شاعري

بهارون سوڳواريءَ ۾

هي ڪتاب ”بهارون سوڳواريءَ ۾“ خوبصورت شاعر اياز رضويءَ جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو آهي. ايوب کوسو لکي ٿو ”ڳالهه رڳو شاعريءَ جي هجي ته اهو هڪ جملو ئي لکڻ ڪافي سمجهان ته، اياز رضوي شاندار شاعر آهي، پر ڳالهه اڃان ڪجهه اڳتي جي آهي. ڇو جو هُن جو ڪردار به خود شاعري آهي. آئون ائين به چوندس ته اياز رضوي پنهنجي شاعريءَ کان به ڪيئي درجا مٿي بيحد معتبر ۽ محبوب نظرياتي انسان آهي. هُو رجعت پرستيءَ جو ضد آهي. هُن طبقاتي ۽ مذهبي فرق جي ليڪن تي اڇو چُن ڦيرائي دل جي ديوار صاف ڪري ڇڏي آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 6743
  • 973
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اياز رضوي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بهارون سوڳواريءَ ۾

مهڪيا چُوڙا ماڪَ ۾

مهڪيا چُوڙا ماڪَ ۾

اڄ جڏهن ’نئين شاعري‘، هڪ طرف ’تعريف ۽ تحسين‘ جي اڏيءَ تي زخمي ٿي رهي آهي، ۽ ٻئي طرف ڪي نوان، سڌڙيا شاعر، پختگيءَ واري منزل تي رسڻ کان اڳ ئي، ڪجهه مال متاع وڪڻي، ڏوڪڙ کيسي ۾ وجهي، پبلشرن جي ڳولا ۾ نڪري پون ٿا ۽ سهڻن ٽائٽلن وارا شعري مجموعا ڇپائي، يارن دوستن ۾ ورهائيندا يا کپائيندا رهن ٿا. اهي ’مال ۽ رومال‘ (مواد ۽ معيار) جي خيال کان ايترو اثر نه ٿا ڇڏين، ڇو ته نه انهن جي ڪا درست پروفنگ ٿيل هوندي آهي ۽ نه ئي ڪا بهتر ايڊيٽنگ. نتيجي طور ڪتابن جي اڀياس جا شائق ۽ شوقين جڏهن اهڙا ڪتاب خريد ڪري وڃي پڙهن ٿا ته کين مايوسي پلئه پوي ٿي- ۽ پوءِ بهتر شاعريءَ جا ڪتاب به نظر انداز ٿيو وڃن، ائين هڪ طرف سٺن تخليقڪارن/ شاعرن سان ناانصافي ٿيو وڃي ته ٻئي طرف ڪتابن جي وڪري تي به وڏو اثر ٿئي ٿو.
هروڀرو ايئن به ڪونهي ته ڪو اڄوڪي دؤر ۾ بهترين ۽ تخليقي شاعري نه ٿي ٿئي. نئين ٽهي تمام خوبصورت شاعري ڪري ٿي، پر گهڻ ۾ معياري شاعري نظر انداز ٿيو وڃي.
اها حقيقت آهي ته ڀٽائيءَ جي دؤر کان اڄ تائين هزارين شاعر جنم ورتو آهي، پر تاريخ جي تيز طوفان ۽ ڌوڙ ئي مان ڪي ڳاڻ ڳڻيا شاعرئي، ابر ۾ آفتاب وانگر نڪري نروار ٿيا. ايئن اڄ به ٿيڻو آهي ۽ سڀاڻي به ٿيندو، اهو تاريخ جو اڻ ٽر فيصلو آهي!
ويا اڏامي ڪک
پڙ تان پاهڻ نه چُڙي
جديد سنڌي شاعريءَ ۾ سينئر ٽهيءَ کان پوءِ، جن شاعرن ڪوتا کيتر ۾ پهرين ڀرپور کيپ طور پاڻ مڃائي ورتو، تن ۾ اياز گل، شريڪانت صدف، ادل سومرو، آسي زميني، مختيار ملڪ، حليم باغي، نصير مرزا، اقبال رند، رکيل مورائي، حسن درس، وسيم سومرو ۽ اياز جاني جا نالا اهم آهن ۽ هن دؤر کي اياز گل کان اياز جانيءَ جو دؤر چئي سگهجي ٿو، ڪن نقادن نئين شاعريءَ جي هن دؤر کي انور پيرزادو کان اعجاز منگيءَ جو دؤر سڏيو آهي. پر آءٌ ۽ ٻيا سينئر ٽهيءَ کان پويان ايندڙ نئين ٽهيءَ جي پهرين کيپ جي وچ واري عرصي جا شاعر آهيون. نئين ٽهيءَ جي هنن شاعرن منهنجي نظر ۾ انور پيرزادو ۽ اعجاز منگيءَ کان وڌيڪ نئين سنڌي شاعري تي پنهنجي ڇاپ ڇڏي آهي. ٿورو ئي پوءِ احمد سولنگي، سدار نگائي، سعيد ميمڻ اڳيان آيا ۽ ڪجهه ئي سالن جي وٿيءَ کان پوءِ ايوب کوسو، روبينه ابڙو، فياض چند ڪليري، بخشل باغي، رخسانه پريت، ساحر راهو، امر ساهڙ، امر اقبال، مشتاق گبول، آس ٻٻر، اسحاق سميجو، جاويد سوز، گل گوماڻي ۽ اياز رضوي ۽ ٻيا نئين سنڌي شاعريءَ جي اُڀ تي جڳمڳائيندڙ ستارن وانگر اُڀري آيا. ۽ محسوس ٿيو ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نئين آواز ۽ لهجي سان ڪيترا خوبصورت شاعر وارد ٿيا آهن، جن ڪوتا کيتر کي سنڍ ٿيڻ کان بچائي ورتو. هنن شاعرن کان پوءِ به هڪ ٽهيءَ سنڌي جديد شاعريءَ جو مان مٿانهون رکيو آهي، جن ۾ حاجي ساند، فياض ڏاهيري، عامر سيال، امر پيرزادو، مسرور پيرزادو، فراق هاليپوٽو، رحمت پيرزادو، زبير سومرو، سائل پيرزادو، اشرف پلي، اياز امر شيخ ۽ ٻيا ڪيترا نوان نوجوان ڳڻي سگهجن ٿا ۽ ائين پوءِ به نوان آواز ايندا رهن ٿا.
هنن شاعرن جديد سنڌي شاعريءَ ۾ غزل، نظم ۽ وائي ۾ جدت ۽ نُدرت سان گڏ جيڪا خيال ۽ معنيٰ جي حسناڪي آندي آهي، ان سنڌي شاعريءَ جو ڳاٽ فخر کان اوچو ڪيو آهي.
غزل جي حوالي سان اسان وٽ سينئر شاعرن ذوالفقار راشدي، ارجن حاسد، ايم ڪمل، وفا ناٿن شاھي، واسديو موهيءَ کان پوءِ ايئن پئي سمجهيو ويو ته جديد سنڌي غزل، جنهن جو بنياد شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام وڌو شايد اهو معيار ۽ تسلسل قائم رکي نه سگهي، پر نئين ٽهيءَ مان سنڌ ۾ اياز گل ۽ هند ۾ شريڪانت صرف نئين غزل، جو حد نشان بنجي آيا ۽ نقادن جا خدشا مات کائي ويا، ۽ پوءِ اقبال رند، حسن درس، اياز جاني، رکيل مورائي، روبينه ابڙو، فياض چنڊ، رخسانه پريت، ايوب کوسي، بخشل باغي، امرساهڙ، جاويد سوز، اسحاق سميجي کان اياز رضويءَ تائين جديد سنڌي غزل، هڪ ڀيرو وري ست رنگن نقادن، جون تنقيدي تاڃيون ٽوڙي پنهنجيءَ نئين اڻت ۽ اوڄي سان اُڀري آيو ۽ اڄ سنڌي غزل تي بهار آيل آهي- اُن بهار جي سڳنڌي ماحول ۾ هڪ نالو اياز رضويءَ جو به آهي، جنهن سينئرن ۽ همعصرن جي ابتدائي اثر قبولڻ کان پوءِ پنهنجو لهجو قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اياز رضوي کي شاعري ورثي ۾ ملي آهي، هن جو نانو سيد عباس علي شاھ ڪافي جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو سلسلو ڪلاسيڪي دور جي وڏي شاعر ۽ ڀٽائيءَ جي وڏي معاصر شاھ عنات رضويءَ سان وڃي جُڙي ٿو. ايئن اياز رضوي ناناڻي نک کان شاعري ورثي ۾ کڻي اچي جديد شاعريءَ جي سٿ سان سلهاڙيو، جنهن ۾ ايوب کوسو ، امر ساهڙ، ساحر راهو، روبينه ابڙو، ابل آس ٻٻر، رخسانه پريت، اسحاق سميجو، جاويد سوز ۽ ٻي پوري هڪ ڪهڪشان شامل آهي.
عجيب اتفاق آهي ته عباس علي شاھ جي ڪافي تي به مون قلم آرائي ڪئي هئي ۽ اڄ اياز رضويءَ جي شاعريءَ، خاص ڪري سندس غزلن جو پڻ جائزو وٺي رهيو آهيان.
ايازرضويءَ جي ”اُگهي ڪير ڳوڙها“ (پهرئين شعري ڪتاب) کان ’بهارون سوڳواريءَ ۾‘ (ٻئي شعري ڪتاب) جي سفر تي نظر وجهجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته هن جي شاعري رديف ۽ قافيي پيمائيءَ تائين محدود نه آهي پر هن ڪيترن همعصرن جي ابتڙ استعارن ۽ تشبيهن جي ڀرمار کان پري رهي، فڪر ۽ خيال کي اهميت ڏني، پنهنجي سادي ٻوليءَ وارو سادو اظهار برقرار رکيو آهي. هن وڏا بحر ۽ وزنن تي گهٽ شاعري ڪئي آهي، ننڍن بحرن ۽ وزنن جو استعمال ڪري، پنهنجي غزل کي انفراديت ڏني آهي:
پرين! ڍير ڳوڙها
اُگهي ڪير ڳوڙها؟
وئين تون ۽ پهتا،
ننگي پير ڳوڙها!
اڪيلو مان، ساڳي
اُها ٻير، ڳوڙها
٭
روڄ راڙو نه ڪر
غم اگهاڙو نه ڪر
روز مون کان رُسي
تنگ پاڙو نه ڪر
پنهنجو لهجو پرين
روز ٻاڙو نه ڪر!
ننڍي بحرن ۾ لهجو وفا ناٿن شاھي ۽ اياز گل کان پوءِ، اياز رضويءَ جنهن خوبصورتيءَ سان ڪم آندو آهي، اُن سندس غزل کي انفراديت ڏني آهي، ’بحر تقارب‘ جي ٻن رُڪنن ’فعولن فعولن‘ واري مختصر سٽاءَ مان قافيو ۽ رديف ڌار ڪجن ته هر سٽ ۾ صرف هڪ هڪ لفظ بچي ٿو، پر اُن هڪ لفظ سان قافيو ۽ رديف جوڙي، جيڪي خود هڪ هڪ لفظ تي مشتمل جيڪو لهجي ۽ خيال جو سنگم جوڙيو ويو آهي، ان اياز رضويءَ جي غزل کي نواڻ ۽ اسلوب جي انفراديت بخشي آهي. مثلا ”’پرين‘ (تخاطب)هڪ لفظ آهي، ’ڍير‘ (قافيو) هڪ لفظ آهي ۽ ’ڳوڙها‘ (رديف) هڪ لفظ آهي، ۽ اهي ٽئي لفظ ملي شعر جي هڪ سٽ جوڙين ٿا ۽ ٻيا ٽي لفظ: ’اُگهي‘، ’ڪير‘ ۽ ’ڳوڙها‘ ملي ٻي سٽ جوڙين ٿا ته شعر جو بند جُڙي پوي ٿو ۽ اُن جو جيڪو تاثر اُڀري ٿو، اهو ئي غزل جي ’اشاريت‘ ۽ ’تغزل‘ کي اُڀاري بيهي ٿو ۽ اياز جو غزل ڪامياب غزل لڳي ٿو- ۽ ائين وري!
وئين تُون ۽ پهتا
ننگي پير ڳوڙها!
واري بند کي ڏسجي ٿو ته: ’هُن‘ (شاعر جي تخاطب ’تون‘) جي ’وڃڻ‘ سان ’ڳوڙهن‘ جو ’ننگي پير‘ پهچڻ واري ترڪيب، سنڌي شاعريءَ ۾ اڇت لڳي ٿي ۽ وڏي ڳالهه ته هن مختصر بحر وزن واري بند ۾ شاعر پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿيندي ڪنهن به ’محترم لقب‘ جو انتخاب نه ٿو ڪري، پر ’تون‘ جو صيغو (ضمير حاضر) ڪم آڻي ٿو، جنهن لفظ ۾ جيڪو پيار، جيڪا پنهنجائپ موجود آهي، اُها ’دلبر‘، ’دلربا‘، ’مهلقا‘، ’سڄڻ‘، ’سپرين‘ وغيره لفظن ۾ نه آهي.
اهڙيءَ ريت ’اڪيلو‘، مان، ’اُها ٻير‘ ۽ ڳوڙها، لفظن جي ميلاپ سان غزل جو جيڪو بند جُڙي ٿو، اُن جي پويان ’معصوم پيار‘، ’ڳوٺاڻي پيار‘ جو هڪ پسمنظر جُڙي، اسان جي اکين اڳيان اچي ٿو:
اڪيلو مان، ساڳي
اُها ٻير، ڳوڙها!
تصور ڪريو ته ’ٻه معصوم پريمي‘ هڪ ٻير جي هيٺيان ويهي پيار جا ناتا جوڙين ٿا، ٻير ڌوڻي ٻير ڇاڻي کائين ٿا- ۽ پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن ’معصوم عاشق‘ ساڳيءَ ٻير جي هيٺيان اڪيلو اچي بيهي ٿو، سندس محبوبا موجود نه آهي، ۽ هُن جي اکين ۾ ڳوڙها آهن! غزل ۾ هن قسم جو خيال به مختصر بحر وزن ۽ مختصر لفظن ۾، جديد سنڌي غزل، جو حسن آهي.
يا وري سندس هڪ ٻئي غزل جو بند ڏسو:
هڪ ڄار گذاري وئي،
هڪ سار گذاري وئي.
هن غزل جي بند ۾ صرف قافيي جي بدلاءَ سان ڪيڏي نه اهم ڳالهه ڪئي وئي آهي. پيار ڪندڙن ٻه دليون، جنهن ڄار (وڻ) جي هيٺيان ويهي پيار جا عهد پيمان ڪندا هئا، بيدرد زماني جي بيدرد ماڻهن اُها ’ڄار‘ وڍائي ڇڏي. شاعر ’ڄار‘ جي وڍجڻ کي ’گذارڻ‘ سان تشبيهه ڏئي ٿو ۽ گڏوگڏ اِهو اظهار ڪري ٿو ته اُن سان گڏ لفظ ڄڻ ته ” هڪ سار گذاري وئي“- ته هڪدم ’واه واه!‘ جا لفظ زبان تي تري اچن ٿا ۽ شاعر جي مشاهدي ۽ پبليڪشن کي داد ڏيڻو پوي ٿو.
اياز رضوي جي هڪ غزل جي هيٺين بندن ۾ ’رديف‘ جو ڪيڏو نه سهڻو ڀچاءَ نظر اچي ٿو:
سُتينءَ تون رات ڪمري ۾،
رُني ڳچ دير چانڊوڪي
-
انڌن جي شهر ۾ رضوي
سنڀالي ڪير چانڊوڪي
-
وڃائي هوش ويٺي آ،
ٻُڌي ڪا ڇير چانڊوڪي!
رديف جو هي سهڻو استعمال ته دل کي ڇُهي ٿو، پر خيال ۽ احساس جو حُسن، توڙي گهرائي وڌيڪ متاثر ڪري ٿي. خيال جي حُسن جو اندازو ته ڪريو، شاعر محبوبا سان مخاطب ٿيندي، سندس حسين بدن ۽ ساروپن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ جڏهن چوي ٿو ته ”تون جڏهن ڪمري ۾ وڃي سُتينءَ ته چانڊوڪي (جيڪا خود حسن جو روپ آهي) تنهنجي غير موجودگيءَ ۾ ڳچ دير تائين روئندي رهي“ – يا وري ’ناچڻيءَ جي پيرن ۾ پايل/ ڇير جي وڄت ٻُڌي چانڊوڪي پنهنجو هوش وڃائي ويهي ٿي‘- اها خيال جي حسناڪي جڏهن جديد غزل ۾ نظر اچي ٿي ته جديد شاعريءَ جو مستقبل تابناڪ نظر اچي ٿو.
يا وري هي مختصر بحر وزن واري غزل جو بند ڏسو:
روشني ٿي پوي
شاھ ڳايو وڃي!
شاھ لطيف جي شاعري ڳائڻ سان ’روشني ٿي پوڻ‘ وارو احساس ٻڌائي ٿو ته اسان جي نوجوان شاعرن ڪلاسيڪل کان نيو ڪلاسيڪيت جو جيڪو سفر ڪيو آهي، اُن ۾ هنن پنهنجي ورثي کان اکٻوٽ نه ڪئي آهي، پر اُن جي دائمي قدرن کي پنهنجو ڪيو آهي، اڄ جڏهن اونده جي قوتن جي مذهبي انتهاپسنديءَ جي روپ ۾ هن ڌرتيءَ تي يلغار ٿي رهي آهي ته اسان جو نوجوان شاعر ” شاھ جي شاعريءَ کي روشنيءَ جي علامت“ ۽ اونده جي قوتن سان مقابلي جو هٿيار سمجهي ٿو. اهڙي طرح هُو پنهنجي روشن، ماضيءَ مان اتساھ وٺي ٿو.
خون ڪري پيو نوحه جواني،
دل- دريبل تي پٿر برسيا!

غزل جي هن بند ۾ شاعر وٽ، تاريخ جو شعور ملي ٿو، مسجدن، مندرن، ڪليسائپ ۽ امام بارگاهن تي خودڪش حملن ذريعي رت جي جيڪا هولي کيڏي وڃي ٿي، ان خون کي شاعر زنده روپ ڏئي چوي ٿو ته هي بيگناھ وهندڙ خون نوحه خواني ڪري پيو، ڄڻ ته دل جي ديبل تي منجنيقن ذريعي پٿر برسن پيا!
ايازرضويءَ جي شاعريءَ جا مون جيڪي مثال ڏنا آهن، اُهي سڀ سندس پهرئين مجموعي ”اُگهي ڪير ڳوڙها“ مان ڏنا ويا آهن. سندس نئين ڪتاب ”بهارون سوڳواريءَ ۾“ ۾ به اها نواڻ موجود آهي، جيڪا سندس غزلن ۽ واين مان اُڀري اچي ٿي، مثال طور!
چئوس ڪمرو ڇڏي اچي ٻاهر
چنڊ کي انتظار ڪافي آ!

انڊلٺ جهڙو لڳندو آهي،
ڳوٺ، مٺي! تو وارو مون کي!

چاڙهيا ڪيڏا چت تي،
نشا تنهنجي نام،
چُڻيندا جي ڳوٺ ۾
مهڪيا چُوڙا ماڪ ۾.
چنڊ ڏنو پيغام:
چُڻيندا جي ڳوٺ ۾!

اياز جي نئين شاعريءَ تي آءٌ تبصرو ڪونه ٿو ڪريان، ان جي پڙهندڙ اوک ڊوک ڪندا، شال! سندس هيءَ نئين شاعري، سندس پهرين ڪتاب جو ڀرم قائم رکي!
آءٌ اياز رضوي کي هڪ مشورو ڏيندس ته شاعري ڳارائڻ جي شوق ۾ ’رضوي‘ تخلص جو استعمال گهٽ ڪري. شيخ اياز ڪٿي لکيو آهي ته (اصل لفظ ڪجهه ٻيا آهن، پر مفهوم هي آهي ته) ’تخلص، شاعر جي انا جي سڃاڻپ آهي، مون به اياز تخلص ڪافي ڪم آندو آهي، پر جيڪڏهن تخلص گهٽ ڪم آڻجي ته بهتر“- ان روشنيءَ ۾ اياز رضويءَ، ’رضوي‘ تخلص ڪم آندو آهي، ڇو ته ’اياز‘ تخلص شيخ اياز، اياز گل ۽ اياز جانيءَ کان پوءِ ڪم آڻڻ هن مناسب نه سمجهيو آهي (جڏهن ته اياز گل به محتاط رهندي ’گل‘ ۽ اياز جاني، ’جاني‘ تخلص ڪم آندو آهي) ڇو ته شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ تي ڇاپ امٽ آهي. هرشاعر کي پنهنجو ڊڪشن ۽ پنهنجي ٻولي ڪم آڻڻ کپي، جيئن هو پنهنجي لهجي مان سڃاپجي. اياز رضويءَ، رضوي تخلص ڪٿي ته بهتر ڪم آندو آهي، پر گهڻين جاين تي اجايو لڳي ٿو، ان جو استعمال جيترو گهٽائي ته بهتر. ٻي ڳالهه جيڪا رڳو اياز رضوي نه پر ڪيترن نون شاعرن تي لاڳو ٿئي ٿي ته اهي اردو شاعريءَ جي اثر هيٺ قافين ۾ اعرابن (زبر، زير، پيش) جو خيال نه ٿا ڪن. ’پَڪَ، ڪَڪِ، شڪُ’ يا اهڙن ٻين قافين جو استعمال عام آهي، جنهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، خاص ڪري اسان جا سنڌي شاعر، جن جي مادري ٻولي سرائڪي آهي سي اڪثر اها غلطي ڪن ٿا. اياز رضوي، سندس همعصرن ۽ کانئن پوءِ ايندڙ نئين ٽهيءَ جي شاعرن کي ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻ گهرجي ته جيئن جديد سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪو ٻوليءَ جو ’چنڊ–چٽاءُ‘ موجود آهي، سو برقرار رهي. اياز کي مشورو ڏيندس ته هو ڊگهن بحرن وزنن بجاءِ ننڍا بحر وزن ڪم آڻي ته بهتر ٿيندو جن تي لکيل سندس حاصل آهي.
آخر ۾ اياز رضوي لاءِ سندس همعصر دوست ايوب کوسي جا هي لفظ، پنهنجا سمجهي دهرايان ٿو ته: ’اياز رضوي، نظر انداز ڪرڻ جهڙو شاعر نه آهي‘ شال! سندس ’رنگن جي شاعري‘، ’جوڀن جي آرسيءَ‘ ۾ حسين تر رهي!

تاج جويو