ڪوڙ گُلن ۾ تُريو آهي ڪوڙ گُلن ۾ تُريو آهي. سچ ڀترن جان ڀُريو آهي. تنهنجي يادن ۾ اڄ وري، جيءُ ڏاڍو جُهريو آهي. هي غزل شاهد آ، تنهنجو، سپنو هانَوَ تي هُريو آهي. ڇا سوچي نفرتون ڏِنهءِ، مون ته ڪجهه ڪونه گهُريو آهي. *