تنهائين جي تڙپ!
۽ هر اُڀرندڙ احساس مُحبت کان محروم ٿي ماٺ جي مايوس موسم ۾ مُرجهائجي ويو آهي،
وشواسن تي ويگاڻپ جي ولهه ڪري پئي آهي،
۽ آس اُڃايل پکيءَ جان پرڙا هڻي ٿڪجي ڪنهن ويرانيءَ جي بُکايل وات ۾ تڙپي رهي آهي.
پر پوءِ به وجود پنهنجي وڃايل وجود جي ڳولا ۾ ڪنهن رمِتي جوڳيءَ جان بن بن ڀٽڪي تنهائين جي تڙپ جي سمنڊ کي جهاڳيندي اُميد جي هر ڪُنواري سينڌ ۾ ساک جو سينڌور ڀريو آهي.
جيئن وقت جي تيز وهڪرن ۾ لُڏندڙ ۽ ٻُڏندڙ ميران جي گُنگهرن نزاڪت جي ناچ جا نعرا هڻي صداقت جي سيني ۾ سڦلتا جا ساز ڇيڙيا آهن، ته ڪٿ وري سيتا جي اکين جي سُندر باک ۾ پيار جي ڀنل پوپٽن ڀي پنهنجو پنڌ پُڄايو آهي!
پر پوءَ به الئه ڇو تنهائين جي تڙپ پنهنجي بي رحم تاريخ جو پيٽ ڀرڻ لاءِ تڙپ جو ٻج پوکي تنهائين جا تهه وڌائيندي رهي آهي، اهڙن المين کان پوءِ لاٽ جا سڀئي ليئا ڌيما ٿي ويا آهن. اُماس جي اکين ۾ چنڊ بجاءِ وحشتون تنهائين جي تڙپ جا خنجر کڻي ڀٽڪي رهيون آهن،
آئينا اُجرائپ جا عڪس وڃائي ڌنڌلائپ جي ڌوڙ سان منهن ڌوئي ويٺا آهن، آڪاس جي اکين مان گرم ڪندڙ ڳوڙها ڌرتيءَ کي ڇُهڻ کان اڳ ڄڻ ته سرد ٿي مري ويا آهن،
انا پرستيءَ جون اڄ به ساڳئي عادتون پنهنجي جستجوءَ ۾ جاري آهن، ۽ اسان سنڌ جي اکين مان ٽميل رَت جي ڳوڙهن کي ڏسي غيرت کي غلاميءَ جي زنجيرن مان آجو ڪري نه سگهيا آهيون،
ڪنهن جاءِ تي سنڌ جي ڏاهي انسان جو هي قول پڙهي حيرانيءَ جي ڇپن هيٺان دٻجڻ ۽ گُهٽجڻ لڳس ته، غلاميءَ کان وڏي ٻي ڪا گار ئي ناهي ۽ پوءَ به اسان هن غلاميءَ جي ڪوٽ ۾ رهي ڪري سوچيون ٿا ته الئه ڪيتريون گاريون سهي ماٺ جي تنهائين ۾ غرق ٿي ويا آهيون، ۽ سنڌ سراپا سُڏڪا بڻجي وئي آهي، پوءِ چاهي اُهو سُڏڪو رڙ بڻجي ڪنهن سنڌ جي ناريءَ جي ڪپيل اُرهن مان اُڀريو هجي يا ڪنهن سنڌ جي زوري عزت لُٽيل نياڻيءَ جي نيڻن مان وهندڙ زارو قطار لُڙڪن جو سمنڊ بڻجي سنڌين جي ڪپيل زبانن جو مضبوط دليل ڏيندو هُجي.
تڏهن ڀي تنهائين جي تڙپ جو تسلسل ڏينهون ڏينهن اسانجي ذهنن ۽ شعورن کي موت جهڙي مايوسيءَ جي زهر جو ڍُڪ پياري معذور ڪندو پيو اچي،
اسان ڄڻ ته درد جي ڌارا ۾ مري ويل مُرڪ جي لاش کي ڳوليندي خود لاش ٿي ويا هُجون، ڇو ته محبتن جا من مُنافقيءَ جي مٺاس تي هري ويا آهن، دوستيءَ جي به دل مان هاڻ سڙيل سگريٽ جان ساڙ جي بوءَ اچڻ لڳي آهي، ها شايد تڏهن جو اُنهيءَ نفرت جي تيليءَ کي ٻارڻ شروع ڪيو آهي، ها پر الئه ڇو اهڙن دل آزاريندڙ سانحن تي تنهائين جي تڙپ پنهنجي تاثير جي شدت گهٽ ئي نه ڪئي آهي، حواس بد حواسيءَ جي نظر جو کاڄ ٿي ويا آهن، ڪميڻپ جي ڪهاڻين جا ڪئين ڪوجها ڪردار نئين سر سَرجي رهيا آهن، ويساهه جي وضاحتن جا ورق ميرا ٿي ويا آهن. انهيءَ جي باوجود ڀي اسان جو شعوري ذهن هيڏي وڏي وارتاءَ ۽ واويلا هوندي به کدڙي جي تاڙيءَ جيترو ڀي آواز بُلند نٿو ڪري،
ته پوءَ اهڙن جذبن کي سنڌ ڌرتيءَ جي حلالي پُٽ جو سرٽيفڪيٽ يقينن ڪير به نٿو ڏئي سگهي.
سلام آ اُن سنڌ جي ڄائي ٻاگُهل ٻائي کي جنهن جنگ جي دوران پنهنجي مٿي تان چُني لاهي چيلهه تي سنڌرو ٻڌي خلجيءَ سان مهاڏو اٽڪائي سنڌيت جو پڪو ثبوت ڏئي هن دور جو ڪنڌ شرم کان هيٺ جُهڪائي ڇڏيو آهي،
کَلي جي کيسي مان کوکلن نعرن جا ڪوڙا سڪا اُڇلائڻ سان سنڌ جو سچو سپوت سڏرائي ته سگهجي ٿو، پر ٿي نٿو سگهجي.
ان ڳالهه جي سچائيءَ ۾ ڪيترو سچ آهي اهو فيصلو خود اندر جو اُجرو انسان ئي ڪري ٿو سگهي.
پر جيڪڏهن پاڻ ئي پنهنجين ويڪرين ڇاتين ۾ جهاتي پائي غور ڪيون ته ائين شايد سنڌ جي مظلوم ٻچن جو خون رائيگان ڪو نه وڃي، پر ٿيو ائين آهي جو سنڌ جو حلالي پُٽ سڏرائڻ لاءِ اسان پنهنجا الڳ الڳ سياسي دُڪان کولي انسانيت ۽ مظلوميت جي خون جو واپار ڪن ڳُجهن ادارن سان ڪري پنهنجي ڪُک کي سڻڀو رکيو آهي!
اهڙن پليت جذبن جي منهن تي بُجو رکڻ لاءِ سنڌ جي سورهيه شاعر ايوب کوسي جا احساس هينئن تي تري ٿا اچن،
تون پُڇ نه دلبرن جو تون پُڇ نه رهبرن جو،
ڪجهه هيل ئي وڪاڻا ڪُجهه پر وڪامجي ويا.
سوڳوار احساسن جون اکيون کڻي چنڊ کان پُڇڻ لڳس ته ڇا هن دور ۾ سنڌ جي روپلن جي رڙ ۽ تلوارن جا تيز تجلا رُسوائيءَ جي رات ۾ دفن ٿي ويا آهن!؟
ڇا هن دور جي بلاولن ۾ شهادت جي خوشبوءِ ئي ناهي جو گهاڻن گهرائڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي!؟
تنهن تي محبوب جي چهري جيان پُرنور چنڊ چوڻ لڳو ته عشق مري ويو آهي ۽ فطرتون فحاشيءَ جي ڪوٺي تي جام جي جهان ۾ مست ٿي پنهنجي اصليت وڪڻي ويٺيون آهن،
شايد اهڙن ئي جذبن ۽ نظرين کي مُرشد ڀٽائي به اصليت جو آئينو ڏيکاريندي چيو آ ته!
سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري،
حيف تنين کي هو ئي وطن جنهين وساريو.
پر پوءَ به ٿيو ائين آهي جو ڄڻ ته اسان جي ذهنن ۽ نظرين مٿان تنهائين جي تڙپ جي وڄ ڪري سمورا حواس لُٽي ورتا هُجن ۽ اسان گونگا بڻجي گُمناميءَ جي غارن ۾ ديش دروهين جيان مار جي ويا هُجون،
احساسن جي اوچائيءَ جا چهرا چُهڻ لئه مولانا محمد علي جو هر جو هي بيباڪ جملو جيئڻ جا دڳ ڏيکارڻ لاءِ چوي ٿو ته ”آئون غلام ملڪ ۾ رهڻ ته ڇا پر پاڻ کي دفن ڀي ڪرائڻ به پسند نه ڪندس“.
۽ اسانکي تنهائين جي تڙپ جو مرض ايترو ته وڪوڙي ۽ ڪمزور ڪري ويو آهي جو هٿن ۾ آزاديءَ جو پرچم کڻڻ ته ڇا پر قلم کڻڻ جيتري به سگهه ئي ناهي رهي،
آخر ڇو هن تنهائين جي تڙپ کي شعور جي خنجرن سان قتل ڇو نٿو ڪيو وڃي!؟
هن تنهائين جي تڙپ جي تاريخ جا ورق ڦاڙي محبتن جي ميلن جا مجموعا ڇو نٿا لکيا وڃن!؟
هن تنهائين جي تڙپ کي دلين جي ديس مان تڙي ڇو ته نٿو ڪڍيو وڃي؟
جو سنڌ اُداسيءَ جي رُت ۾ ڳلن تان ڳڙيل ڳوڙهن جي نشانن جيان ٿيندي وڃي..!