روح مان نڪتل رڙ
پر پوءِ به مُرڪ کي مايوسي ڳڙڪائڻ وساريو ناهي
۽ درد جون اُڀيون ترارون پيار جي سيني ۾ چُڀجڻ لاءِ چمڪي رهيون آهن،!
فحاشي پيار مان ناجائز فائدو وٺي رهي آهي،
آئون اهو ئي چوڻ ٿو چاهيان ته نئين سال جو سج به ضرور قُربانيءَ جي ڳاڙهي رَت ۾ وهنجي تپي ٽامون ٿي پيون هوندو، ۽ اڄ جي ٿڌي شام به رات جي منهن تي بي سُرهائي جا ڀونڊا ڇڏي جلد لڪي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي.
آئون انهيءَ سوچ ۾ آهيان ته هر پاسي قُربانيءَ جا جانور ذبح ٿي رهيا هُئا، هر ماڻهو قُربانيءَ جي گوشت کي وڏي طلب سان حاصل ڪرڻ لاءِ بي چين نظر اچي رهيو هو، پر اوچتو شهر جي هڪ روڊ جي ڀرسان پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ تازي ڄاول ٻار جو لاش ڏسي حيرت ۽ افسوس جي ڪُنن ۾ غوتا کائڻ لڳيس!
ته اڄ قُرباني فقط جانورن جي قبول پوڻي آهي، پر هيءَ پيار جي معصوميت جي قُرباني اڄ کُليل آسمان جي هيٺان ماڻهن جي طنز ڀريل نگاهن کي نه ڪُجهه ٻُڌائي ٿي سگهي ۽ نه وري پنهنجي منهن تي هٿ رکي پاڻ کي ناجائز رَت جي ڦُڙي جي ناپاڪ نانءُ کان لڪائي ٿي سگهي!
پر افسوس مان چوڻو ٿو پوي ته اُن معصوم ٻار جي لاش کي ڪپڙي جي ڪفن بجاءِ پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ بند ڪري لاوارثيءَ جي لهرن جي حوالي ڪرڻ وارن بزدل جذبن کي آخر ڪهڙن لفظن سان ڀيٽا ڏجي؟
ائين ٿو لڳي ڄڻ ته گُهٽيل ماحول جي شفاف سيني تي ماتم جا نشان نظر اچي رهيا آهن،
گهٽين ۾ تازن ڪيرايل ٻارڙن جو رواج ڄڻ ته ماڊلنگ جيان عروج تي چڙهي رهيو آهي،
وجود جي ڪنوارپ جي بدن ۾ پيار جي بزدليءَ جو زهر ڀرجي رهيو آهي،
پر ماٺ جي منحوس موسم وات ۾ حيرت جي آڱر وجهي خاموش نهارن سان فحاشيءَ جي اُگهاڙپ کي تڪي رهي آهي
۽ شرم جي اکين ۾ درد جا ڳوڙها برف جيان ڄمي ويا آهن،
پيار جي پاڪ روح کي بي حيائيءَ جي بدبوءِ وڪوڙي وئي آهي،
اُميد جي هر ڪُنواري ڪُک ۾ ويساهه گهاتين جو خنجر کُپيل آهي، ۽ اُجرائپ جي سمورن احساسن ڀي ڄڻ ته خود ڪشي ڪري ڇڏي هُجي،
بي رحم وقت جي تيز کڄندڙ قدمن مان اُڏامندڙ دز حواسن کي ڌُنڌلو ڪري وشواسن جي ويجهڙائپ جي جسم تي وڍ وڌا آهن،
۽ پيار جي معصوميت کي حوس جي هٿن سان ڇُهي ڪميڻپ جي ڪوڙهه جو مرض ڏئي بدناميءَ جي بازار ۾ بيهاريو ويو آهي،
جت هر تماشائيءَ جي طنز اڳي ئي تير ڪمان جيان تيار هوندي آهي ته ڪهڙي شرافت جي سيني ۾ الزام تراشيءَ جو تير هڻي زخمن سان ذليل ڪجي،!
چيو ويندو آهي ته پيار جي گُل کي هڪ الڳ خوشبوءِ ٿيندي آهي، جنهن مان ڪئين حساس احساسن جا پوپٽ جنم وٺي زندگيءَ کي رنگين بڻائي ڇڏيندا آهن،!
پر هن حوس جي هٿن ۾ پلجندڙ پيار ته هميشھ حساس ۽ معصوم پوپٽن جو گلو گُهٽي روح جي رنگينيءَ جي منهن تي ڪاراڻ ملي آهي!
اَن پيار ته پنهنجائپ جي پاڪيزگيءَ کي پليتيءَ جو نانءُ ڏئي لاوارثيءَ جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي،
شايد اُن پيار جي ڪُک مان هر جنم وٺندڙ معصوم ٻار موت جهڙي مايوسيءَ ۾ گُم ٿي گهٻراهٽ جي گُمناميءَ جي قبرستان ۾ لُڇي لاش ٿيڻ ئي پسند ڪندو آهي،
پر پوءِ ڀي پيار ۾ ڪا تبديلي اچي ناهي سگهي، ها جيڪڏهن تبديلي آئي به آهي ته فقط اها ئي نظر ٿي اچي ته رات جي ڪاري اوٽ ۾ لڪي ڀاڪُرن جي گرميءَ ۾ پاڻ کي عياشيءَ جي بستري تي ڇڏي سرور ڀري ڪا ننڊ ڪري موڪلاڻيءَ وقت پگهر مان شل ٿيل آرس موڙي من جي ميرائيءَ کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻو پيو آهي،
پر افسوس ان پيار جي عياشيءَ جي بدقسمتي جو هن اُجري معاشري جي ڳالهين کان بچڻ لاءِ پنهنجي وجود جي اُمُلهه نشانيءَ کي پنهنجي ئي هٿن سان گُهٽي پيار جي پاڪ رشتي مٿان ڪاراڻ جو داغ لڳائي اُنهيءَ ٻار کي حرامين جي هجوم ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ اُن جي خاموش معصوميت کي پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ جي حوالي ڪري يا ته ڪنهن ڪچهري جي ڍير تي اُڇلايو ويندو آهي،
يا وري اُنهيءَ معصوم نفيس ٻار کي ڪو شهر جو وڏو گٽر ڳڙڪائي ويندو آهي،
ها پر ڪير سمجهائي هن پيار جي نبض ۾ حوس جي ڀريل بيوقوفيءَ کي جو هر ڳالهه کي درگُذر ڪري وري به سرور جي سمنڊ ۾ وهنجڻ جي طلب ظاهر ڪريو ڇڏي،
آوارگيءَ جي اُس ۾ خوشيءَ جا نازڪ پيرا سڙي سهڪ بڻجي ويا آهن!
زندگيءَ جي ٻانهن مان چاهت جون چوڙيون ٽُٽي چڪنا چور ٿي ويو آهن،
ڄڻ ته سُهاڳپُڻ کان اڳ هر سنڌور ڀرجڻ واري سينڌ وڌوا جو ويس پائي ڇڏيو آهي،
بي حيائيون بُڇڙائيءَ جي رستن تي رُلندي نظر اچي رهيون آهن،
من جون مُرجهايل مُحبتون ڄڻ ته ڪنهن معذور جيان گليءَ گليءَ ۾ گهلجي مري رهيون آهن،! ۽ سنڌ جي سيني تي اڄ به هر ناجائز ڪيرايل ٻار جي رَت جي ڦڙي جو درد تڙپ سان سهڪي رهيو آهي، جنهن کي فقط انسانيت ۽ احساس جي اک ئي ڏسي ٿي سگهي،!
آخر پنهنجي وجود کي ويا ڪلتا جي ويرانيءَ جي وات ۾ اُڇلائڻ بجاءِ سيني سان لڳائڻ جو سهارو ڇو نٿو ڏنو وڃي،!
احساسن جي اوچائيءَ کي سلاميءَ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ اَهو ضرور چوندس ته جڏهن اوريا نا فلاسي جو ناول ”اَڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“ پڙهڻ لڳس ته ڇا ممتا جي مڪملتا جي خوشبوءِ جا خواب منجهس مهڪي رهيا هُئا، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي اُگهاڙپ جو عڪس نظر ئي نٿو اچي، بلڪه پنهنجي وجود جي حصي اَڻ ڄاول ٻار کي ڌرتيءَ جي دل تي ڪنهن تازي گُل جيان ٽڙڻ لاءِ انتظاريءَ جي اڻانگهن سفرن کي صبر سان ڪاٽيندي پيار جي پاڪائيءَ کي پنهنجائپ جو ڀاڪُر وجهي، ڪريل جذبن جي سوچن کي اُجرائپ جو آئينو ڏيکاريو اٿس،
ته ڪٿ وري ممتا جي روپ ۾ مدر ٽريسا يتيم ٻارڙن کي گود ڏئي گُناهه جي جهوليءَ مان نڪتل معصوميت کي ثواب جهڙو سڪون حاصل ڪرايو آهي،
پر ڪير سمجهائي اُن پيار جي پاڪائيءَ کي پليتيءَ جو پوشاڪ پهرائڻ واري نظريئي کي، ته بيحيائي جي بستري تي سُمهڻ بجاءِ بيباڪي جي جاڳ سان وجود جي انمول حصي کي ممتا جي مُرڪ سان سڏي ڇاتيءَ سان لڳائي سيني جي سنڌوءَ مان کير جي ڌارا جو در کولي ڇڏجي، ته جيئن ڪنهن به تازي ڄاول ٻار جي روح مان نڪتل رڙ لاوارثيءَ جي لمحن ۾ لاش ٿي نه سگهي! ۽ پيار ڏي ويندڙ پنهنجائپ جي پيرن ۾ ڪنهن به پليتيءَ جو ڪانچ ٻيهر چُڀي نه سگهي!
۽ نه ئي حوس جي هٿن ۾ پيار جي پاڪائي جو پاند ليڙون ليڙون ٿي لُڇي سگهي...!