آکاڻي: ذهني ترتيب جو ذريعو
اها حقيقت آهي تہ سنڌي ادب ۾ لوڪ ادب جو هڪ شاندار خزانو موجود آهي. 1956ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ وارن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خان جي ذاتي دلچسپي ۽ راهنمائيءَ سبب ان حوالي سان ڪافي مواد گڏ ڪيو. لوڪ قصا، لوڪ گيت، پھاڪا، ڳجهارتون، ڏور، بيت ۽ ٻيو گهڻو مواد چاليھن کان مٿي ڪتابن جي صورت ۾ سھيڙيو ويو. بلوچ صاحب کان علاوہ ٻين محققن پڻ ان ڪم ۾ بھرو ورتو.
سنڌي لوڪ ڪھاڻي خاص طور تي پراڻي صنف آهي، جيڪا نہ فقط دلچسپ آهي، بلڪ اها ٻارن جي راهنمائي ڪندڙ بہ آهي. انھن ڪھاڻين ۾ ڏند ڪٿائون، عشقيہ داستان، جانورن ۽ پکين متعلق آکاڻيون، ديوين پرين جا قصا پڻ شامل آهن. لوڪ ڪھاڻين کي انگريزي دور ۾ لکيو ۽ سھيڙيو ويو. انگريزي زبان ۾ بہ دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين جو لوڪ ادب جو ترجمو ڪيو ويو آهي. سڄي دنيا ۾ ٻاراڻي لوڪ ادب تي توجھہ ڏني وڃي ٿي ۽ ٻارن کي لوڪ ادب کي پڙهڻ جو موقعو فراھم ڪيو وڃي ٿو. اها نسل جنھن جون پنھنجن وڏڙن کان ڪھاڻيون ٻڌل آهن، سا ذهني ۽ روحاني طور تي سگهاري ۽ حڪمت عملي جوڙيندڙ ٿئي ٿي.
انھن ڪھاڻين وسيلي ٻار ۾ مثبت سوچ ۽ لاڙا پيدا ٿين ٿا. ٻار جي ٻولي ۾ پختگي اچي ٿي. نہ فقط سندس تصوراتي سگهہ اُسري ٿي، پر هو اخلاقي طور تي بہ سگهارو ٿئي ٿو. ميڙ ۾ ڪم ڪرڻ جو ڏانءُ سکي ٿو. وڏي لاءِ هو سماجي طور تي پاڻ ڀرائيءَ جي احساس تحت پنھنجا رستا پاڻ ڳولي ٿو لھي. ٻار ۾ محبت، همدردي، تعاون ۽ خيال رکڻ جا گڻ پيدا ٿين ٿا. ’نيچرل ايجوڪيشن‘ جي ليکڪا جو چوڻ آهي تہ ننڍي عمر ۾ ٻار جا حواس تيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي تہ اڳتي هلي هو سٺي طور تي زندگي گذارڻ جو ڍنگ سکي وٺندا، جنھن جو موثر ذريعو ڪھاڻي آهي. اسان وٽ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي وڌندڙ استعمال سبب مطالعي جي عادت ختم ٿي رهي آهي. ٻار جڏهن پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪتاب پڙهي ٿو، تہ سندس ذهني ۽ جذباتي واڌ ويجهہ خالص بنيادن تي ٿئي ٿي. گهڻي ڀاڱي ننڍپڻ کان مطالعو ڪندڙ ماڻھو، اڳتي هلي ليکڪ ۽ سٺا شھري ٿين ٿا.
مطالعي سان ذهني يڪسوئي پيدا ٿئي ٿي. نوان خيال ۽ تصور ملن ٿا. ڪتاب پڙهندڙ ۾ سوچ، سمجهہ، ڏاهپ ۽ فيصلي جي قوت پيدا ٿئي ٿي. انڪري يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪتاب پڙهڻ جو چاھہ ٽيلي وزن يا سينيما بہ نہ گهٽائي سگهيا آهن. ترقي يافتہ ملڪن ۾ ٻار جي ذهني اوسر ۽ شخصيت جي تعمير تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو. ڪھاڻيون، موسيقي، ڊراما ۽ رانديون ٻار جي لڪل صلاحيتن کي اڀارينديون آهن، جنھن سبب انھن ملڪن جا ٻار اظھار ۽ پختگي رکن ٿا ۽ هر موضوع تي ڳالھائڻ تي کين عبور حاصل رهي ٿو.
نفسياتي طور تي ڪھاڻيون ۽ قصا ٻڌڻ سان ڳالھہ ڪندڙ ۽ ٻڌندڙ جي وچ ۾ هڪ تعلق پيدا ٿئي ٿو. ڇو تہ ٻڌندڙ انھن ڪھاڻين ۽ قصن ۾ پنھنجو پاڻ پسي ٿو. ان عمل کي عصبي جوڙ (Neural Coupling) چيو وڃي ٿو. قصن ڪھاڻين ٻڌڻ سان ذهن متحرڪ ٿئي ٿو. ٻين لفظن ۾ تنتي سرشتي ۾ واقع Multiple Cortices کي تحرڪ ملي ٿو، جنھن سان خاص ڪيميائي عمل Dopamine جو اخراج ٿئي ٿو. اهو نيورو ٽرانسميٽر، جذباتي ردعمل جو سلسلو فعال رکي ٿو. جن ماڻھن جي ذهن ۾ ڊوپامين گهٽ خارج ٿين ٿا انھن ۾ نشي جون عادتون ۽ عصبي بيماريون عام ٿين ٿيون. جڏهن تہ ان ڪيميائي عمل جو توازن توجھہ، ياداشت، مزاج ۽ سکيا تي سٺو اثر پوي ٿو. جيڪڏهن ڪنھن ٻار کي فقط پڙهائي ڪرڻ تي زور ڀرجي، جنھن سبب هو ذهني دٻاءَ جو شڪار رهي تہ پوءِ اهو ٻار کاٻي ذهن جو ٿئي ٿو. ذهن جو اهو پاسو منطقي ۽ تجزياتي صلاحيت رکي ٿو. اهي ماڻھو تبديلي کي جلد قبول نہ ڪندا آهن. اسان جي ملڪ ۾ اهڙن ماڻھن جي اڪثريت آهي، پر جيڪڏهن ساڄي ذهن کي ڪھاڻين، دلچسپ مشغلن ۽ ڪارائتي گفتگو وسيلي تحرڪ ڏنو وڃي تہ ماڻھو تخليقي ۽ تصوراتي سگهہ جو حامل ٿئي ٿو. ڇو تہ ساڄو ذهن تصور، تخيل، خواب، ادراڪ ۽ وجداني عمل سان براھہ راست رابطي ۾ رهي ٿو. جيتوڻيڪ اهڙن ماڻھن جو تعداد گهٽ هوندو آهي، پر اهي پنھنجي سوچ جي نواڻ ۽ خيالن جي تازگيءَ سان سماج ۾ وڏيون ذهني تبديليون آڻيندا آهن. تبديلي، تصوراتي سوچ ۽ خواب ڏسندڙ ماڻھو آڻي ٿو. تبديلي داخلي رويو آهي.
انگريزي ادب ۾ 1697ع ڌاري Charles Perrault جو ڪتاب ‘Tales of Mother Goose’ ۽ جوزف جيڪب جي ڪتاب
‘English Fairy Tales’ شھرت ماڻي. ان کانسواءِ سنڊريلا، سنو وائٽ، بيوٽي اينڊ دي بيسٽ ۽ سليپنگ بيوٽي جڳ مشھور ڪھاڻيون آهن، جن تي اينيميٽڊ ۽ حقيقي فلمون ٺھي چڪيون آهن. سنڌي ۾ نيلم پري، سياڻو ڪانو، هيڪل ديو ۽ سون پري، زور بادشاھہ، اٺ ۽ گدڙ جي دوستي، ڪُمي ۽ طوطي جي دوستي وغيرہ شامل آهن. ٻارڙن جا ماهوار ڪتاب گلن جھڙا ٻارڙا ۽ گل ڦل بہ ڇپجندا رهيا آهن. اردو ۾ نونھال، بچون کي دنيا ۽ ٽوٽ ٽبوٽ ٻارن ۾ گهڻا مقبول آهن.
سنڌي لوڪ آکاڻين کي پرائمري ليول تي ڪورس جي ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. ڪھاڻين جو اهو ڪتاب ’ڪھاڻي ڪلاس‘ نالي پيريڊ ۾ پڙهايو وڃي. ٻار جي ذهني تربيت جيڪا والدين ۽ اڄ جو استاد ڪرڻ کان قاصر آهي، اهي ڪھاڻيون ڪري ڏيکارينديون. ڇو تہ ڪھاڻي سان نہ فقط جمالياتي ذوق ۾ اضافو ٿئي ٿو، پر زندگي ۽ ڪائنات جي باري ۾ بہ ڄاڻ ملي ٿي. ماحولياتي ڄاڻ ۽ مثبت روين جي سکيا فقط دلچسپ آکاڻين وسيلي ممڪن آهي.
سنڌي ٻار، ادب جي حوالي سان نظر انداز ٿي رهيو آهي. ٻارن لاءِ نہ باغ آهن ۽ نہ ئي ڪھاڻين جا ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهن. نہ ئي والدين ان سلسلي ۾ ڪا ڪوشش وٺن ٿا. والدين کي گهرجي تہ مھيني ۾ هو گهر ۾ ڪا هڪ اهڙي ويھڪ رکن، جنھن ۾ خاندان جي ٻارن کي گڏ ڪري کين آکاڻيون زباني يا پڙهي ٻڌايون وڃن. ان کان علاوہ کين ڪتاب خريد ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي بہ ڪرڻ گهرجي.
سنڌي ڪھاڻي بہ قصن ۽ لوڪ داستانن مان جڙي، جديد آکاڻي جو روپ ڌاريو آهي. سنڌي ڪھاڻي ادب جي سگهاري صنف رهي آهي، جيڪا لمحي جي اُتساھہ کان وٺي مڪمل زندگيءَ جو احاطو ڪري ٿي. چڱن سالن جي ماٺ کانپوءِ انيس اڪيڊمي ڪھاڻي ڪانفرنس ڪرائڻ لڳي. پھرين ڪھاڻي ڪانفرنس 2008ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ منعقد ڪرائي وئي، جنھن ۾ فقط 28 ڪھاڻيون مليون. پوءِ ٻي ڪھاڻي ڪانفرنس ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿي. ٽين لطيف يونيورسٽي خيرپور جڏهن تہ چوٿين ڪھاڻي ڪانفرنس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٿي، جيڪا ڪھاڻي جي سؤ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪوٺائي وئي هئي. انيس اڪيڊمي سڄو سال ڪھاڻي جي سو سالن جي تقريبن جي سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ پروگرام ڪيا. ان بعد اڪيڊمي کي 75 ڪھاڻين کان وٺي مقابلي ڪرائڻ لاءِ 90 ڪھاڻيون بہ مليون.
انھن سڀني ڪوششن جي باوجود بہ سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جو هڪ وڏو خال محسوس ٿئي ٿو. لوڪ آکاڻين کي رنگين تصويرن سان شايع ڪرائڻ گهرجي. انگريزي ۾ تصويرن سان ڪھاڻين جا ڪتاب دستياب آهن، جيڪي ڪھاڻيون دنيا جي لوڪ ادب مان ورتل آهن. اسان کي بہ لوڪ ادب جي خزاني مان سٺين ڪھاڻين جو انتخاب ڪري ٻاراڻي ادب کي وسعت ڏيڻ گهرجي.