مهاڳ : زندگيءَ جي سچائي جو شاعر
ان تناظر ۾ ڏِٺو وڃي ته اصغر جتوئيءَ جو شعري مجموعو ”پوئينءَ پهر جي چانڊوڪي ۾“ سهيڙيل شاعري جو سڀاءُ گهڻو تڻو داخليت تي آڌاريل نظر ايندو. جنهن ۾ سندن سوچ جي آزادي تخيل جا منظر اُڻيندي پسجي ٿي. سندن شاعراڻو اسلوب حقيقت ۽ احساس جي ڀرپور عڪاسي آهي، اندر جي اڪيلائي جا نوحا لکيا آهن. پر سندن سوچ ۽ لوچ ۾ سماجي اوڻاين ۽ انساني بدحاليءَ جو عڪس به چِٽو پِٽو بکي ٿو. سندن ڏات انفرادي اسلوب ۽ سچائي واري سونهن سان سينگاريل نظر اچي ٿي. جيڪا هر سچيت ۽ سيبتي تخليقڪار کي ڌار سُڃاڻپ ڏيندي آهي. هن وٽ شاعريءَ جو وچور انسانيت ۽ محبت کان ويندي بي وفائي ۽ وڇوڙي جي روايتي درد کان وٺي زندگيءَ جي تنهائي جي ڀوڳنا جي ورلاپ تائين محرومين، ذاتي پيڙاءُ ۽ مشاهدي جو اظهار ٿيل ڏِسجي ٿو. ساڳئي وقت سندن فن ۽ فڪر ۾ سماجي توڙي انساني مسئلن ۽ حقيقتن جو ڏک هڪ جهڙي اهميت جو اُهڃاڻ بڻجي اُسري ٿو.
هن مجموعي ۾ نظم، غزل، نثري نظم، گيت، بيت ۽ وايون شامل آهن. سندن غزل اسلوب ۽ سٽاءُ ۾ نهايت موزون ۽ پُختي جوڙجڪ جي سُهڻائپ جا ساکي آهن. جن ۾ هو پنهنجو پاڻ پسائي ويو آهي. مختصر وزن تي لکيل سندس غزل موضوعاتي اعتبار سان انساني فطرت جي احساسن جي ترجماني ڪن ٿا. جن ۾ وجود جو ڏُک گهڻي جاءِ والاري ٿو. هن جي غزلن ۾ جيئرن جذبن جي جهونگار بنيادي محرڪ بڻجي ويل آهي.
هر ساهه پساهه ساڻو آهي.
وقت ڄڻ ته ڪو گهاڻو آهي.
يا-
جيون سراب وانگر.
هرپل عذاب وانگر.
جتي وقت جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ هر ساهه ساڻو بڻجي وڃي ۽ حياتي جي سراب ۾ گذرندڙ هرپل عذاب ڏيندڙ ۽ عقوبت وارو هجي ته اُتي ليکڪ اکيون ٻوٽي حقيقتن کان لنوائي ڪنهن سياستدان وانگر ’سڀ ٺيڪ آهي‘، جو پرچار ڪرڻ کان لاچار هوندو آهي. هو پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي جي پرک ۽ ڪَٿ جي ڪسوٽي تي سچ کي سچائيءَ سان اظهاريندو نظر اچي ٿو. وٽن انساني گهرجن ۽ فطرت جا انيڪ مشاهدا آهن. جيئن هنن سٽن ۾ گهر کان پري رهڻ جي پيڙا کي پروڙيندي لکيو اٿن.
هر جاءِ سراءِ وانگر آهي،
گهر ته بس گهر اباڻو آهي.
هن ڀونءَ تي خوشيون به غير مشروط طور نٿيون ملن. انهيءَ احساس کي نهايت نزاڪت سان سُهڻي نموني بيان ڪيو اٿن.
خوش ٿيان ۽ کلان!
تون آءٌ پوءِ ڏِسبو.
اها حقيقت آهي ته خوش ٿيڻ لاءِ به سبب گهربل هوندا آهن. باقي هونئن ته هر ماڻهوءَ جي من ۾ سور آسيب وانگر گهر ڪري ويا آهن. جن کان هروڀرو ڪو به پنهنجو پاڻ بچائي ناهي سگهيو. اهوئي سبب آهي جو مُک تي آيل هر مرڪ اڄ پنهنجو معيار وڃائي ويٺي آهي. ڇو ته هينئر اسان تاريخ جي اُن بدقسمت دور مان گذري رهيا آهيون جڏهن سواءِ سياسي دوکن ۽ سماجي ويساهه گهاتين جي ڪجهه نظر نٿو اچي. اهڙي بي خبري واري زماني ۾ محبوب سان ملڻ وارو هڪ پل ئي زندگي بڻجي جيئاري وڃي ٿو.
پڇيائون زندگي ڇاهي؟ چيم، ”سائين،
توسان ملڻ وارو پل آ زندگي“.
نياءُ سان نبيربو ته سندس ڇند وديا تي لکيل وايون سڀني صنفن مان مٿي ڪَر کنيو بيٺيون آهن. وائي سنڌي شاعري جي نج نڪور صنف ليکي وڃي ٿي. هن صنف کي قديم کان جديد شاعري جو سرمايو مڃيو وڃي ٿو. لاکيڻي لطيف يا ڪن اڳ وارن شاعرن کان ويندي هن دور تائين گهڻي ڀاڱي هڙئي لکندڙ هن صنف کي پنهنجي شاعريءَ جي سونهن بڻائيندا رهيا آهن. ان ريت اصغر جتوئيءَ جون لکيل وايون نهايت خوبصورت، متاثر ڪندڙ توڙي اسلوب موجب ٺهڪندڙ ۽ وڻندڙ ليکبيون. جن ۾ نه رڳو رس ۽ رچاءُ جو سُريلو سنگم نظر اچي ٿو. پر تجنيس حرفي جو وڻندڙ واهپو پڻ ڪيل آهي. جيڪي منفرد موضوعن سان سنواريل آهن. پر جديد ۽ نواڻ وارين اَڇُت تشبيهن ۽ استعارن جو بهترين انداز ۽ سنڌي ثقافت ۽ ٿر جو اُهڃاڻي روپ لڳن ٿيون. جن کي قلم ڌڻي ”سُر وارياسو“ جو نالو ڏيئي نمايان ڪيو آهي. جيڪو سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين سُر جو اضافو ليکبو.
ڇائنج مون مٿان، ٿي ڇانورو گهر جو،
ڏاڍي لک لڳي پئي.
سورج هنئي آ ٽامڻي، ٿو اُٻري ڪُن ٿر جو،
ڏاڍي لک لڳي پئي.
ٻٻرن هيٺان ٻڪرڙيون، ٿيون جل پيئن جَر جو،
ڏاڍي لک لڳي پئي.
ٿي هنج ترين مون ۾، مان پاڻي ڪينجهر جو،
ڏاڍي لک لڳي پئي.
مطلب ته هن جون وايون بنهه دلڪش ۽ دلبري جي منظرنگاري ڪن ٿيون. ساڳئي ريت سندس بيت پڻ نياري رنگ ۽ ڍنگ جو ڏيک ڏين ٿا. جن ۾ هي پنهنجي ڏات جي ذميداري نڀائيندي موجوده سماجي صورتحال جو ڳوڙهو اُڀياس ڪندي نظر اچي ٿو. اڄوڪي دؤر ۾ جيئن ته امير ڏينهان ڏينهن امير ۽ غريب ويتر غريب ٿيندو وڃي. جنهن ڪري بک ۽ بدحالي قوم جو نصيب ٿيندي پئي وڃي. انهيءَ ايذاءُ کي اندر ۾ محسوس ڪندي هي شاعر انتهائي سچائي سان بيت جوڙي ٿو ته انهن مان لاکيڻي لطيف جو ”اسان اُڌارا آڻي، آونگ چاڙهيا“ واري ڪيفيت جو لقاءُ پُڻ لڪي لياڪا پائيندو نظر اچي ٿو.
چانور لپ ڪائي، نه ڪو ماني ڀور،
خالي آنڊن تي ڪيو، پاڻيءَ ڪيڏو تور،
مائڙي توتان گهور، ٻيلي ٻلڪڻ بس ڪر.
ساڳئي بک جو سور ونڊيندي بدحالي جي اوگهڙ جي وارتا ورجائي ٿو.
نٻل بتڙي تي، ليڙون، ليڙون چولڙو،
آهي انڌيارن جو، اوسيئڙن تي اولڙو،
روهه سندو رولڙو، مٺ اٽي لئه مائڙي.
ڪيڏو ڪَرب سمايل آهي هنن سٽن ۾ جڏهن هڪ انسان گهر کان بي گهر بنجي اٽي لپ لاءِ روهه جا رولڙا ڪري ٿو. ڳڀي جي ڳولا ۾ پنهنجن کان پري ٿي اوسيئڙي جا عذاب سهي ٿو.
انهيءَ حڪايت جي بيان ۾ شاعر بنهه عوامي ۽ مزاحمتي انداز اختيار ڪندي پسجي ٿو. مطلب ته هن بيت جهڙي ڪلاسيڪل صنف سان پڻ سهڻي نموني ساراهه جوڳو نڀاءُ قائم رکيو آهي. سندن نيارو ادراڪ، اسلوب ۽ انداز پڪ سان پڙهندڙن جي جيءُ ۾ اوس جاءِ والاريندو ۽ سندن هي پهريون مجموعو کين چڱن ڀلن ۽ ڳاڻ ڳڻين شاعرن جي بيهڪ ۾ آڻي بيهاريندو.
مان ۽ تون اي چنڊ! ڇاهي جي آهيون ڇڙا،
منجهه سڄي هن منڊ، ڇا ڇا ڇڙو نه آهي؟
هن بيت ۾ ڪيڏي سهڻي نموني تنهائي جو درد اظهاريو اٿن، پر ان سان گڏ ذات جي اڪيلي پڻي کي پڻ جسٽيفاءِ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي اٿن. ساڳئي ريت ساروڻين جي سور جو بيان ڪندي بنهه اُڇت استعارو ڪتب آندو اٿن. ”سار جا داڻا“ ڪيڏي نياري تمثيل آهي.
اَسُر ويل سار جا، داڻا وڌم جنڊ،
روئي ڏِنو چنڊ، پَسي پيڙا من جي.
ايئن هن جي شاعريءَ ۾ درد ۽ اُداسي جي آلاپن سان گڏ اميد جي آٿت جو اولڙو به چِٽو پسي سگهجي ٿو. اهو ئي سبب آهي. جو پاڻ اُماس جي اوندهه توڙي دهشت جي ڌپ ۾ به گل پوکڻ ۽ امن جون ڳالهيون ڪري اميد جي روشنيءَ جا ديپ ٻاريندو نظر اچي ٿو. هي انهيءَ اميد پرست ڏڍ تي دل کي آٿت ڏيندي حوصلي سان چوندو پسجي ٿو. فڪري طور هي سٽون درد جو احتساب ڪنديون نظر اچن ٿيون.
هاڻ نه ڏسندو ڪو مون کي ڪڏهن روئندو،
اٽڪيو هو ڳوڙهو، وهي ويو آهي.
ايئن هي اميد جي آڱر جهلي دلبر جي در تان مايوس موٽي ٿو، پوءِ به ان دز ۾ ڌوڙ ٿيل ڪپڙن کي اوجر جي سهائي ٿو سمجهي.
دلبر جي در جي، دز ۾ ڌوتل،
اوجر پسي ڪو، ڪپڙن ميرن جي.
مطلب ته سندن شاعري ۾ اهڙا ڪيئي حوالا ۽ تمثيلون نهايت خوبصورت ۽ پوري سگهه سان سرجيل نياري رنگ ۾ موجود ملندا. جيئن:
چميندي چميندي ڪاڪ جي خاڪ،
ميندي مُرڪي پئي، زخمي پيرن جي.
اهڙيون سِٽون سوچ جي ٻوڏار ۾ پيهي مايوسيءَ کي مات ڏينديون پسجن ٿيون ۽ اندر ۾ آس جو اُڌمون پڻ اُڀاري وڃن ٿيون.
ان ريت اصغر جتوئي جي هڪ خوبي سندن سڀاويڪ ۽ سادگي واري ٻولي کي ليکي سگهجي ٿو. جنهن ۾ آفاقيت جي رمز به آهي ته من ۾ پيهي ويندڙ سونهن ۽ جماليات جو حُسن به نشانبر ٿيندو ملي ٿو. هي پنهنجي نثري نظم ۾ وري سماج جي اڍنگن روين جي ترجماني ڪندي چٿر۽ طنز جا تير هڻندي به نٿو ڪيٻائي. جيئن حدود آرڊيننس، استحصال، حواجي ڌيءَ، سچ، دل جي ڌرتي ۽ آخري چمي وغيرهه سندن نثري نظم ”حقيقت“ ۾ ان ٽوڪ کي پوري ريت پرکي سگهجي ٿو.
جيجل مان پڙهي رهيو آهيان
رات ڏينهن هڪ ڪري
ڊگرين تي ڊگريون وٺندو ٿو وڃان
تنهنجي اٻوجهه ۽ سادڙن
سانگيئڙن لاءِ
ته جيئن آفيسر ٿي وڏو
کين ٻنهي هٿن سان لُٽي سگهان.
هن ’حقيقت‘ ۾ جتي اڄوڪي ڪامورڪي ڪرپشن کي وائکو ڪيل آهي. اُتي اسان جي قوم جي سمجهه ۽ ساڃاهه جو الميو پڻ پڌرو بيان ٿيل آهي. اهو ته علم رڳو نوڪري يا وڏن عهدن جي حصول لاءِ هوندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قوم جي ماروئڙن کي ڦرڻ ۽ لُٽڻ جو وهنوار قائم رکيو وڃي. انهن اکرن کي کڻي اسين اڻ سهائيندڙ ۽ اجوڳا ليکي سگهون ٿا، پر ان افسوسناڪ حقيقت کان لنوائي به نٿو سگهجي. بهرحال هڪ تخليقڪار جنهن معاشري ۾ جيئي ٿو، ان کي ئي اظهاري ٿو، زميني حقيقتن کان اوپري شاعري پنهنجون پاڙون ڌرتيءَ جي دل ۾ کوڙي ناهي سگهندي، جنهن ڪري ان کي دائميت جو اونو رهي ٿو.
اصغر جي گيتن ۾ سُندرتا ڀريو شاعراڻو منظر پيار جي ڀرپور عڪاسي ٿو ڪري. سندن سرجيل شاعري جتي محبت ۽ وفا سان مهڪندي معلوم ٿئي ٿي، اُتي سماجي ۽ سامراجي ڏاڍاين ۽ ناانصافين خلاف مسلسل مزاحمت ڪندي ۽ جاکوڙيندي نظر اچي ٿو. هر ڏات ڌڻيءَ کي پنهنجو انفرادي اسلوب هوندو آهي. ائين هر قلمي پورهيو به پنهنجي اسلوب توڙي فن ۽ فڪر ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. هي زندگيءَ جي وارياسي پٽن تي اوسيئڙي جي آرهڙ جهڙي تپش کي پنهنجي غزلن ۾ محسوس ڪرائي ٿو ته ڪِٿي وري وائيءَ ۾ محبت ۽ وفا جا واهڙ وهائيندو پسجي ٿو. هن جا شعر ڏک جا ڏوراپا لڳندا ته سوين سِڪ جا سنيها به اُنهن ۾ سهيڙيل ملندا. ان ڪري ڏات ۽ ڏانءُ جو هي سچائي ۽ سونهن جو سنگم تخليقڪار لاءِ پُڻ مڃتا جو مان ۽ امرتا جي سوڀ ثابت ٿيندو. شاعر جي سچائيءَ سان گهريل پرخلوص دُعا جون سٽون جنهن ۾ سندس محبت جو انوکو رنگ بکي ٿو. ايئن اسان به سندن سڦلتا لاءِ دُعاگو آهيون. ساٿ سلامت!
دُعا
شل! مون وانگر توکي،
مون سان پيار نه ٿئي،
پاسا ورائيندي ڪڏهن،
نه تنهن جي رات ڪٽي،
دوست ڪن ٺٺوليون
نه تنهنجي حالت تي
هٿ ريکائون ڏسندي
نه تنهن جي چاءِ ٺري
شل! مون وانگر توکي،
مون سان پيار نه ٿئي.
مريم مجيدي
سجاول
15 مارچ 2017ع