پناھہ گاھہ جي ڳولا
انسان کان ذات جو مرڪز وڃائجي وڃي تہ پوءِ اهو سُڪون جي ڳولا ۾ مستقل ڀٽڪندو رهي ٿو. ڪڏهن بريون عادتون بہ سڪون حاصل ڪرڻ جو جواز بڻجن ٿيون. هر ماڻھو پنھنجي پسند جي جاءِ ڳولي ٿو، جتي هو ڪجهہ وقت گذاري خوشي حاصل ڪري سگهي. اهو من پسند جھان/اسپيس هر ماڻھوءَ جي ضرورت آهي، جتي هو آرام ڪري ۽ پنھنجي ذات ۾ هم آهنگي محسوس ڪري سگهي.
ڪو زمانو هو جڏهن اسان وٽ گڏيل ڪٽنب جو نظام رائج هو، اڄ بہ اهڙن خاندانن مان پرورش پائيندڙ ماڻھو ذهني طور تي سگهارا ٿيندا آهن، پر گڏيل ڪٽنب جو نظام وکرڻ بعد انسان پاڻ کي ذهني طور تي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو. ان ويڳاڻائپ کي تعميري رستو نٿو ملي تہ هو بري سوچ ۽ عادتن ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو.
فطرت ۾ ڪيترائي خوبصورت ڇانورا آهن، جتي وڃي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻھو آسيس وٺن ٿا. عبادت گاهون، مزار ۽ درگاھہ پڻ ڀٽڪيل احساس جي پناھہ ٿين ٿا. ماڻھو سک ۽ اطمينان حاصل ڪرڻ لاءِ حيلا وسيلا ڪري ٿو. هر ماڻھو کي سوچ جو مرڪز گهرجي، جتي هو پنھنجي ذات کي سمجهي ۽ مڃتا ڏئي سگهي. ماڻھو پنھنجي ذات مان گهٽ مطمئن نظر ايندو آهي. ڪا محرومي کيس مستقل ستائيندي رهندي آهي. هو جڏهن پنھنجي جسم يا سوچ ۾ وحدت نہ ٿو ماڻي سگهي تہ بي اطمينانيءَ جو شڪار بڻجي اڀرندو. پنھنجي چؤڌاري رهندڙ ماڻھن کي نشانو بڻائيندو. ٻيو نہ تہ ڪامليت جو بخار کيس چين سان ويھڻ نہ ڏيندو.
اها حقيقت آهي تہ خامين کي سليقي سان سھيڙڻ وارو انسان مطمئن زندگي گذاري ٿو. پنھنجي ذهني ڏانءَ مطابق ٻين جي راهنمائي ڪرڻ جو گُر سکڻو پوي ٿو. هو سڀني کي ساڻ کڻي هلڻ جو هنر نٿو سکي تہ پوءِ اهو علم ڪھڙي ڪم جو، جيڪو ماڻھوءَ کي ٻڌي يا حل سيکارڻ بجاءِ سندن صفن ۾ ڦڙڦوٽ وجهيو ڇڏي. علم جي وصف آهي جاڳرتا، سنوت ۽ شين کي سھيڙڻ. پنھنجي سوچ جي سونھن سان گهر، ماحول ۽ ادارن کي اُجارڻ. پر جيڪڏهن ائين ممڪن نہ آهي تہ پوءِ ماڻھو پنھنجي غلط سوچ جي ڪوڙڪي ۾ پاڻ ئي ڦٿڪندو رهي ٿو. ان ڪري هر ماڻھوءَ کي ڪا پناھہ گاھہ ضرور گهرجي، جيڪا گهر جي ڪُنڊ، باغ، ڪتب خانو، سچو دوست يا درياءَ جي ڪناري جي شڪل ۾ ٿي بہ سگهي ٿي. ڪجهہ ماڻھو اها پناھہ، عوام جي ڀلائيءَ جي ڪم ڪرڻ ۾ ڳولي لھن ٿا. لڙڪ اگهي مرڪون ورهائي خوش ٿيڻ بہ وجود جي هئڻ جو حق ادا ڪرڻ آهي.
ڪو زمانو هو جڏهن سنڌ جي ٻھراڙين ۾ وڏا باورچي خانا هوندا هئا، سياري ۾ سمورا گهر ڀاتي اتي گڏ ٿيندا هئا، ماني کائيندي گڏوگڏ ڪچھري بہ ڪندا رهندا هئا. باھہ ٻارڻ وارو هنڌ، ذهن ۽ روح جي ويجهو ٿئي ٿو. باھہ جو ڪارج شفاف بنائڻ ۽ زندگي ڏيڻ آهي. منھنجي مشرقي يورپ سان تعلق رکندڙ سھيلي پريشان ٿيندي هئي تہ ميڻ بتي ٻاريندي هئي. سندس چوڻ هو تہ باھہ انتشار کي پنھنجي اندر جذب ڪري ٿي ڇڏي. گڏيل ڪٽنب جو نظام وکريو تہ ماڻھن جي مونجهہ ۽ روح جي تانگهہ بہ وڌي. ٻيون قومون نہ بدليون، هنن خانداني نظام ۾ پناھہ ڳولي، سري لنڪا، ٿائي لينڊ، چين يا جپان جي ماڻھن منجهہ ذهني ۽ روحاني سگهہ هئڻ سبب خانداني مضبوط رابطا آهن.
اسان پنج هزار سال پراڻي تھذيب جا وارث آهيون. اڄ تائين چند سٺا اخلاقي اصول بہ نہ جيئاري سگهيا آهيون. اهي اصول، جيڪي قوم ۽ خاندان جي بقا ۽ ڪاميابيءَ جي ضمانت بڻبا آهن. اهو بہ ڏسڻ گهرجي تہ آرٽ، ادب ۽ فلسفي کي جيئارڻ جي ڪوششن ۾ رڌل اسان سڀئي، انساني رابطن ۾ ڪيترا فعال آهيون؟ اهو علم، شان سان زندھہ رهڻ ۽ زندگيءَ جون خوشيون ورهائڻ بدران ذاتي خواهشن جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي.
فطرت کان اسان منھن موڙي چڪا آهيون. فطرت ۾ پنج بنيادي جزا ڌاتو، وڻ، پاڻي، زمين ۽ باھہ زندگيءَ جو تسلسل قائم رکندا پيا اچن. ساڳي حرارت انسان جي جسم ۾ بہ موجود آهي. جسم جو ڪيميائي حياتياتي طريقه ڪار پڻ فطرت جي اثر تحت ٿو ساھہ کڻي.
سنڌ جا قديم گهر ڪشادہ هوندا هئا ۽ ماڻھوءَ وٽ ڪشادگيءَ جو احساس هوندو هو. جيئن سڌا سنوان ٻہ چار ڪمرا، هڪ ورانڊو ۽ سامھون اڱڻ هوندو هو. اڱڻ ۾ ئي غسل خانو وغيرہ هوندو هو. انھن گهرن جي بناوٽ سبب ماڻھن جو تعلق اڱڻ سان جڙيل رهندو هو. اڱڻ جيئن تہ فطري توانائيءَ جو مرڪز آهي. ان ڪري ماڻھو موسمن، تازي هوا، آسمان جي رنگن، اونداهي ۽ روشنيءَ سان براھہ راست رابطي ۾ رهندا هئا. موجودہ دور کان وڌيڪ خوش، صحتمند ۽ فعال پڻ هئا. پر جڏهن کان جديد دنيا جا ماڻھو فليٽن يا مصنوعي بناوٽ وارن بنگلن ۾ رهڻ لڳا تہ سندن مزاج بہ تبديل ٿيڻ لڳو. بنگلو آسائش جو اهڃاڻ سمجهيو ويو. جڏهن تہ گهر محض رهڻ ۽ وقت گذاريءَ جي ذريعي طور ليکجڻ لڳو. لفظ گهر پنھنجي اندر وڏي وسعت رکي ٿو. اهو جهوپڙي، هٽ، عام گهر بہ ٿي سگهي ٿو. گهر ڏيکاءُ کان وڌيڪ جذباتي لڳاءُ جو اهڃاڻ آهي. جذباتي لڳاءُ نہ آهي تہ وڏا گهر بہ بي اهم ٿي وڃن ٿا. احساس جي وابستگي آهي تہ گهر جو ڪچو گارو بہ جرڪندي محسوس ٿيندو.
عورتن جو وقت ڪچن ۾ وڌيڪ گذرندو آهي، جيڪو سندن پناھہ گاھہ آهي، اڄڪلھہ جديد ڪچن گهر جي اندر آهن. عورتن جو واسطو باھہ سان وڌيڪ پوي ٿو. باھہ جي ويجهڙائي سبب، ماڻھو احساساتي طور تي سگهارو هوندو آهي. اسان جيئن تہ انھن ڳالھين کان واقف نہ آهيون، ان ڪري فطري مظھرن کي پنھنجي طاقت بڻائڻ کان قاصر آهيون.
فطرت ۾ پنج بنيادي جزا آهن، جيڪي اسان جي ذهني، جسماني ۽ روحاني سگهہ جو سبب بڻجن ٿا. اهي توانائيءَ جون لھرون مستقل حرڪت ۾ رهن ٿيون، جن ۾ ڌاتو، وڻ، پاڻي، زمين ۽ باھہ اچي وڃن ٿا. جيئن تہ باھہ هڪ توانائي آهي. ساڳي حرارت، انسان جي جسم ۾ بہ موجود آهي. جسم جو ڪيميائي ۽ حياتياتي طريقه ڪار پڻ فطرت جي زير اثر آهي. اها حرارت جنھن کي زندگيءَ جو تت (Spirit of Life) سڏيو وڃي ٿو، سا جذباتي، ذهني ۽ روحاني طاقت جو اهڃاڻ آهي. اها حرارت يا توانائي، جيڪا اسان فطري ماحول کان حاصل ڪيون ٿا، اها اسان جي اندر جذباتي تحرڪ، خيال ونڊڻ ۽ تعلق جي مضبوطي جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. اڳي گهر ننڍا، پر دليون ڪشاديون هيون، هاڻ گهر وڏا آهن تہ دليون تنگ محسوس ٿين ٿيون. اها حقيقت آهي تہ ذهن ۾ ٻرندڙ بي اطمينانيءَ جي چڻنگ، تخليق جو ڀنڀٽ بڻجي ٿي. ڪنھن ڏکوئيندڙ احساس کان پري ڀڄڻ لاءِ ماڻھو پناھہ ڳولي ٿو. ڀٽائيءَ جو فڪري اثاثو، عام ماڻھن جي سجاڳي لاءِ آهي، پر حوالا فطرت ۽ عام زندگيءَ سان جڙيل آهن.
ڀٽائي، سنڌ جي ماڻھوءَ کي سوچ جي خالص پڻي ۽ مرڪز تي رهڻ جي هدايت ڪري ٿو، اها مرڪزيت، رابطي جو هنر بڻجي ٿي. جان ڪيٽس جي درد ۽ وڇوڙي جو درمان، اهو مھڪندڙ جهنگ آهي، جتي بلبل جو گيت گونجندو رهي ٿو. وليم ورڊز ورٿ جي تخليق جو روح سدا بھار ول جيان آهي. ادب ۽ فن جون اهي پناھہ گاهون پوري انسانيت لاءِ احساس جو آئينو آهن. اهو سوچ جو ڪٿارسس/تحليل نفسي انساني حوصلي کي ٻيھر جيئاري ٿو. جيڪڏهن ڏک، درد ۽ پيڙائون نہ هجن تہ شاعر، اديب، راڳي، سماج سڌارڪ ۽ فلاحي ڪمن جا رهنما بہ نہ هجن ٿا. جيڪي خوف ۽ ڏک کي فن جي پوپٽن جي صورت چوپاسي اڏائي ڇڏين ٿا.
اسان جي گهر ۾ هڪ پينگهو هوندو هو، جيڪو گهر ڀاتين کي پناھہ گاھہ ڀاسندو هو. ان پينگهي ۾ ويھي مون ڪتاب بہ پڙهيا تہ ڪھاڻيون بہ لکيون آهن. شام جي چانھن، امان ۽ مان ان پينگهي ۾ پيئندا هئاسين. اڪثر مون کي اهو پينگهو ياد پوندو آهي. سنڌي گهرن ۾ اهي پينگها آرام، سک ۽ سھولت جو اهڃاڻ هئا. جن ۾ لڏندي، عورتون پنھنجا سمورا ڏک وساري ويھنديون هيون. جن خود ڪلاميءَ جي عادت کي هٿي ڏني. اڄ جديد پينگها انھن قديم پينگهن سان تہ مقابلو نٿا ڪري سگهن، پر انھن جي گهرن ۾ موجودگي قديم ورثي ڏانھن ڇڪ ظاهر ڪري ٿي.
اها حقيقت آهي تہ جديد رهڻي ڪھڻيءَ کٽن کي، ٻاهر ڌڪي، پلنگ متعارف ڪرايا. جڏهن تہ فوم جا گدا ڪنڌ ۽ چيلھہ جي تڪليف ۽ بي آراميءَ جو وڏو سبب بڻجن ٿا. جسم ۾ ڪا تڪليف آهي تہ ذهن بہ پريشان رهي ٿو. پناھہ جا غير فطري طريقا نقصان ڏيندڙ آهن. فرار جا ذريعا پان، سگريٽ، ٻيڙي، ڳٽڪو، سوپاريون، چانھن، ڪافي، انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون جو گهڻو استعمال بہ ڪنھن ذهني يا روح جي تڪليف کان نجات جو ذريعو بڻجي ويا آهن. اهو نشو، ڊپريشن يا ڪنھن بہ ذهني عارضي جي نشاندهي ڪري ٿو.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ آخر ماڻھو عارضي سھارا يا جذباتي ٽيڪ ڇو ٿو چاهي. هو پنھنجي اندر پاڻ ڀرائيءَ جو احساس ڇو نٿو پيدا ڪري. عارضي ۽ بي بنياد پناھہ ڳولڻ بدران هو پاڻ ٿڪل انسانيت لاءِ گهاٽو ڇانورو ثابت ٿي سگهي ٿو.