿي. موجودہ دور ۾ ٻارن ۽ نوجوانن اندر ڪو بہ مسئلو نہ آهي، پر اصل خامي گهرن ۽ تعليمي ادارن ۾ آهي. گهرن ۽ تعليمي ادارن ۾ بہ رابطا فعال نہ آهن.
ڪو زمانو هو تہ گڏيل ڪٽنب جو نظام رائج هو، جنھن جي پس منظر مان، ذهني طور تي سگهارا فرد پيدا ٿيندا هئا. ميڙ مان اُسرندڙ ٻار سھپ ۽ تعاون جھڙا گڻ سکن ٿا، جيڪي عملي زندگيءَ ۾ کين تمام گهڻا ڪم ايندا آهن.
ٻئي طرف اهڙن گهرن مان داخليت پسند ماڻھن جي کيپ تيار ٿئي ٿي، جيڪي فقط ذات لاءِ سوچين ٿا، جن وٽ ڪنھن ٻئي لاءِ وقت نہ آهي. پوءِ اهڙن فردن سان جيڪو معاشرو جڙي ٿو، اهو لاتعلق ۽ خود غرض ٿيندو آهي.
سائوٿ ايشيا جي ڪيترن ملڪن ۾ گهر ۽ خانداني نظام سگهارو آهي. چين، جپان، ٿائيلينڊ ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ وڏڙن جو ڪردار فعال نظر ايندو. جپان وٽ نيوڪليئر فيملي جو تصور آهي، جيڪي الڳ گهرن ۾ رهندي بہ هڪٻئي سان لاڳاپي ۾ رهن ٿا. گهر جي وڏڙن (ڏاڏي ۽ ناني) سان ويجهڙائي رکندڙ ٻار متحرڪ ۽ هوشيار ٿين ٿا. سندن ٻولي بہ سٺي ۽ واضح ٿئي ٿي. سماجي تعلق جوڙڻ ۾ جلد ڪامياب ٿيندا آهن. ٻارن کي گهمائڻ ڦيرائڻ، سندن پسند جون ڳالھيون ٻڌڻ ۽ کين شخصي آزادي ڏيڻ سان جنريشن گئپ ۾ ڪمي واقعي ٿئي ٿي.
هر سماج ۾ وڏي عمر جي ماڻھن جو ڪردار مختلف ٿئي ٿو. يورپ ۾گڏيل ڪٽنب جي نظام (Joint family system)جو ڪوبہ تصور موجود نہ آهي. ٻار ارڙهن سالن کانپوءِ الڳ گهر وسائين ٿا ۽ ڪراڙا اولڊ هائوسز ۾ وقت گذاريندا آهن. اُتي هر ماڻھو پنھنجي ذميداري پاڻ کڻي ٿو. اُتي وقت جي ڪمي سبب ماڻھن وٽ فرصت نہ آهي جو مٽن مائٽن لاءِ سوچين. پر اسان جو ملڪ مختلف آهي، جتي عمر جي آخري حصي تائين رشتا نڀائڻا پون ٿا. ماڻھو رشتن تي انحصار ڪن ٿا. اسان وٽ شخصي آزاديءَ جو ڪو تصور ڪونھي، پر جتي بہ گڏيل ڪٽنب جو فعال نظام موجود آهي (ضروري ناهي تہ هو هڪ گهر ۾ رهندا هجن) اُتي ذهني ويڳاڻائپ گهٽ نظر اچي ٿي.
اسان وٽ وڏي عمر جو ماڻھو گهڻو متحرڪ نہ آهي. ورزش نہ ڪرڻ سبب بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو ۽ اولاد کي سندن ذميداري کڻڻي پوي ٿي. پر جن بہ گهرن ۾ وقت سان گڏ هلڻ وارا وڏڙا موجود آهن، اُهي پنھنجن ٻارن لاءِ بوجهہ بنجڻ بدران سندن سٺا دوست ثابت ٿيندا آهن. انھن ۾ عمرن جي فرق جي باوجود بہ ذهني ويڇا گهٽ ٿين ٿا.
اها حقيقت آهي تہ نئين ۽ پراڻي نسل ۾ گفتگو ۽ رابطن ۾ هم آهنگي هجڻ ڪري زندگي آسان ۽ خوشگوار ٿئي ٿي.