شاعري

بهارون سوڳواريءَ ۾

هي ڪتاب ”بهارون سوڳواريءَ ۾“ خوبصورت شاعر اياز رضويءَ جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو آهي. ايوب کوسو لکي ٿو ”ڳالهه رڳو شاعريءَ جي هجي ته اهو هڪ جملو ئي لکڻ ڪافي سمجهان ته، اياز رضوي شاندار شاعر آهي، پر ڳالهه اڃان ڪجهه اڳتي جي آهي. ڇو جو هُن جو ڪردار به خود شاعري آهي. آئون ائين به چوندس ته اياز رضوي پنهنجي شاعريءَ کان به ڪيئي درجا مٿي بيحد معتبر ۽ محبوب نظرياتي انسان آهي. هُو رجعت پرستيءَ جو ضد آهي. هُن طبقاتي ۽ مذهبي فرق جي ليڪن تي اڇو چُن ڦيرائي دل جي ديوار صاف ڪري ڇڏي آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 6743
  • 973
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اياز رضوي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بهارون سوڳواريءَ ۾

محبوب شاعر، دلربا ڪردار

محبوب شاعر، دلربا ڪردار

ڳالهه رڳو شاعريءَ جي هجي ته اهو هڪ جملو ئي لکڻ ڪافي سمجهان ته، اياز رضوي شاندار شاعر آهي، پر ڳالهه اڃان ڪجهه اڳتي جي آهي. ڇو جو هُن جو ڪردار به خود شاعري آهي. آئون ائين به چوندس ته اياز رضوي پنهنجي شاعريءَ کان به ڪيئي درجا مٿي بيحد معتبر ۽ محبوب نظرياتي انسان آهي. هُو رجعت پرستيءَ جو ضد آهي. هُن طبقاتي ۽ مذهبي فرق جي ليڪن تي اڇو چُن ڦيرائي دل جي ديوار صاف ڪري ڇڏي آهي. حيران ڪندڙ بيباڪي هن کي شاعر هجڻ ئي ڏني آهي. ان بيباڪيءَ جو مفهوم فقط سنڌ وطن جي مالڪيءَ ڪرڻ جو نظريو آهي. مالڪي اها آهي جو رجعت پسندي ۽ طالبان ازم کي دل سان ته هر باشعور ماڻهو ڌڪاري ٿو، پر کليل اظهار کان پاسو ڪري ٿو. پر هي يگانو شاعر ٿر جي چيڪ پوسٽ تي بيٺل اهلڪارن کي به اهو سڌو ٿو ٻڌائي ته ”بابا اسان شاعر ماڻهو آهيون، اسان وٽ نه بارود آهي، نه هٿيار آهن، روڪڻو اٿئو ته رجعت پرست طالبان ٿر ۾ داخل ٿين پيا انهن کي روڪي پنهنجي ماحول ۽ نسل کي بچايو!“ اياز رضوي سنڌ لاءِ هڪ نئون رول ماڊل آهي، جنهن جي ڪشش تي نوان پروانا ڳاٽ کڻي مِڙي رهيا آهن.
شاعريءَ ۾ هُو ڀلي کڻي پيو دلفريب احساسن جا تاڪيا پکيڙي، وڇوڙن ۽ وصالن جي ڪيفيتن جي مصوري ڪري. ذلفن ۽ ڪارن تِرن تي مورن جا ٽهوڪا ۽ رقص نڇاور ڪري، اها نئين ڳالهه ناهي! اهو ته هر شاعر جو شاعراڻو ورثو ۽ جهان آهي، صدين جي روايت آهي. اها شاعراڻي ڪاڪ ته ڪڏهن ڪِري ئي ناهي، پر نئين ڳالهه اها آهي جو اياز رضوي ان ڪاڪ ۾ رهي به تصوراتي ۽ نظرياتيءَ طور هڪ نئين ذهن جي صورتگيري پيو مُرتب ڪرڻ چاهي، اُهو عظيم تصور تعصب کان آجي انسان جو روشن خيال حَسين تصور آهي. اهو انسان جنهن کي سياسي، طبقاتي، سماجي، ۽ معروضي حالتن گروي يا رتو رت ڪري ڇڏيو آهي، اهو انسان سيڪيولر سنڌ ۾ باھ جي وچ ۾ گل کنيو بيٺو آهي. اياز اُن لُٽيل ۽ گهُٽيل انسان کي شاعريءَ جي اکين ۾ ويهاري رهيو آهي. هو وطن جي وارث کي ڇانءُ ۾ ويهارڻ جو آرزو مند آهي. هو هِن ليڙون ليڙون ٿيل دؤر جو زندھ صوفي آهي. هُن جي ڪابه واٽ مُنجهيل ناهي. صوفي ازم کي هن قومي ازم سان سلهاڙيو آهي. ان واٽ تي هُن جي شاعري هٿ ۾ عشقيا جام جهلي پارڪر جي علائقي چڻيندا ۾ وڃي رام کي ريجهائي ٿي! نئين رت هاڻي تاريخ جي تندور کي تپائي سنڌ جي وارث کان طنبوري جي تار کسڻ جي جيڪا ڪُڌي سازش ٿي آهي، اُن جو شڪار ٿيل ڏوٿيئڙن کي لڪن ۾ لهسندي، اڪن سان گڏ تپندي ڏسي اياز پنهنجو نئون عشق مُرتب ڪيو آهي اُن عشق جي ورقن ۾ مئو علائقي جو مسڪين معصوم انسان رامجي ڪولهي مُرڪي ٿو. ماستر موليو کنوڻ جهڙي کِل سان کجڪي ٿو، ڇو جو اياز رضوي هندو گلاس، مسلم گلاس ۽ ٿالهيءَ جي ڌار هئڻ واري عمل ۽ سوچ کي رڻ جي ڪنهن ساٺيڪي کوھ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ سڀ گلاس سنڌي آهن، سڀ ٿالهيون صوفي آهن. پارڪر جا پريتم ڪولهي ۽ ٿر جا معصوم مينگهواڙ توڙي مٺيءَ جا محبتي لوهاڻا سڀ هن عشق هڪ مالا ۾ پوئي ڇڏيا آهن. هر صورت محبوب جي صورت آهي. هر مُرڪ سنڌ جي مُرڪ آهي. هن نئين جاڳ لاءِ پاڻ کي روليو آهي، هڪ فرد جي حيثيت مان نڪري هن پاڻ کي هڪ تحريڪ ۾ تبديل ڪيو آهي. نئين ڪوٽ جي سڌين ٻنين ۾ رهندي هُن ۾ ڪي اڻپورايون هيون، پر 2011ع جي مهاٻوڏ ۾ دربدر ٿي مون وانگي هو ٿر جي واريءَ تي پناھ گير ٿيو هو ته مٺيءَ شهر ۾ رهي هُن ٿر جي تهذيبن مان نوان اتساھ ماڻي پاڻ کي مڪمل ڪري ورتو هو. اها تبديلي وڏي تبديلي چئي سگهجي ٿي. هاڻ هُن جو نئون ڪردار سچ ته سون جهڙو آهي. اياز رڳو غزل جي حسناڪين جو شاعر ناهي، پر هُو راسوڙن، همرچن، موريي، ۽ ڪوڏاڻن توڙي ٻين ڳيچن جي حُسن جو شاگرد به آهي. هُو نئين عشق جو تشريح نگار آهي. هن جا پير وچولي ۾ کڄن ٿا، پر هن جا ساھ ڀوڏيسر ۾ ڀئونر بڻجي رلن ٿا.
هن جي سڄي سنگت پاڻ کي فقير سڏائي ٿي، انهن فقيرن ۾ ڀارو مل امراڻي به آهي، ته ساگر خاصخيلي به آهي، ايوب کوسو به آهي ته تاج جويو به آهي، رجب فقير به آهي ته شنڪر ساگر به آهي، گل گوماڻي به آهي ته دليپ دوشي به آهي، ته پرڪاش ڪرماڻي به آهي. انهن جديد صوفي فقيرن جي ڪڙين کي ملائڻ وارو اياز رضوي ئي آهي، جنهن پنهنجو وجود قرب ۽ محبتن لاءِ وقف ڪيو آهي. ڪالهه هُن پنهنجي پهرئين شعري ڪتاب: ” اُگهي ڪير ڳوڙها“ جي شاعريءَ ۾ هڪ ڀنگياڻيءَ جي ڳوڙهن جي مالڪي ڪئي هئي، هاڻ پنهنجي هن نئين ڪويتا ڪتاب ”بهارون سوڳواريءَ ۾“ ۾ سنڌ جي بهادر ڪولهين جي پگهر کي دل جا ڀاڪر ڀريا آهن، اُتي ئي هن وطن جي خزائن جا کُٽڪا ۽ بهارن جا سُڏڪا به بيان ڪيا آهن. هي سڄي هن دؤر جي ماتمن جي شاعري آهي.
اياز رضوي کي آئون سرٽيفڪيٽن کان مٿڀرو انسان ۽ سگهارو شاعر سمجهان ٿو. ان سان گڏوگڏ اهو به قطعي طئي نٿو ڪريان ته هُو ڪهڙي درجي جو شاعر آهي. ننڍو يا وڏو شاعر آهي؟ اهڙي ليبل جي هُن کي ڪابه ضرورت ناهي، ڇو جو هُن ڪو ليبل ماڻڻ لاءِ شاعري ناهي ڪئي. ڪنهن به انسان لاءِ اهو وڏو اعزاز هوندو آهي ته هُو دنيا جي ڪنهن قوم ڪنهن ٻوليءَ جو شاعر آهي. شاعر هجڻ ئي خود وڏو اعزاز آهي. اياز رضوي لاءِ اهو اعزاز ئي ڪافي آهي ته، هُو دنيا جي قديم ٻولي سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر آهي هُن هڪ منفرد ۽ نرالي شاعري طور بهترين مڃتا ماڻي آهي. وڏي ڳالهه ته هُن جي شاعراڻي اُڃ اڃا برقرار آهي، اهو زبردست ڪمٽمنٽ آهي. اياز رضوي جي شاعري پنهنجي وطن سان سلهاڙيل آهي، هي شاعري پنهنجو پختو ۽ نظرياتي رويو چٽائيءَ سان پڌرو ڪري ٿي، هن شاعريءَ ۾ ڪو به ابهام ناهي، بيانيا انداز جيترو لاجواب آهي، اوترو ئي هُن جي پيش ڪيل موضوعيت مهتاب آهي. هن جي احساسن ۾ جيڪي ڇانوَرا آهن اهي ڏاڍا بانوَرا آهن.
ڪيفيتن کي شاعريءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو آرٽ اياز خوب ڄاڻي ٿو. غزل جي مزاج کي هن ڪنهن به ريت اوپرو ناهي بڻايو، ڇو جو هُن رواجي لفاظيءَ کان حد درجي جو پرهيز ڪيو آهي، هن تخليقي وجد تي انحصار ڪيو آهي.
وائيءَ جي ورلاپ کي هُن سسئيءَ جي اگهاڙن رتورت پيرن جيان نروار ڪري ڪلاسيڪيت ۾ تڙ ڪرايو آهي، جنهن ڪري هُن جي شاعري وڏي ڪشش ماڻي ورتي آهي. اياز رضوي پنهنجي شاعريءَ کي وسعتي شاعراڻن موضوعن سان رڱي ثابت ڪيو آهي ته هو هن دؤر جو بهترين اثر ڇڏيندڙ پختو ۽ سگهارو شاعر آهي، هُن جي شاعري دل مان نڪتل شاعريءَ جو روپ آهي.

ايوب کوسو
مئي 2016ع