منوا
آئون اُن اُميد کي آخر ڪيئن اڪليو ڇڏي ڏيان
جنهن جي منزل ئي فقط تون هُجين!!....
• منوا!
ڇا اهو الميو گهٽ آهي!؟
جو پنهنجن نيڻن جا خوبصورت ۽ جوان خواب مُحبتن جي مهڪ ماڻڻ کان اڳ ۾ ئي مار جو وڃن!.
• منوا!
هن دوستيءَ جي رشتي جي دل ۾ آخر ڪهڙي اَنا جو خنجر کُپي رهيو آهي!؟
جو سڀ اُجرائپون رَتو رَت نظر اچي رهيون آهن!.
• منوا!
جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي من جي اکين سان هڪ ٻئي جي احساسن کي محسوس ڪري وٺن ته شايد ايتريون مُنافقيون پيدا ئي نه ٿين!.
• منوا!
ڇا گُل ۽ پوپٽ به پاڻ ۾ رُسندا آهن!؟
جيڪڏهن نه ته پوءِ اهو رشتو صدين کان وٺي هڪ طرفو ڪيئن هلندو پيو اچي!!...
• منوا!
جيڪي جذبا موت جهڙن مرحلن کي به مات ڏئي پيار ڏي پنڌ ڪرڻ لڳندا آهن!
ڇا اُهي هميشھ امرتا جو اڻ کُٽ احساس بڻجي ويندا آهن!؟......
• منوا!
ڪوريءَ مٽيءَ مان گهڙا ٺاهيندڙ ڪُنڀارن جا گهڙن مٿان چٽجي ويل آڱرين جا نشان!
ڇا پاڻيارين جي چيلهن کي چُمڻ لاءِ ته نه زندهه رهجي ويندا آهن!؟.....
• منوا!
اڳي ته هن سنڌ ڌرتيءَ ۾ رُڳو سلامين جا صُبح ئي ساهه کڻندا هُئا! هاڻ اهي سڀئي الئه ڇو مُئل محسوس ٿي رهيا آهن!؟.
• منوا!
جيڪڏهن ماڻهن جو وس پُڄي ها ته چنڊ کي به وڪڻن ۾ دير نه ڪن ها!.
• منوا!
اُهي ماڻهو آخر ڪهڙي مٽيءَ مان ٺهيل هوندا آهن!؟
جن جامن هميشھ مُحبتن کان محروم هوندا آهن!...
• منوا!
مُنهنجي روح جو اُڃايل رند تُنهنجي محبوبيت جي مئخاني مان پيار جو مَڌ،
تنهنجي چپن جي پيالي مان چُميءَ جي سُرڪ جي احساس سان پي مست ٿيڻ ٿو چاهي!.
• منوا!
هر موسم ۾ تازگيءَ جو احساس تون ئي ته آهين.
• منوا!
تو جيڪي ڪلهه هوا ۾ پنهنجا ڪُنوارا ٽهڪ اُڏاري ڇڏيا هُئا
سي ته اڄ هر گُل تي گُلاب ٿي ٽڙي پيا آهن!...
• منوا!
تون بسنت جي رُت ۾ ائين وار کولي نه هلندي ڪر!
ڇو جو ڀونئورا توکي ڏسڻ کان پوءِ گُلن جي واس جو احساس ئي وساري ويهندا آهن.
• منوا!
تُنهنجو ڪُنوارپڻ ئي هڪ شاهڪار ڪتاب آهي
جنهن کي پڙهڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ ته فقط پيار جي اکين جو جاڳي پوڻ ئي ڪافي آهي!
• منوا!
ڇا تُنهنجو ۽ مُنهنجو نه ملڻ ڪنهن قيامت کان گهٽ آهي!؟
• منوا!
تُنهنجي ڪُنوارين ٻانهن مان ٽُٽل اڇين چوڙين جا اڌ،
يقينن چيٽي موسم جي پهرين تاريخ واري چنڊ کان گهٽ ناهن!
• منوا!
سچ پُڇين ته تُنهنجي مُحبت جي مهڪ ۾ ايترو ته واسجي ويو آهيان!
جو هاڻ ڪنهن به خود ڪشيءَ جي خيال ڏي دل ڌڪجڻ جو نالو ئي نٿي وٺي!...
• منوا!
ٿر جي ڀٽن تي بيٺل ٻاجهرين جي پَڪل سنگن جي سُڳنڌ به تُنهنجي پيار ارپيل پگهر هاڻن لڱن جيان پئي لڳندي آهي.
• منوا!
ماڻهن جي منن کي آخر ڇا ته ٿي ويو آهي؟
جو مُحبتون مُرجهاءُ جي موسم ۾ ڇڻي مري رهيون آهن!
وشواسن ۾ ڪنهن به ويجهڙائپ جو واس محسوس ئي نٿو ٿئي!
خاموشين جي کاهين ۾ ڪري پيل خوابن جون خوبصورتيون به مايوسين جي ڌوڙ اندر ڌُنڌلائجي اُن درد جو دستور بڻجي ويون آهن،
جنهن جو ڪٿ به انت نظر ئي نٿو اچي!
آس جي اُڃ کي ڪو به عشق جي احساس جو پاڻي پيارڻ لاءِ تيار ئي ناهي!
اُميدون اُلو هڻي سهڪي رهيون آهن!
نينهن ۾ نکريل نيڻن جي نياپن جا پنڌ ڀي پري ٿيندا وڃن
چاهتون مُئل ماحول جو روڄ بڻجي ويون آهن،
هن هيڏي وڏي وارتائن جي هوندي به الئه ڇو !؟
ماڻهو بي سُرائين کي سينن ۾ سانڍڻ جو سور ڪيئن ٿا برداشت ڪن؟
• منوا!
اڄ به آزاديءَ جي نظريي کي ناپاڪ سمجهندڙ نادان ماڻهو!
غُلاميءَ جي گند ۾ ڪوڙهه جان لڳل مرض جهڙا ذليل ڏينهن گُذارڻ کان پوءِ به الئه ڇو
عبادت گاهن ۾ وڃي گار جهڙي غليظ گُذاريندڙ زندگيءَ جي سلامتيءَ لاءِ وڏيون دُعائون گهُرندي ٿورڙو به شرم ئي محسوس نه ڪندا آهن!
• منوا!
هي مُحبتن جي موسمن ۾ بيرُخين جون بي سُرائيون ڪٿان اچي ويون آهن!؟
جو اُميدون اکين ۾ اوجاڳن جو آسمان سمائي ويٺيون آهن!
بيوفايون بي خبرائيءَ جا خنجر کڻي چاهتن جي سينن ۾ چُڀجي رهيون آهن!
۽ وقت هر ويل ويساهه گهاتين سان نوان ويس مٽائي مايوسين جي مونجهارن سان ماري رهيو آهي!
ها تڏهن ته علي حسن جي مُحبت جا معصوم خواب موت جو ماتم بڻجي بي وڙي بازار ۾ ڀيلجڻ لڳا هُئا!
ڇو جو اُن جي پيار کي ڪو به پنهنجائپ جو ڀاڪُر پائڻ لاءِ تيار ئي نه هو!
ويتر تڙپ جي تندور ۾ اُڇلايو ويو هو!
پاڻ پرهه جي پاند ۾ پويل محبوب مُرڪ جي احساس جهڙو اُجرو عاشق،
درد جي درياهه جي تيز وهڪرن سان وڙهندي ايترو ته ٿڪجي ۽ ٽُٽي پيو هو،
جو آخر جيت مار دوا پي هر اُڀي اَنا جو ڪنڌ پنهنجن پيرن تي جهُڪائي،
آخري نهار ۾ به ڄڻ ته ڪو پيار جي پُڇاءُ جو ڊگهو پنڌ ڇڏي وهائو تاري جيان وسامي ويو هُجي!!...
• منوا!
مسجد جي ممبر تي ويهي ڪڙڪ لهجي سان ماڻهن جي ذهنن ۾ قيامت جا خوف ڀريندڙ مُلن کي شايد اها خبر ئي ناهي!
ته هت هر مُفلس جي بُکايل پيٽ ۾ هر ويل هڪ نئين درد جي قيامت برپا هوندي آ.
• منوا!
جڏهن ڪويل جي ڪوڪ جا قصا وڌي وڻ ٿي پوندا آهن،
ته پوءِ بارش پنهنجا آلاچپ ٺوٺ سُڪل ڌرتيءَ جي سيني تي اچي رکندي آ،
۽ ساوا سلا ڦُٽي پوندا آهن،
گُل سونهن جي خوشبوءِ جو ويس پائي آرسون موڙي پوپٽن کي پريت جا ڀاڪُر پائڻ لڳندا آهن،
هر سوڪهڙي جي سُڃ مٿان سُهاڳ رات جهڙي ساوڪ پنهنجا سُڳنڌي واروڇائي ڇڏيندي آهي، ڳاڱيون ڳاڙها ڳل ڪري ڪنهن وهانءُ ويٺل وينگس جيان پاڻ کي وڻائڻ لڳنديون آهن،
روهيڙا به روح کي راحتن جي تازگيءَ جهڙا رنگ ارپڻ لڳندا آهن،
ڀٽن جي ڀورڙي بدن کي ڪونڀٽ به پنهنجي ٿڌي ڇانوءَ جو ڇُهاءُ ڏيڻ لڳندا آهن،
ٻاجهرين جا سنگ به سامائجي هوائن ۾ هندورو ٿي لُڏڻ لڳندا آهن،
۽ ڪارونجهر جي ڪور مٿان، مورن جا تازا ٽڙيل آلاپ ايترو ته مستيءَ ۾ مست ٿي پنهنجن پيرن سان رقص جو راڳ ڇيڙي ائين پر پکيڙي ڇڏيندا آهن،
ڄڻ ته ڪو سنڌ جي آزاديءَ جو جشن ملهائيندا هُجن!
ها، پر اهڙي محبوب موسم ۾ به اڪيلائيءَ جو احساس کڻي مُحبتن جو پاڻ ۾ نه ملڻ
آخر ڪهڙين آسن کي ويتر انڌيري جي اُڃ ۾ اُڇلائڻ ٿو چاهي!؟
• منوا!
مونکي ته اڄ به موئن جي دڙي ۾ دٻجي ويل دلبرين جي دلين جي تيز ڌڙڪڻ ائين محسوس ٿيندي آ!
جيئن ڀاڪُرن ۾ ڀريل محبوبا جا مُرڪيل ماڻا ڪُجهه چوڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا آهن
مونکي ته اڄ به اُنهن اکين جي عشق جي چانڊوڪين جا چاڳ چٽا نظر اچي رهيا آهن،
جن جي نيڻن ننڊون وساري وفائن جي وشال وادين ۾ ويهي وصل جا
وچن ڪيا هُئا
مونکي ته اڄ به اُنهن گرم ساهن جي سرگوشين جا ساز پنهنجي سيني ۾ ائين سُرندي محسوس ٿي رهيا آهن،
جيئن ٻه جسم پاڻ ۾ ملي پيار جي اُجري احساس جي اُڃ کي اُجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا آهن
مونکي ته اُنهي ناچڻيءَ جي نازن جا نکار به ايئن نظر آيا آهن،
جنهن جا گنگهرو اُن گسن جا گيت بڻيا هُئا!
جن جي منزل فقط مڃتا جي مُحبت ئي هوندي آ!
ها پر!
مونکي ته اڄ به اُن دڙي ۾ اُها درديلي دانهن به محسوس ٿي رهي آ هي
جنهن جو درد اڄ جي سنڌ جي دردن کان گهٽ نه آ!
• منوا!
تنهنجي دوريءَ جي درد،
منهنجي من کي موئن جي دڙي جي ڀٽن جيان ڀوري بي ترتيب بنائي ڇڏيو آ.
جنهن ۾ منهنجون ڪيئي آسون اڄ به لُڇي لاش ٿي رهيون آهن!
• منوا!
تنهنجي هر مُرڪ موت جهڙي مايوسيءَ لاءِ شفا جو شهر ٿي لڳي!.
• منوا!
وقت جي مُنافق ماڻهن گُلشن جي ڪوڙيل وارن تي به وڏا ٽهڪ ڏنا ها!
پر سچ پُڇين ته مُنهنجي روح جي هر خوشي خاموشيءَ جو سوڳائتو ويس ويڙهي سوچ جي گهرن ڪُنن ۾ ٻُڏي غوتا کائي جيئڻ ۽ مرڻ لڳي هُئي!
• منوا!
اسانجي خوشحال مُلڪ ۾ ته اڄ ڀي مُفلس ۽ معذور ٻارڙا ڪُتن جي لتاڙيل اروڙيءَ تان اُڇلايل اميراڻي مانيءَ جا اوباريل ٽُڪرا ميڙي،
بُک جي باهه کي اُجهائڻ لاءِ اتاولا نظر ايندا آهن!
پر پوءِ به اسانجي خوشحال مُلڪ جي کيسن جا بٽڻ غربت جي پيٽ
جو گراهه ٿي کُلڻ لاءِ تيار ئي ناهن!
• منوا!
هي ڪهڙو دور آهي؟
جنهن ۾ بمن لاءِ ته وڏيون بجيٽون رکيون ٿيون وڃن!
۽ ماڻهوءَ کي وري هڪ مانيءَ جيترو مُلهه ڀي نٿو ڏنو وڃي!...
• منوا!
هو سڀ ستارا توڏي ئي ته تڪي رهيا آهن،
اڃا به جيڪڏهن تون چهري تان چُنريءَ کي هٽائي ڇڏينءَ!
ته هو آسمان جو چنڊ اُڀرڻ ئي ڇڏي ڏي!!...
• منوا!
تون ئي ته منهنجي نظمن جي ممتاز آهين،
۽ منهنجي هر تحرير جو اڏيل تاج محل به تولاءُ ئي ته آهي...
• هر شهيد جي قبر تي وڇايل تازا گُل ڄڻ ته ڪنهن وڏي دُعا لاءِ ٻُڪ کولي بيٺا هوندا آهن.
• خُدا جي گهر ۾ آکيرو اڏيندڙ جهرڪيءَ کي ماري،
پرهيز گار تو آخر ڪهڙي ثواب کي سيني سان لڳايو آ!.
• آهي ڪو اهڙو ڌرم وير انسان؟
جيڪو مونکي به سمجهائي ته جنگين ۾ مارجي ويل معصوم ٻارن جي لاوارث بڻيل لاشن کي آخر ڪهڙي ڌرم جي پاڻيءَ سان ڌوئي پوءِ دفن ڪجي...
• ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن کي ته هر دور ۾ ڌڪا ملندا رهن ٿا!
پر هي آسمان مان ستاري کي ڪنهن ٿُڏو هڻي هيٺ ڪيرائي ڇڏيو آهي؟.
• ڇا پوپٽن جي اکين ۾ رُڳو خوشبوءِ جا ئي خواب مهڪيل هوندا آهن؟
يا سڙي ويل گُلابن جي سوڳ جا به سور سمايل هوندا آهن!؟