درد جو قسم
جياپي جا سڀئي جذبا مُئل محسوس ٿي رهيا آهن،
حوس کي هٿي ڏئي همت سان جياريو پيو وڃي،
سڪون جي سيني ۾ ڪئين سور سٿيا پيا وڃن.
اَمن درد جي پيرن هيٺان اچي دربدريءَ جي دز ۾ ميرو ٿي پنهنجي اصل شڪل وڃائي ويٺو آهي،
خوشيءَ جي چهري تان مُرڪن کي لُڙڪن جي روهنڊڙن سان لاٿو پيو وڃي.
ڄڻ ته نيڻن کان به خوابن جي خوبصورتي رُسي پري هلي وئي هُجي.
مايوسين جي مُک تي ڪابه مهڪ جي موسم ٽهڪ سان ٽڙيل نظر ئي نٿي اچي،
وشواس وياڪلتا جو ويس ڍڪي واويلا جي ورد ۾ مصروف آهن.
وحشتن جي واڇن مان معصوميت جو خون وهي رهيو آهي.
نفرتن جي نيڻن ۾ ڪابه تبديلي نظر ئي نٿي اچي،
چاهتن جا چنڊ گُمناميءَ جي گرهڻ ۾ گهيرجي ويا آهن.
عزتن جي اُگهاڙپ جا اشتهار بي حيائي جي بازار ۾ بي خوف ٿي وراهيا پيا وڃن.
مائرن جي مٿن تان لاٿل پوتيءَ جي پوئيواري ڪرڻ لاءِ ڪوبه جذبو جوش جي جاڳ سان نظر ئي نٿو اچي!.
آخر ڪهڙي اُميد رکجي اُن قانون مان،
جو ڄڻ ته ڪڃريءَ جي ڪوٺي تي ويٺل اُن وئشيا جيان لڳي رهيو آهي،
جنهن وٽ هر اُميد رکي اچڻ واري گراهڪ کي خوش ڪيو ويندو آهي.
پر سنڌ جي نياڻين جي لُٽيل لَڄن جي اُگهاڙي جسم کي ڪوبه انصاف جي آٿت جو لباس پهرايو نه ويندو آهي.
• سوچ جي سوڙهين گهٽين مان ته هميشه گُمراهين جا ئي گس نڪتا آهن.
• سخاوت جي سيني کي ٻه دليون هونديون آهن،
جن اندر ڪنهن ڀي لالچ جي ڌڙڪ جو در کُليل نه هوندو آهي.
• ستارن جي سيج تي صدين کان آرسون موڙيندڙ چنڊ،
ڇا تون به ڪنهن ڌرتيءَ جي چنڊ جي تلاش ۾ ته ناهين؟
جي آهين ته پوءِ خيال ضرور ڪجان،
متان توکي به پيار جي جرم ۾ ڪارو ڪري بندوق جي فائر سان ماريو نه وڃي!
• ها اچو مونکي به منصور جيان دار تي چاڙهيو!
جيئن آئون به عشق جو اَمر احساس بڻجي ساک جي سيني ۾ هر هر سَرجندو رهان.
• قلم جي اکين مان ڪرندڙ ڳوڙها آخر ڪهڙي درد مان نظم نپوڙي رهيا آهن، ڪا خبر ئي نٿي پوي!
• ذليل حرڪتن جي بي تحاشا تپش ۾ سارا شگفته جا سمورا سُندر سپنا سڙندي به موت جي ڪا نه مرندڙ ماجرا بڻجي ويا آهي.