ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

ٽُٽَل ٽُڪرا وجود جا | نثري احساس

اياز امر شيخ جو هي نظماڻي نثر جو ڪتاب، جنهن کي هن ”نثري احساس“ جو نالو ڏنو آهي، نهايت خوبصورت ۽ دلپذير نثر سان گڏ، نازڪ، نفيس ۽ جذباتي خيالن جو پڻ نمونو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ جيڪي احساس سمايل آهن، اُهي هڪ شاعر جي مشاهداتي اک جا احساس آهن، جيڪي هن ”نظم“ بدران ”نظماڻي نثر“ ۾ لکيا آهن.
Title Cover of book ٽُٽَل ٽُڪرا وجود جا  |  نثري احساس

هر نئين صبح ٿيڻ تائين

• بانسريءَ جي بدن مان سُرن جي صدا جو سفر پيار جا پنڌ پُڇائڻ لڳو هو،
۽ مُرليون به جوڳياڻين جي جذبن کي واسينگن جيان ور وجهائي رهيون هيون،
هر نگاهه ۾ مَڌ جي خُمار جهڙو خواب جاڳيل هو، هر ڇاتيءَ ڇُهاءُ جي احساس کي اڪيلي مرڻ بجاءِ اکين ۾ انتظار جا اوجاڳا اوتي ڇڏيا ها،
عشق آرسون موڙي نئين آغاز جي آسمان ۾ اُڏامڻ لاءِ آتا نظر اچي رهيا ها!.
تڏهن ته ساڀيان جي سپنن ۾ به ڪا سُرخيءَ جهڙي سانجهه مُرڪي هُئي ۽ من ۾ محبتن جا کوڙ خيال جاڳي خوشيءَ جي سيج تي سُهاڳپڻ جي کُهنبي ويس ۾ ويڙهجڻ لڳا ها!
سا ساڀيان جنهن پنهنجي مذهب ۽ رَت جي رشتن کي به رات جهڙين رُسوائين ۾ روئندو ڇڏي پنهنجي عشق کي امر بنائڻ واري وچن سان وفا ۾ ويڙهي ورتو هو،
۽ پنهنجي نئين مذهب جو رکيل نالو ”سنڌو“ سڏرائڻ لڳي هُئي،
يقينن اُن سنڌوءَ جي ڇاتي جي ڇولين جو رقص ڀي حقيقي سنڌوءَ جي جوان لهرن کان گهٽ نه هو،
سندس هر ادا ۾ جوڀن رُت جي گُلاب جو رَس ڀريل هو، ۽ سندس چَپن جي جسم تان اُڏامندڙ ٽهڪ به محبوبيت جي گيتن جو ڪو نِکار ٿي لڳا، جن ۾ ڪنهن به بيوفائيءَ جي بازار جو عڪس نظر ئي نٿي آيو!.
ها سا ساڀيان!؟
ساڀيان جي لُٽجڻ کان وٺي سنڌو جي نئين سفر تائين الئه ڇو اُن ماڻهوءَ کي رڳو من جي مُرڪ سان ئي ڏسندي رهي،
پر ڪڏهن به اُن جي دلاسن ۾ لڪيل دغا جي درد کي محسوس ئي نه ڪري سگهي هئي.
ڇو جو پاڻ هڪ اُهو عشق بڻجي چڪي هئي جنهن کي اُجرائپ کان سواءِ ٻيو ڪُجهه به نظر ئي نه ايندو آ!
ها اَها ته هُئي سنڌو جي ساک جي سرمدي!
پر اُن بي دل ماڻهوءَ جي مُنافقين جو ڪو به هڪ روپ نه هو،
سندس هر ويس وحشتن جي وضاحتن جهڙو هو! تڏهن ته سنڌوءَ جي اڻ ڇُهيل پيار جي حُسن مان سرور جون سُرڪيون ڀري حوس جي اُڃ اُجهائڻ کان پوءِ هڪ نئين زندگيءَ کي زهر بنائڻ لاءِ ڀاڪُرن ۾ ڀري ورتائين.
يقينن اُن ماڻهوءَ جو اهڙو هر ڪردار سنڌ سان غداري ڪندڙ اُن بي ضميرن کان هرگز گهٽ نه آ، جن جا جذبا مُئل ماڻهوءَ جي بدبوءِ دار لاش کان به ابتر هوندا آهن!
۽ سنڌو اُن ذهني نامرد ماڻهوءَ مان ٻه نياڻيون ۽ هڪ پُٽ ڄڻڻ کان پوءِ تلخين جي ٻرندڙ آويءَ ۾ پَچي طلاق جيان ٿي وئي آهي.
سندس سڪون زندگيءَ جي صحرا ۾ واچوڙن جيان اُڏامي پَن پَن ٿي دربدريءَ جي ڌوڙ ڏي ڌڪجي ويا آهن! ۽ سندس جوانيءَ جا جلترنگ رنگ جيڪي آرهڙ جي اَسُر ۾ به ستارن کي سهڪائي وجهندا ها!
سي اڄ لاوارثيءَ جي لُڪن ۾ لوساٽجي ڪرب ناڪ ڳالهين جي ڳلن جا لُڙڪ بڻجي ويا هن!
ٻُڌو اٿم ته اُها سنڌوءَ هاڻ يتيم احساسن جهڙن پنهنجن معصوم ٻارڙن جي پيٽ ۾ بانبڙا پائيندڙ بي رحم بُک کي ڀرڻ لاءِ پنڻ جي رستن تي رُلندي رهي ٿي!
جڏهن ته سندس باقي بچيل جواني به ڪنهن شراب جي ڀريل گلاس کان گهٽ نه آهي!
پر پوءِ به پنهنجي عشق جي عظمت کي پاڪ رکڻ لاءِ پنهنجي جوان جسم تي ڪنهن به پليتيءَ جو پاڇو پوڻ ئي نه ڏيندي آهي!
۽ سڄو ڏينهن زماني جي ذليل زبانن جا اُگهاڙا اکر ٻُڌندي به پنڻ واري هٿ کي هيٺ نه جُهڪائيندي آ.
ڇو جو اُنهن ئي پئسن مان پنهنجن ٻَچن جي ماني ۽ پنهنجي لاءِ سستن سگريٽن سان گڏ چرس پيئڻ جي مجبوري به سَر تي سوار هوندي اٿس!
سا سنڌ جي اُجڙيل سونهن جهڙي سنڌو سڄي رات سستن سگريٽن مان دونهين دُکائي دل جي درد کي ڪُجهه لمحن لاءِ نشي سان ننڊ ڏيڻ جو سوچي وڏن سورن سان سوٽا ڀريندي سڙيل سگريٽن جيان سڙي خاڪ ٿي پوندي آهي، هر نئين صبح ٿيڻ تائين!
• حقيقت کان وڌيڪ ٻيو ڪو به حُسن ناهي!
• جيڪڏهن نفرتن جا نيڻ ننڊ سمهي پون،
ته مُحبتون مُرڻ جي مُند ڏي ڌڪجڻ جو نانءُ ئي نه وٺن!..

• اڄ به انتظاريءَ جي اُس ۾ بيهي تڙپ جي ماتم سان تنهنجي رُسوائيءَ تي نوحا پڙهيا اٿم!
• زندگيءَ ۾ جيڪڏهن پيار نه هُجي ها ته شايد انسان کي درد جيئڻ ئي نه ڏي ها...!