ڳالهه زباني کي هر ڪوئي ڄاڻي ٿو،
اک جي ٻولي ڪوئي ڪوئي ڄاڻي ٿو.
صرف انا جو خول ڦِٽو ڪرڻ پوندو،
عيب ته پنهنجا سڀڪو ڌوئي ڄاڻي ٿو.
آئون مهان مسيحا اُن کي ئي چوندس،
ٻئي جي ڏُک تي جيڪو روئي ڄاڻي ٿو.
ڪونه سو وڪبو ڪونه ئي جُهڪندو ڪنهن آڏو،
تنهنجي لَڄ جو ماڻهو لوئي ڄاڻي ٿو.
آهي محبت مذهب منهنجي ڌرتي جو،
سچ انهي کي جڳ سڄو ئي ڄاڻي ٿو.
خوب ڪڙهيو ۽ درد پڙهيو آ جنهن ”رضوي“
راز حياتي جا ته اُهو ئي ڄاڻي ٿو.
✤✤
تنهنجي هڪڙي نهار ڪافي آ،
هاڻ مون لئه ڄمار ڪافي آ.
قرض هڪ رات ۾ ڪٿي لهندو،
زندگي جي اُڌار ڪافي آ.
پوک احساس جي پئي ڀيل ٿئي،
توڙي هڪلي مون جهار ڪافي آ.
چئوس ڪمرو ڇڏي اچي ٻاهر،
چنڊ کي انتظار ڪافي آ.
ڪوئي بادل خُلوص جو برسي،
چاهتن جو ڏُڪار ڪافي آ.
جهول منهنجي ۾ لڙڪ، غم اُلڪا،
تنهنجي حصي ۾ پيار ڪافي آ.
گهاءُ گهرا ڏنئي حياتي کي،
هي نوازش به يار ڪافي آ.
نانءُ تنهنجو لبن تي آ هر هر،
اڄ لڳي ٿو خُمار ڪافي آ.
دشمنن جا هزار ٿين حملا،
تنهنجو هڪڙو ئي وار ڪافي آ.
ديپ وانگي جلان پيو رضوي،
هجر ۾ هي قرار ڪافي آ،
✤✤