ڳِٽن جي ڳوٺ ڏانهن چُمين جو پنڌ
لکجي ويل گيتن ۽ نظمن سان منسوب سي غزالي چهرا، دِلي ڪنگال پَڻي ثابت ٿيڻ ڪري، نظر ۾ ڪو گُل ئي مهڪڻ بجاءِ ٻاٻري ڪنڊي جيان چُڀي رهيا آهن.
سماج، قدرن ۽ معيارن کان خالي ٿيندو پيو وڃي دنيا جا دستور، تجارتي هَڻ وٺ جي هائيءَ ۾ ڪري صرف لوڀ لالچ جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ لاءِ، ڪا اهڙي شڪل اختيار ڪري ويا آهن، جنهن کي ڏسي برادشت ڪرڻ اهلِ ذوق لاءِ وڏو جبر آهي.
رشتا ناتا، دوستيون، دلبريون، چاهتون، مُحتبون، چور، ناتا، در دريءَ جون اک ٽيٽ شرارتون، سي مَحبوب محبت جون خاموش روايتون، تهذيبن جي ڀڃ ڊاهه ۽انسانيت جي تذليل ڪندڙ وقت جي تازين وارتائن جي واويلا ۾ ايترو ته ماٺا ٿي ويا آهن، جو سالن جون شناسايون به اجنبيت جي اُلڪي ۾ ڪنهن خوف ۾ ورتل ٿيون ڀانئجن.
اهڙي بي حسين جي سفاڪ رُت ۾ سوڍن ۽ سرويچن جي سون سَريکي سيم ”سجاول“ جي سُهڻي ۽ سُهڻائي جي سوڳوار اکين ۾ نائيندي جي عيد جا خوشبهار خواب پوکيندڙ سُشيل شاعر ۽ نهٺو نثرنگار اياز ”امر“ شيخ جو قلم، ڪيئن ٿو دلفريب مسرتن جا گيت لکي سگهي، جنهن جي نوڪ محبوب جي لب ڪِنارين جيان نازڪ نه بلڪ فرهاد جي تيشي جيان پهڻ ٽوڙ ٿي وئي آهي.
ڪنهن آس ۾ وشواس جا جيون، جيئار دلِ بهار جذبا، ديس ڌرتي جي خوشحالي جي اوج ۽ عروج جا سونهري سپنا، هڪ آٿت، هڪ آسيس، هڪ ڏڍ ۽ اڍ جيان پنهنجي ڪَلا جي ڪومل نرمل نگري ۾ تاتي، نپائي، جوان ڪري، وطن جي وجود جي ٽٽل ٽڪرن کي ميڙي، سُونهن ۽ سُرت سان سهيڙي، سميٽي ۽ سنواري، پڙهندڙ ۽ پرکيندڙ ذهنن ۾ کٿوريءَ جيان کنڊيڙڻ ۾ سوڀياوان ۽ سڦلتا ماڻي آهي، امر جي احساسن جي سِٽ سِٽ جي سُندرتا، اتهاس ۾ اَبدي امرتا کي گلقنديءَ ٻوليءَ سان ايئن نقش ڪري ڇڏيو آهي جيئن ڪو نقاش سنگمرمر جي نفيس تن تي آيتون چٽي ٿو ڇڏي.
ساحلي پٽيءَ جي ڪنهن زُبون، حال ٿاڻي جي تعَضن دار لاڪ اپ ۾، سياسي ڪيس ۾ واڙجي آيل ڪنهن بي پهچ بيگناهه باندي جي ڳهرجي ويل جسم جو رَت چوسيندڙ مڇرن کي ڪهڙي خبر...!؟ ته هن تنها انڌيري کوليءَ ۾ قيد ڏِيل جي لهوءَ ۾ سوزش انتقام جا باغيانه جذبا، جُوالا جي ”لاوا جيان اُڌما کائي رهيا آهن، يا بيوسيءَ جي احساس سببان خوف برف ٿي چُڪو آهي، ۽ اهڙِي ڪيس جو ڪرڀ اياز امر جي هنين سِٽن جو سُڏڪو ....... ٿي وڃي ٿو.......
• اسان ته دڳن ۾ مارجي ويل ديس جي دانهن جو اُهو درد آهيون،
جنهن کي وارثي جو ڪفن به وڏي مشڪل سان نصيب ٿيندو آهي.
بازارِ حسن ۾ پنهنجو پاڻ سينگاري پَکاري ويٺل هڪ رات جي ڪنوار جي نمائشي نخرن ۽ ويڪائو ادائن کي ڪهڙي خبر ته!؟ جلوا جنس ناهن هوندا، هرڪا کڄندڙ نگاهه شباب چُوس ناهي هوندي، هر دامن کي گلابي بدن پَهلوءَ ۾ پائي رکڻ جي حسرت ناهي هوندي.
دِلرُباين جي اهڙِي دڪان تي وڪامجندڙ حيا ۽ حجاب جو سيني ۾ سُور ساريندي ”امر“ جي من مان هي الفاظ ڀڙڪو کائي اٿا اُٿن ته:
• ماڻهو ته جسمن جو واپار ڪندي به شرم ئي محسوس نه ڪندا آهن،
۽ اسان ڪنهن ڪنواري جي نيڻن ۾ نهاريندي به الائي ڇو شرم ۾ ويڙهجي وِسامجي ويندا آهيون...!؟
گُلاب رُت جي عَطر بيز هوائن سان مَهڪيل بي ترس مغرور شامن ۽ چيٽي چَنڊ کي جهولَ ۾ پائي جهولندڙ راتين کي ڪهڙي خبر!؟ ته، جُدائي جو جيل ڪاٽيندڙ جوڳ ورتل جو ڀَنن، هيل ويلنٽائين ڊي. دوران وجود ۾ ڪهڙِي وِرهه جا وَڍ پوندي محسوس ڪيا هوندا، جَشن بهاران جي اُڏاريل، رنگبرنگي لَغڙن کي قيدِ تنهائي مان ڪهڙين اضطرابي نظرن سان ڏٺو هوندو ۽ چيٽ ميلن دوران اُجاڙ ڳوٺ جي هيڪل وياڪل جوانين، پوياڙي جو پنگهٽ تي ڏکڻ هير جي عنبرين جهوٽن سان ڪهڙا سور اوريا هوندا!؟ اهڙي هجر فراق جي جيءَ جهور علم جو عڪس اياز امر جي اکين ۾ ضرور چُڀيو ۽ هن چئي ڏنو ته،
• بهار رت ۾ ڇڻي ويل اُن گلاب جي درد جو قسم
تنهنجي پيار جي سار جون آڱريون اڃا تائين
منهنجي دل جي تنبوري جي تار کي ڇهاءُ ڏئي
اُن محبت جي محفل ڏي وٺي وينديون آهن،
جت پاڻ راحتن جا راڳ ڇيڙي پيار جي جنت جا ڪي جهان جوڙيا ها!!؟
• وڇوڙي جو درد ته زندگيءَ جي ڳچيءَ ۾ نانگ جيان ويڙهجي ويو آهي،
پر اڃا ته ڪٿي به محبت جي وفا جي مُرلي ٻڌڻ ۾ ئي نٿي اچي.
سمنڊ پار کان سرڪشيون ڪري ايندڙ بي روڪ هوائن کي ڪهڙي خبر!؟ ته انبن جي ڇڻي سُڪي ويل ٻُور جي من ۾ شاخن کان وِڇڙڻ جو ورلاپ اڃا ماٺو ناهي ٿيو، اڃا پَروڪي خزان ۾ ڇڻي ويل نازبوُ جي پَتڙين ۽ درگاهن تان ٻُوهاريل گلاب موتئي جي زرد خشڪ پنکڙين جي دل ۾ گل، ساٿ جو مجروح تمنائون پويان پساهه کڻي رهيون آهن، اهڙي معصوم اهنج جو ايذاءُ اياز هينئن ٿو محسوس ڪري.
• محبت جون موسمون ڄڻ وئڪيشن تي وَيل هجن،
۽ درد وڏي دهشت سان دلين مٿان ڌاڙا هڻي
هرخوشبو ٿيل خواب کي بي خوف ٿي ڀلي رهيا آهن.
مادر علمي جي هاسٽلز جي حدن کان ڏور نڪري ٽڪرين جي دامن ۾ پاڻ لڪائي، اَڪن ۽ ٿوهرن جي جُهنڊ ۾ منشيات واپرائيندڙ ٿڙيل ذهنيت کي ڪهڙي خبر!؟ ته سگريٽ جي دونهي ۾ ديس جي آئيندي جا خواب ۽ ڪيڏا ڪشالا ڪاٽي، ڪنهن آرزو ۾ جيئندڙ مائٽن جا ويساهه به اُڏامي رهيا آهن، هو سُڀاڻي جو سج بڻجڻ ته ٺهيو، ڪنهن زلزلي جي ڀيانڪ رات جي ورسيءَ جو نوحو بڻجي رهيا آهن ۽ هيءَ وقتي سُرور، کين هميشه جي حيرت ناڪ پريشاني جي پولارن ڏانهن ڌوڪي رهيو آهي. اهڙن سنڌ جي سَپوتن جي پنهنجي ”پاڻ“ کان لاپرواهي ته ”امر“ به تڙپي چئي ويٺو:
• هُو ڏس! سنڌ سڄي سُور ٿي وئي آهي
۽ تون اڃا نيڻن مان ننڊ ڪڍي اُڇلائڻ لاءِ تيار ئي ناهين!؟
• جنهن ديس جي ماڻهن جي ذهنن جو شعوري ڏيئو ئي وساميل هجي،
اُتي ته ڏينهن به رات جهڙو لڳندو آ.
• هل! ته هن درد جي ڌوڙ مان اُٿي ڪِٿ محبت جي ڪا موسيقي ٻڌون!!
ڪاري بُرقعي ۾ پنهنجو پاڻ سَميٽي بس ۾ سَوار ٿيندڙ ساڻيهه ڄائي سان ڪوششون ڪري همنظر ٿيندڙ بي ديد اکين کي ڪهڙي خبر!؟ ته بي ويس نگاهن کان ششدر ٿي ويل وينگس ڪو دلفريب منظر نه پر ڌرتي جو ننگ آهي. جنهن جي تقدس جي تعريف ڀٽائي جي بيتن ۾ به ماپجي ناهي سگهي، هوءَ جا ٻاگهي، تارا ٻائي جي روپ ۾، سُورهيائي جي تمثيل، مارئي جي روپ ۾ محبِ وطن ۽ تصوير حيا، سسئي، سهڻي، مومل ۽ نوري جي روپ ۾ پيار ۽ پريت جي علمبردار آهي جا سنڌ راڻي جي سُونهن ۽ وفا جو نڪور نمونو آهي. سماج جي اهڙِي حيا روش تي اياز اَمر اَصل سنڌي غيرت جو سيني تي گهاءُ محسوس ڪري بَدذوقين کي ڀُونڊو ڏئي ٿو ته:
• اڄ به ذليل حرڪتن جي هُل ۾ پيار جون حُسناڪيون هرڻين جيان هِيسجي جان بچائڻ جي جاڳ ۾ جلي رهيون آهن.
• هن بَدذوق دور ۾ محبتن جي مُرڪ جو زندهه رهڻ
• ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آ.
• واهياتپڻي جي ويس ۾ ويڙهيل دور، جي سيني ۾ ڪا دل ئي ناهي هوندي.
ناولن، ڪهاڻين، فلمن ۽ ڊرامن کان متاثر ٿي اخبار جي ڪا ڌيان طلب خبر بڻجندڙ چند ڏهاڙن جي شناسا نينگرن ۽ نينگرين کي ڪهڙي خبر!؟ ته پيار صرف پريمي ۽ پريميڪا درميان جُڙندڙ ڪنهن خوبصورت اشتهاري سلسلي جو نالو ناهي، بلڪه پيار پيءَ جي شفقت ۽ ماءُ جي ممتا به آهي. پيار جنم ڀومي تي سالن کان رفاقت ڏيندڙ، هڪ جيڏن ۽ همجولين جي دوستي جو به نالو آهي. اُن مٽيءَ جي وڻن ٽڻن ۽ منظرن سان گذاريل جَنب کان جوڀن تائين جي ساٿ جو نالو به پيار آهي. چند ڏينهن جي ميٺ محبت اِنهن سڀني پيار رشتن کان ڪيئن ٿي اتم ٿي سگهي. اهڙن بي سُڌ ذهنن لاءِ اياز جون هي سِٽون، نصيحت جو نُڪتو بڻجي ٿيو پون،
• هيءَ دور اُن اَلهڙ ڇوڪري جي اُداس اکين جهڙو ٿو لڳي
جيڪا پيار جي کوکلن آسرن تي
ڪنوارپ ئي ڪُهائي ويهندي آهي“.
• حسن هميشه حوس پَرستن حوالي ٿيندو رهيو آهي،
۽ حسن جي پوڄا ڪرڻ وارا فقط اکين ۾ مايوسي جا لڙڪ سمائي،
عشق جي درد جون نمازون پڙهڻ ۾ مصروف رهجي ويندا آهن.
Sea-View جي ڪِتڪايون ڪندڙ هوائن جي ڀاڪر ۾ ڊوڙي پير ڇُهندڙ لهرن جي اُوٽ ۾، نئين ماڊل جي قيمتي ڪار مان لهندڙ، بهار، ويس ۾ ملبوس، رائل فيملي جي ماڊرن ڇوڪري، جي لينس لڳل مغربي نقطهء نظر رکندڙ، خواب هستي ۾ ٻُڏل نيڻن کي ڪهڙي خبر!؟ ته لَبِ ساحل پير آڱرين جي وِٿين ۾ رهجي ويندڙ ڪنڪر گاڏڙ واري (ريت) ڪهڙي خلوص سان قدمبوسي جي روايت جيئاري آهي؟ سمنڊ جي اَٿاهه سطح تي صرف فطري نظر ئي ساگر جي سُونهن جو اندازو نٿي ڪري سگهي، اُن لاءِ اَندر جون حُسن شناس اکيون گهُرجن، جيڪي هر منظر جي چهري ۾ ڪونه ڪو حُسن، ڪا جَرڪ ڪا مُرڪ، ڪو لڙڪ، ڪا صدا ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن!؟ اهڙن ناشناس نيڻن لاءِ اياز جون هي سٽون نئين نظرئي ۽ روشن خيالي جي نينڍ بڻجيو وڃن...!!
• اَچو ته اُن اميريءَ کي ئي الوداع چئي ڇڏيون،
جنهن اندر ڪنهن به صداقت جي سُوننهن جو سفر ئي نه هوندو آهي.
۽ اُن کان بهتر آهي ته اُن غريبيءَ جو ئي گيت بڻجي وڃون،
جنهن جو ايمان هر وقت اُجرائپ سان ڀرپور هوندو آهي.
۽ جڏهن چوڏهينءَ جو چنڊ، چئنچل سُندرتائن جي شهر ”چوهڙ“ کي ڳڀرُو جو ڳل سمجهي سَراپا چَپ ٿي پوندو آهي ۽ لاکيڻو لاڙ سمنڊ جي سِيرن سان لائون لهڻ لڳندو آهي. اهڙن نيم خواب لمحن ۾ ”جلاليءَ“ جي پڙ ۾ پويتر پونم جي پهري هيٺ ننڊ پئجي ويل نياز وند نيڻن کي اِها خبر ناهي هوندي ته، خواب زمان و مڪان جي سرحدن کان آجا هوندا آهن، ساڀيان جي ضمانت ملڻ کان سواءِ به پنبڻين جي ڪنواري ڌرتي تي جنم وٺندا آهن ۽ پوءِ ڪنهن ڪوسي ڳوڙهي جيان پُوڇڙين مان ڳڙي مَرمَري رُخسار تي تابشون وکيري، ڪونج ڳچيءَ جي سوني زنجير ۾ قيد ٿي ويندا آهن، ڪا سَحر ڪا پرهه، ڪو نئون سج اِنهي وارتا جا پيرا ناهي کڻندو، ٻيڻو چهري جي وياڪلتا، الزام جي آڱرين جو هدف بڻجي ويندي آهي، ۽ هزارين شروع ٿيل قصا هڪ رات جي ڪهاڻي بڻجي ويندا آهن، ۽ حياتي، سُهاڳ، مينڌي جي گُلرنگي آس ۾، صَبر جو سنياس ڪاٽيندي رهجيو وڃي، اهڙي سُور جو پُور اياز اَمر جي ڪُک ۾ به ڪانُ ٿي کُپيو پوي ۽ هو لکي ٿو ڇڏي ته:
• منهنجي نيڻن جي مري ويل خوابن کان ڪڏهن به ڪو روئڻ هارڪو سوال نه ڪجو!
ڇو ته اُنهن وٽ هاڻ روئڻ لاءِ ڪوبه لڙڪ ناهي بچيو.
• نيڻن جي ڏوليءَ مان جواني جي ڪُنوارپ جا بُرا قيل خواب پيار جو ڪانڌپو ڳولين ٿا.
• سامايل اکين جا سُندر سپنا ته هر هر آرسون موڙيو پيا عشق ارپيندا آهن،
پَر پاڻ الئه ڇو اڃا به خاموشين جي خزائن ۾ ڇَڻيل پَن جيان پيلا ٿيندا وڃون.
اَنا ۽ انڪار جي انتهائن تي بيٺل بي ترس ماڻهن جي، ضد جي سرڪش گهوڙي جي تيزگام هٺيلين بي رُخين کي ڪهڙي خبر!؟ ته ڪٿي ڪِن جا جيون تشنگي جي تابشن ۾ ٽهڪي رهيا آهن، پيار ۽ پَرستش جا پاڪيزهه جذبا نظراندازي جي نرڳ ۾ سَڙي رک ٿي ويا. ڪٿي ڪي انيڪ اُجريون آشائون، نراسائي جي اوڙاهن ۾ گم ٿي ويون. ڪِٿي ڪو جذبات جو موجزن درياءَ سُڪي ٻيلاٽيون ٿي ويو. اهڙين مغرور ۽ ڪٺور رَوين جون روح تي رَهڙون اياز به کاڌيون ۽ پنهنجي همنشين سان همڪلام ٿي پيو ته:
• احساس کان خالي هن سماج ۾ رهڻ کان پوءِ
ڇا تو به سيني مان پيار جي دل کي ڪڍي ڇڏيو آهي؟
جو منهنجي هِن معصوم محبت تي ترس ئي نٿو اچئي
• مَنوا! ماڻهن جي مَنن کي آخر ڇا ته ٿي ويو آهي!؟
جو محبتون مُرجهاءَ جي موسم ۾ ڇڻي مَري رهيون آهن.
وشواسن ۾ ڪنهن به ويجهڙائپ جو واس محسوس ئي نٿو ٿئي،
خاموشين جي کاهين ۾ ڪِري پيل خوابن جون خوبصورتيون به
مايوسين جي ڌوڙ اندر ڌنڌلائجي اُن دور جو دستور بڻجي رهيو آهن،
جنهن جو ڪٿ به اَنت نظر ئي نٿو اچي...!!؟
تنگدِل، تنگ نظر، ڪُندَذهن ۽ ڪورِ ذوق ماڻهن جي سازشي سوچن کي ڪهڙي خبر!!؟ ته دوستي فطرت جو لازوال ۽ جنت مثال تحفو آهي، جيڪو دل جي دنيا ۾ هزارين هاڃَن هوندي به حياتي جي حُسن ۾ وڌيڪ نرملتائون ڀَرڻ ۾ ڪا ڪمي ڪونه ٿو ڇڏي. اهو رشتو جنهن لاءِ مولاءِ ڪائنات حضرت علي عليه السلام جا بي شمار ۽ مُشڪبار زرين فرمودات، هر اک موبائيل جي اسڪرين تي sms جي صورت ۾ ڏسي ۽ سماجي فلسفي جي ڪتابن ۾ پڙهي، پنهنجو اندر اُجرو ۽ ايمان تازو پئي ڪيو آهي. اهڙي رشتي ۾ خلوص جي خزائن جي کوٽ کي محسوس ڪندي اياز اَمر به هن دور جي احساساتي الميئي تي خود ڳوڙها هاريا، جن کي نثر جي مالها ۾ پوئي احساس جي ڪوههِ نور سان وڌيڪ روشن ڪري ڇڏيو، ته:
• دوستي تي وڏي دعويٰ ڪندڙ دوستو!
اچو ڪجهه اسان جي پُٺي تي ڏِنل ويساهه گهاتين جي خَنجرن جا چَهڪ به ته ڏسو!!
• مَنوا!! هن دوستي جي رشتي جي دل ۾ آخر ڪهڙي اَنا جو خنجر کُپي رهيو آهي،
جو سڀ اُجرائپون رَتورت نظر اچي رهيون آهن.
• سوچ جي سوڙهين گهٽين مان هميشه گمراهين جا ئي گس نڪرندا آهن!!
اهڙين سون سريکين، سڀاويڪ سٽن جو سَرجڻهار اياز امر شيخ، پنهنجي ادبي سفر جي ٽئي 3 ۽ نثر جي پهرين ڪتاب ”ٽٽل ٽڪرا وجود جا“ ۾ اکر اکر ۾ سُورائيتي سنسار جي سِيرون سِيرون سِرير جي هر جهير هر چيرَ تي پنهنجي پيار جا پَها رکيا آهن. هر اهنج تي سندس جيءَ کي جهٻو ۽ ڄيري کي ڄڀي ايترو ته لُهسايو ۽ لوساٽيون، جو ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ هر احساس سندس ضبط جي اکين ۾ ڄمي ويل ڳوڙهن جو لفظي نقش آهي. هن پنهنجي اَندر جي عاشق جو رومانس ۽ رُوحانيت، پيار ۽ پريت پارکو ذهنن کي چئنچل چَپن جي چُمين جهڙن جذبن سان اَرپڻ ڪري ڇڏيو آهي. اياز جي شاعراڻي اک نه صرف غربت جي گهايل ڪَشتي جهڙن نيڻن جي نياڻن ۾ بيوسي جي آلاڻ ڏِٺي بلڪه دولت جي نشي ۾ ڌت بي حِسين جي ڪٺورتا کي به مزاحمتي ۽ تنقيدي تشبيهن جي تيشي سان ڀَور ڀَور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ڪٿي کيس پنندڙ ڇوڪرين جي ڇاتين تي عياش اکين جون اُلرون جذباتي ٿيون ڪن ته ڪٿي وري روڊ تي ڏامر پکيڙيندڙ عورتن جي احساسن سان مالا مال هجڻ جي خصلت کي بيان ڪري مَن جي مئل ماڻهن جي ضمير کي دُونڌاڙيو آهي.
ڪٿي کيس دردن سان ٽمٽار دوزخ جهڙي دنيا ۾ ڪِن ڀاڪرن جي جنت جي حسرت جيءَ ۾ آرزو جي خوشبوءَ جا انگور ڦلاڙيا آهن...!!
پورهيت جي پگهر کي تازي پَڪل ماني سان مشابهت ڏيندڙ اياز A.C ۾ ويهندڙ ماڻهن جي مَن کي بَهار جي بوءُ کان خالي ڏِٺو آهي.
هو نه صرف مـﺂذن جي سڻڀي آواز کي ڪَن ڏئي ٿو پر گڏوگڏ مانيءَ لاءِ ماندي يتيم جون بکايل ڪيفيتون به ويچاري ٿو، ڪٿي وري خالقِ ڪائنات سان مخاطب ٿي اُن ڪُک کي پاراتو ڏئي ٿو، جيڪا چند گهڙين جي تسڪين جي نشاني ڪچري جي ڍير تي اڇلائي سماج ۾ پنهنجي سِيل ۽ سَت کي معصوم جيتامڙي جي خون سان وڌيڪ سونهن ڏئي سُرخرو ٿئي ٿي.
ڪٿي وري عورت سان تلخ ڪلامي ۽ سَرڪش روي سان پيش ايندڙ جُڙتو پڳدارن کي عورت جي ذات ۽ جماليات جي مهانتا ۽ پويترتا جو درس ڏئي ٿو، ڪجهه هن احساس تي به غور جي ضرورت آهي ته:
• قلندر جي ڌمال تي نچندڙ بي باڪ عورت جا احساس،
وجد جي ڪيفيت ۾ اچڻ کانپوءِ،
نينهن جي پاڪ نديءَ مان وهنجي وٺندا آهن...!!!
مقصد ته اياز جي نثر جي ترتيب ۽ تَرڪيب، خيال ۽ ادائگي، ٻولي، ادب، بي ساخته پڻ، بي باڪي ۽ اگهاڙي سچ کي ڪَڙن لفظن سان بي ججهڪ لکڻ جي جرئت جي تحسين ۽ تعريف، ويچار ۾ ايندڙ وڌاءُ جي هر وَهم کان اُتم ۽ اعليٰ آهي.
جيئن...
• سچ جي آئيني ۾ پنهنجي اُگهاڙپ جو عڪس ڏِسڻ لاءِ ڪو به تيار ئي نه هوندو آ،
باقي ٻين جي شرافت جي بدن تان لباس لاهڻ ۾ ته دير ئي نه
ڪئي ويندي آهي.
۽ هن احساس ۾ ته اياز هڪ اِهڙي حقيقت کي وائکو ڪيو آهي، جنهن کي اسان هر روز ڏسي ڪَنٽار ڪري هليا ويندا آهيون:
• پنندڙ پوڙهي فقيرياڻي کي خدا جي نالي تي خيرات ڏيڻ بجاءِ معافي جو چيو ويندو آهي،
پر جوان پينو ڇوڪري جي پوري جسم کي تَڪي ۽
ڇاتي مٿان حوس جي نگاهن جون آڱريون ڦيرڻ کانپوءِ
سيٺ مُرڪي عياشي جي احساس ۾ ٻڏي
وڏي خيرات ڏيندا آهن.
اهڙي ريت اياز جي باغِ ارم جي پَڪل انگورن جهڙي احساسن ۾ هڪ، رشڪِ فردوس سنڌ ڌرتي لاءِ هڪ امر دعا به ڪنوار جي پيشاني تي جُهومر جيان تجلا پئي ڏئي ته:
• شل سدائين ڳٽن جي ڳوٺ ڏانهن چُمين جو پنڌ جاري هجي!! (آمين).
سندس اَهڙي پريم رنگ ۾ رَچيل، راز و نياز جي روح پَرور ساعتن ۾ گهرُيل اهڙي سعادت آميز دعا سان همَه لب ۽ همه دست تي آئون به اِهائي دعا ڏيندس ته،
اياز اَمر جي تخليقن جي ڪوهه قاف تي سدا شهڪار نظمن ۽ دعاءِ بهار لکڻين جون پَريون مَستِ رقصان رهن، سندس سوچ ۽ لوچ جي ڏيئي جي جوت ۽ جرڪ ڪڏهن جَهڪي نه ٿئي ۽ سندس توسط سان ادبي کيتر ۾ نت نوان شعر و نثر جا قابلِ آفرين مجموعا وجود پذير ٿيندا رهن.
آخر ۾ آئون کيس اهڙي مختصر، پُراثر ۽ سحرانگيز سٽن ۽ حُسن تحسين تحريرن تي عقدِل سان جَس ڏيان ٿو جو اياز امر ڳڀرو پڻ کان جواني جي اهڙي حساس ۽ حُسناڪ موڙ تي ڪجهه عرصي ۾ ئي مڃتا ۽ سڦلتا جا ڪيئي مرحلا، انتهائي خوبصورتي ۽ سُرخروئي سان طئي ڪري نئين نسل ذهني صلاحيتن ۽ ادبي اهڃاڻن جو جيئرو ثبوت ڏئي، سنڌ ڌرتي جي ڏات ڌڻين جي پهرئين صف ۾ بيهڻ ۽ ڄمي رهڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. خدا کيس عشق، ايمان، ادب، آدرش ۽ احساس سميت سدا سلامت ۽ شاد رکي. آمين.
مير الهرکيو ڀنڊ
چوهڙ جمالي