ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

ٽُٽَل ٽُڪرا وجود جا | نثري احساس

اياز امر شيخ جو هي نظماڻي نثر جو ڪتاب، جنهن کي هن ”نثري احساس“ جو نالو ڏنو آهي، نهايت خوبصورت ۽ دلپذير نثر سان گڏ، نازڪ، نفيس ۽ جذباتي خيالن جو پڻ نمونو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ جيڪي احساس سمايل آهن، اُهي هڪ شاعر جي مشاهداتي اک جا احساس آهن، جيڪي هن ”نظم“ بدران ”نظماڻي نثر“ ۾ لکيا آهن.
Title Cover of book ٽُٽَل ٽُڪرا وجود جا  |  نثري احساس

پنهنجي پاران

مُئل مُرڪ جو درد

ٽُڪرن ۾ ورهائجي ويل وجودن کي ميڙڻ ۽ ملائڻ لاءِ محبتن جي هٿن جو هڪ ٿي پوڻ ئي سڀ ڪُجهه آهي.
ڌرتيءَ تي ڪريل هر تازي رَت جو ڦڙو پنهنجي پيار جو پنڌ پڇائي رهيو آهي،
دربدريءَ جي ڌوڙ ۾ اُڇلائجي ويل حُسناڪيون سراپا ماتم ٿي وينديون آهن،
روح تان روهڙجي ويل خوشين جا زخم اڃا تائين زندگيءَ کي زرد بنائي رهيا آهن،
ساهن جو سلسلو سور جي سفر جو سڏ بڻجي ويو آهي، مُحبتون بي مُلهه ٿي مري رهيون آهن،
اُجرائپ جي جسم تان واهياتپڻي جي وحشي نگاهن حوس جي هٿن سان سمورا ڪپڙا چيهاڙي اُگهاڙپ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي،
دليون درد ۾ ڌڳي رهيون آهن، اکين جا آگم پلڪن جي پاندن تان لڙي لاش ٿي رهيا آهن،
سرد رات ۾ سُڏڪن جا آواز اڪيلائيءَ جو اُماس آسمان بڻجي ويا آهن،
جن کي ڪو به ڀاڪُرن ۾ ڀرڻ لاءِ تيار ئي ناهي هر ويل واويلا جي ويس ۾ ويڙهجي وسامي رهي آهي، ۽ اُداسپڻا راحتن کي رُڃ جون رولاڪيون ڏئي رهيا آهن، جن مان ڪنهن به سُٺائيءَ جو سج اُڀرندي نظر ئي نٿو اچي،
خارش ۾ ورتل ڪُتن جهڙا ته ڪئين سهڪندڙ ڪردار نه چاهيندي به نظر اچي ٿا وڃن، پر وفا ۾ ويڙهيل ڳهريل ڳالهين جا ڳوٺ ڳوليندي ڀي نٿا ملن،
وارن ۾ ويڙهيل سڳيءَ جي سونهن جو قسم!
بيوفائين باکن جهڙا بدن برباد ڪري ڇڏيا آهن، خوبصورتيون خودڪشيءَ جي خيال ۾ ختم ٿي رهيون آهن،
سجدن جهڙا صبُح بي وضوع ٿي ڀيلجي رهيا آهن،
عبادتن جا ايمان نينهن جون نمازون وڃائي ويٺا آهن،
حسرتن جا هنئيان منزلون ماڻڻ کان اڳ ۾ ئي اپاهج ٿي رهيا آهن، انتظاريءَ جي اوٽ ۾ اوجاڳيل وفائون وڇوڙن جي واٽن تي وڃائجي ويون آهن،
چڳن جا چاڳ آڱرين جو عشق وڃائي ويٺا آهن، هر راهه تي رات جهڙي رهزني پنهنجا وار وڇائي ڇڏيا آهن، مُئل مُرڪ جي درد کي ڪوبه وضاحتن جو ويس پارائڻ لاءِ تيار ئي ناهي،
سڄو ماحول ڪرڀ ناڪ ۽ رَت مان ٻُڏل رڙ جو تسلسل بڻجي تڙپي رهيو آهي،
آخر ڪهڙي احساس کي اکين تي رکي چپن جي چُمي ڏجي!
جو سڀ واحياتپڻا وسامي وڃن ۽ چاهتون اُميد جي اُڀ ۾ چنڊ ٿي اُڀرڻ لڳن، مُحبتن جا من نينهن جي نديءَ ۾ وهنجڻ لڳن، پنهنجائپون هر پليتيءَ جي پاڇي کان پاڪ رهڻ لڳن،
ها پر ڪير سمجهائي هن وقت جي وحشتن کي جن جي هٿن ۾ کنيل خنجرن مان هر وقت هڪ نئين معصوميت جي سچائيءَ جي قتل جو خون ٽمي رهيو آهي، جنهن جو خوف هر گهٽيءَ ۾ گهر ڪري ويهي رهيو آهي، ڪا به وارثي انقلاب جو آواز ٿي اُٿڻ لاءِ تيار ئي ناهي، ها تڏهن ته بيحيائين جا ڀاڪُر جوڀنن کي جنجهوري بي چسو بنائي رهيا آهن، هر ڪلي ٽڙڻ کان اڳ ۾ مُرجهاءُ جي تصور ۾ تڙپي مري رهي آهي، انصاف جون اکيون ايئن انڌيون ٿي ويون آهن، جيئن ڪو نابين انسان اوپري شهر جي رستي تي چڙهي دربدريءَ ڏي ڌڪجندو رهندو آهي، ماڻهن جا احساس به ايترا ته انڌا ٿي چُڪا آهن، جو غربت جي بُکايل پيٽ کي ماني جي گراهه جيتري به آٿت ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهن، ٻار مائرن جي سُڪل ٺوٺ سنڌوءَ جهڙي ڇاتيءَ ۾ نهاري تڙپي هميشه لاءِ ننڊ سُمهي رهيا آهن، اوجاڳا اکين ۾ پنڌ ڪندا ٿا رهن، رات جهڙا ڀيانڪ بور لمحا سانجهه جهڙي سنڌوري سينڌ کي لتاڙي پکين جي اکين ۾ ڀي اُداسيءَ جو احساس ڀري رهيا آهن، هر اُڀرندڙ ٻوليءَ کي گوليءَ جو گهاءُ چيري رهيو آ، سنڌ جي هر روز زخمي ٿيندڙ ڇاتيءَ مان رَت ٽمي رهيو آهي، جنهن جي خوشبوءِ ڪنهن کٿوريءَ کان گهٽ نه آهي، شهادتن جا شرف ماڻيندڙ منهنجي ڌرتي اڄ به آزاديءَ لاءِ پنهنجا نيڻ انتظاريءَ جي اُس ۾ وڇايو ويٺي آهي، جنهن جي هر حقيقت هڪ ڏينهن حُسن جو گُلاب ٿي ڦٽڻي آهي.
ڇو جو بارش کي ڪنهن به تلوار يا تير سان روڪي نٿو سگهجي!
ها اهڙي ئي ريت آزاد هوائن کي ڀي ڪنهن کولي ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي.!
انسان جيڪڏهن فحاشيءَ ۽ فريبيءَ جي رستن تي رُلڻ بجاءِ فرشتن جهڙا فرض سرانجام ڏيندو رهي،
ته شايد ڪڏهن به ذلالتن جي ضعيفيءَ ۾ مرڻ جهڙن موضوعن تي گفتگو ڪرڻ به گواراهه ئي نه لڳي.
هر ٽُٽل احساس جي ٽُڪرن کي ميڙڻ ئي سڀ کان وڏي مُحبت آهي، ها اهڙين مُحبتن کي ماڻڻ لاءِ مون هينئين جي هٿن سان هي نثري احساسن جو سپنو سَرجيو آهي، جنهن جي سينڌ ۾ ساڀيان جو سنڌور سجائڻ اوهان باذوق هٿن جي وس جي ڳالهه آهي، ڏسڻو فقط اهو آهي ته اُهي ٽُٽل ٽُڪرا وجود جا ڪيترين وفائن جا وجود ٿا جنمي سگهن!
آئون محترم سائين رسول بخش درس جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن طبيعت جي ناساز موسم ۾ ڀي منهنجي ڪتاب کي مهاڳ جي منزل ڏني ۽ پنهنجي پياري دوست مير الهرکيو ڀنڊ جو ڀي تهه دل سان شڪرگذار آهيان جنهن چند ڏينهن ۾ لفظن جي اُجرائپ جو آسمان اڏي منهنجن احساسن کي چنڊ جي چانڊوڪيءَ جيئان پُرنور بنايو، ۽ ادب جي چمڪندڙ ستاري ايوب کوسي جو ڀي شُڪرگذار آهيان جنهن منهنجي وکريل احساسن جي اکين تي قلم جي چَپن جون چُميون رکي بيڪ ٽائيٽل جي ڀاڪرن سان ڀيٽا ارپي انهي سان گڏ ديدار شاهه جو ڀي ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب کي سٺن لفظن جي چٽسالي جو حُسن پُڻ ڏِنو ۽ آئون انهن دوستن جو ڀي ٿورائتو آهيان جيڪي مونسان احساسي طور هر وقت گڏ رهيا،
۽ آخر ۾ اُن قابل احترام شخصيت محترم يوسف سنڌي جو ڀي ٿورائتو آهيان جنهن هي سڄو ڪم سخاوت ۽ سچائيءَ سان ڪري منهنجي احساسن جي ٽُڪرن کي ميڙي هڪ مُڪمل ڪتاب جو وجود بخشيو.
چوندا آهن ته مُنافقيون مُحبتن کي ماري ڇڏينديون آهن،
پر آئون پوءِ به اهو چوندو آهيان ته چاهتون وري به چنڊ جيئان چمڪي حقيقي حُسن نِکاري وٺنديون آهن.


سنڌ سلامت، ساٿ سلامت
محبتن ۾ ياد

اياز امر شيخ